اقتدار کسجڻ جو ڏک ڪهڙو هوندو آهي، ان جو اندازو اڄڪلهه عمران خان جي ڳالهائڻ مان ٿي رهيو آهي. هن لاءِ اقتدار جي ڪرسي ائين هئي، جيئن ڪنهن ٻار لاءِ ڪو رانديڪو هوندو آهي، جنهن سان هو راند ڪندو رهندو آهي پر ڪو هن کان رانديڪو کسي وٺندو آهي ته هو روئڻ لڳندو آهي. هو پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ ملڪ ۾ ڏڦُيڙ پيدا ڪرڻ ۽ ان کان سواءِ آئين کي پائمال ڪرڻ تائين به هليو ويو هو. اڄ به هو جيڪي تقريرون ڪري رهيو آهي، يا پريس ڪانفرنسون ڪري ٿو، انهن مان به اهو تاثر ملي ٿو ته هو ڪنهن به ريت ان عمل کي قبولڻ لاءِ تيار ناهي ته هن کان اقتدار کسجي چڪو آهي. هڪ ڀيرو وري هو تڪڙيون چونڊون ڪرائي پاڻ کي اقتدار ۾ ڏسڻ چاهي ٿو.
ملڪ اڄ عمران خان فيڪٽر کي منهن ڇو ڏئي رهيو آهي؟ ان جو سادو جواب آهي، جڏهن اهي قوتون (جن جو سياست سان واسطو نه هجي) ملڪي سياست ۾مداخلت ڪنديون هجن ۽ اهي سياستدانن کي ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ جون فيڪٽريون هلائينديون هجن ته پوءِ اتي عمران خان جهڙا ماڻهو ليڊر ٿي سامهون ايندا، جن کي ماڻهو ڇوٽڪارو ڏياريندڙ سمجهندا آهن. جرمنيءَ جو هٽلر به هيرو هو، اڄ به هو ڪيترن ماڻهن لاءِ هيرو آهي. جڏهن جرمني روس ڏانهن چڙهائي شروع ڪئي ۽ گهڻو علائقو فتح ڪري اڳيان وڌڻ لڳا ته تڏهن روسي عورتون هٽلر جي فوجين کي نيرن ۾ ماکيون مکڻ پيون کارائينديون هيون، انهن جو آڌرڀاءُ پيون ڪنديون هيون پر پوءِ تاريخ فيصلو ڪيو ته هٽلر هيرو نه پر هڪ رهزن هو، جنهن رڳو جرمنيءَ کي طاقتور ڪرڻ لاءِ لکين ماڻهن جو رت وهايو.
اڄ جڏهن اسين سوشل ميڊيا تي اڌڙوٽ ڄمار وارين عورتن ۽ نوجوانن کي عمران خان نيازيءَ لاءِ پار ڪڍي روئيندي ڏسون ٿا ۽ انهن جي واتان اهو ٻڌون ٿا ته هڪ سازش ڪري عمران خان کي اقتدار کان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي ته اصل ۾ اهي سڀ ماڻهو ان کي سچ سمجهي ويٺا آهن، جيڪو بار بار عمران خان ۽ سندس چاپلوس ٽولي پاران ڳالهايو پيو وڃي. پي ٽي آءِ ڪوڙ جو ايترو ته پرچار ڪيو آهي، جو ماڻهو واقعي به اهو سمجهڻ لڳا آهن ته سچ اهو ئي جيڪو پي ٽي آءِ پاران بيان ڪيو پيو وڃي. پر ان عمل سان حقيقتون تبديل ڪونه ٿي وينديون آهن، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ سيڪيورٽيءَ جا ادارا، حڪومت ۽ عدالتون جيڪي ڪجهه بيان ڪري رهيون آهن، اهو سڀ عمران خان نيازيءَ جي بيان ڪيل ڳالهين جي ابتڙ آهي. تنهنڪري جيڪو سچ آهي، ان کي جيڪڏهن اڄ قبول نه پيو ڪيو وڃي ته سڀاڻي اهو قبوليت جوڳو ٿي ويندو ۽ پوءِ عمران خان جون ڳالهيون ماضي جو قصو ٿي وينديون.
گذريل ستن ڏهاڪن کان وٺي هن ملڪ ۾ جمهوريت ۽ جمهوري عمل سان جيڪا راند ٿيندي رهي آهي، ان جو هڪ نتيجو ته 1971ع ۾ ڏسي چڪا آهيون، جڏهن اوڀر پاڪستان ڌار ٿي ويو. هڪ اڪثريت اقليت کان آزادي ماڻي پنهنجا رستا ڌار ڪري ڇڏيا ۽ ٻيو نتيجو ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت جي صورت ۾ ڀوڳڻو پيو، ان کان پوءِ ضياءَ جي آمريت جي ڪاري رات هئي. تنهن کان پوءِ بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو پر اهو ڌڪ ۾ “ڪمپني بهادر” کي ڦٻجي ويو. هن وقت تائين “ڪمپني بهادر” کي هر هڪ ڌڪ ڦٻجندو رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اها اڃا به طاقتور آهي. اها اڃا به هن ملڪ تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪريو ويٺي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪڏهن طاهر القادري وڏو ليڊر ٿي سامهون اچي ٿو ته ڪڏهن وري خادم رضوي به ملڪي چرخي کي جام ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پر آمريت جو ماريل ملڪ ڪيستائين سياسي تجربا برداشت ڪري سگهي ٿو.
عمران خان نيازي جنهن جو وٽيءَ تي نالو ڪونه هو، ڏسندي ڏسندي هو ملڪ جو ايترو مشهور اڳواڻ بڻجي ويو جو نيٺ کيس ملڪ جي وزير اعظم جو منصب ڏنو ويو ۽ هاڻ جڏهن هن کان اهو منصب هليو ويو آهي ته هو پاڳلپڻي جي حد تائين ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. اهو ان ڪري ٿيو جو سياست جي ميدان مان سياستدانن کي ٻاهر ڪڍي سياست جون واڳون به “ڪمپني بهادر” سنڀالي ورتيون. اسٽيبلشمينٽ کي لڳو ته سياست سياستدانن جو ڪم ناهي، اهو انهن کان زور آهي، تنهنڪري ڇو نه اهڙو هائبرڊ نظام آڻجي جنهن سان سياستدانن جو گهيرو تنگ ڪري انهن کي ديوار سان لڳائجي ته جيئن ملڪي معاملن کي پنهنجي مرضيءَ سان هلائي سگهجي. پر هن سڄي تجربي ۾ سياسي ڌرين کان وڌيڪ ناڪامي اسٽيبلشمينٽ جي هئي، جنهن ظاهري طور ته ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک کي بحال ڪرڻ تي چاهيو پر اهي ٻئي ڪم ڪونه ٿي سگهيا. ان جي ابتڙ نه رڳو ملڪ سياسي اڪيلائيءَ ۾ هليو ويو پر عالمي سطح تي بدنامي به ٿيندي رهي. ان کان سواءِ اهي سوال پڻ اٿندا رهيا ته پاڪستان ۾ جيڪو جمهوريت ڍانچو نظر اچي رهيو هو، اهو بلڪل غيرجمهوري هو. ڇاڪاڻ ته ان کي هائبرڊ نظام قرار ڏنو پئي ويو. اهڙي ريت پي ٽي آءِ پاران هڪ اهڙو سياسي ڪلچر ۽ ڪيڊر پيدا ٿي ويو آهي، جيڪو گارگند ۽ سياستدانن، صحافين ۽ ساڃاهه وندن جي ڪردار ڪشي ڪرڻ وارو آهي.
ان ڪلچر جو موجد عمران خان آهي، جيڪو پنهنجي تقريرن ۾ سياستدانن جا نالا ڦٽائڻ کان وٺي انهن کي ڌمڪيون ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهندو رهيو آهي. تنهنڪري هن جي سياسي ڪارڪنن جي تربيت به ساڳي ٿي رهي آهي. هاڻوڪي حڪومت کي امپورٽيڊ حڪومت چيو پيو وڃي پر هي حڪومت جمهوري عمل وسيلي اڳوڻي وزير اعظم خلاف عدم اعتماد آڻي پوءِ عمل ۾ آئي آهي. هن حڪومت کي ڪهڙُو به نالو ڏنو وڃي پر وري ان کي ياد سندس ڪارڪردگيءَ جي ڪري ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب وئي ته سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو، جيڪڏهن نه ته ان کي به اڳوڻي حڪومت جو تسلسل ئي سمجهيو ويندو.
هن وقت اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيڪڏهن عمران خان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته ملڪ ۾ وڏي تباهي اچي سگهي ٿي. جن عمران خان کي ميدان ۾ لاٿو هو، اهي اهو ميدان ڪنهن ٻئي کي به سجائي ڏئي سگهن ٿا ۽ شيخ رشيد جهڙا فوج جي حوالي سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ بيان بازي به ڪري رهيا آهن پر في الحال جيڪي حالتون آهن، انهن مان لڳي ٿو ته عمران خان لاءِ ايندڙ وقت بهتر نه هوندو. ڇاڪاڻ ته سندس حڪومت جا جيڪي پينڊورا باڪس کلي رهيا آهن، انهن مان اهو به ظاهر ٿي رهيو آهي ته هو ڪيترو ايماندار وزير اعظم هو.
پر سڀني ڳالهين جي هوندي به اهم سوال اهو آهي ته ڇا ملڪ جي سياست ۽ جمهوريت پسند پارٽيون واقعي به ڪڏهن آزاد ٿي سگهنديون يا ايندڙ وقت ۾ سياسي تجربن جو سلسلو “ڪمپني بهادر” جاري رکندي پئي ايندي؟