ملڪ جون طاقتور قوتون ته ظاهري طور تي نظر نه اچي رهيون پر منظر تي جيڪي سياسي ايڪٽرز موجود آهن، اهي زورآزمائي ڪري رهيا آهن. هڪ طرف اتحادي حڪومت آهي، جيڪا لڳاتار اڳتي وڌي رهي آهي، ڪجهه اهڙا فيصلا ڪرڻ واري آهي، جيڪي عوام ۾ موجوده حڪمرانن لاءِ شڪ ۽ شبها پيدا ڪندا. ٻئي پاسي عمران خان آهي، جيڪو انتهائي زخمي حالت ۾ طاقت جو استعمال ڪرڻ گهري ٿو، هن جو انداز ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن جمهوري اڳواڻ وارو نظر نٿو اچي، پر هو ملڪ جي ادارن ۽ عوام کي نقصان پهچائڻ گهري ٿو، جنهن سان نتيجا به ڪي بهتر نه نڪرندا، ان ڪري عمران خان جيڪو ڪجهه ڪرڻ گهري ٿو، ان لاءِ ضروري ناهي ته هو ڪامياب ٿئي، پر هو پنهنجي پير تي ڪهاڙا هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن سان ڪنهن ٻئي جو ڪجهه بگاڙي سگهي يا نه پر پنهنجو سياسي مستقبل اونداهو ضرور ڪري رهيو آهي. عمران خان جا مخالف چون ٿا ته هن وٽ عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به ناهي ۽ هن جون گدڙ ڀڀڪيون، رڳو تا واري ڪيفيت پيدا ڪري سگهن ٿيون. جيڪڏهن ڪو رياست سان وڙهڻ گهري ٿو ته ان جا ڪيترائي مثال موجود آهن، جن جي هڪڙي ڪال تي لکين ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا ۽ ڪراچي جهڙن شهرن جي زندگي به معطل ٿي ويندي هئي، پر نتيجو ڪهڙو نڪتو؟ سڀني جي سامهون آهي، ان ڪري زميني حقيقتن سان گڏ سياست ڪرڻ ضروري آهي. هي اهو ملڪ ناهي، جتي سمورا ادار مڪمل طور تي آزاد هجن ۽ اهي پنهنجي مرضي سان فيصلا ڪندا هجن، هن ملڪ ۾ Manipulation عام آهي، ان ڪري جيترو اسپيس آهي، ان ۾ اڳتي وڌڻو آهي ۽ وڌيڪ گنجائش پيدا ڪرڻي آهي ته جيئن عوام جي ڀلائي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهجي.
عمران خان پنهنجن حامين کي لڳاتار چارج ڪرڻ لاءِ اهڙا ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن سان ٽڪرا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن کي سمورا ادارا، اتحادي حڪومت جا حامي لڳن ٿا. هي به هڪ ذهني ڪيفيت آهي، جنهن ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ هن کي پنهنجو وجود به دشمن لڳندو آهي. عمران خان جي سازش واري بيانيي بابت سندس مخالفن جو خيال آهي اهو پِٽجي ويو آهي، پر ان جي باوجود هو سپريم ڪورٽ تي زور ڀري رهيو آهي ته اها مبينه سازش جي جاچ ڪري. جيڪڏهن عمران خان سنجيده آهي ته ان لاءِ هن کي يا ان جي ڪنهن حامي کي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن هو سمجهي ٿو ته عدالت پاڻمرادو نوٽيس وٺندي ته شايد اهو ممڪن ناهي، موجوده سپريم ڪورٽ، ورلي پاڻمرادو نوٽيس وٺندي رهي آهي. اها ڳالهه به سمجهڻ جهڙي آهي ته پاڻمرادو نوٽيس ڪنهن اهم عوامي اشو جي بنياد تي ورتو ويندو آهي، هي خالص سياسي نوعيت جو معاملو آهي، ان ڪري عمران خان پنهنجن وڪيلن سان مشورو ڪري.
عمران خان جيڪڏهن آئيني ادارن جي سربراهن کي نشانو بڻائيندو، يا انهن کان استعيفائون گهرندو ته ان لاءِ هن کي جسٽيفاءِ ڪرڻو پوندو. مثال طور هو عام ميڊيا جي اڳيان اچڻ بدران پنهنجن پراڪسيز ذريعي معاملا فيڊ ڪرڻ چاهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن ميڊيا کي جيڪي پنهنجي دور ۾ ٽانڊا ڏنا، اها هاڻ ڪوبه موقعو هٿان نه وڃائيندي، ان ڪري عمران خان ڪنهن به صورت ۾ ميڊيا ڊارلنگ به نه رهيو آهي، اهي چينلز جيڪي کيس سپورٽ ڪندا هئا، اهي به آهستي آهستي ڪاروباري مفادن کي سامهون رکندي “نيوٽرل” ٿي رهيا آهن ۽ مستقبل قريب ۾ هي صورتحال بهتر ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب ٿيندي ۽ عمران خان پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو. هينئر جيڪي ماڻهو هن جي چوڌاري گهمي رهيا آهن، ممڪن آهي ته ڊگهي عرصي تائين اهي هن سان گڏ هلي نه سگهن ۽ عوامي جدوجهد انتهائي مشڪل هوندي آهي، عمران خان وٽ سياسي ۽ ريڊيڪل ڪيڊر به ناهي، ان ڪري هن کي پنهنجا پير سنڀالي هلڻ گهرجي. هينئر هو هڪ ئي وقت اتحادي حڪومت جي اهم اڳواڻن کي ته نشانو بڻائي رهيو آهي، پر ٻن اهم ادارن کي به اکيون ڏيکاري رهيو آهي، هڪ طرف هو آرمي چيف جي خلاف سڌي يا اڻ سڌي طريقي سان مهم هلائڻ گهري ٿو، ٻئي طرف هن کي خطرو آهي ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ تي پابندي مڙهي سگهي ٿي يا وري عمران خان کي نااهل به قرار ڏئي سگهي ٿي. ان ڪري هو مطالبا ڪري رهيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سان گڏ سموري اليڪشن ڪميشن استعيفا ڏئي. جنرل باجوه ته ڪجهه مهينن کانپوءِ پنهنجو مدو پورو ڪري ويندو ۽ ان جي اداري اڳ ئي سندس رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پر چيف اليڪشن ڪمشنر يا سموري اليڪشن ڪميشن آئيني انداز سان ويٺل آهي ۽ ان کي ويهارڻ وارو به عمران خان پاڻ آهي. اليڪشن ڪميشن ماضي قريب ۾ جيڪي فيصلا ڪيا، اهي ڪنهن کان به ڳجها ناهن. جيستائين منع ٿيل فارين فنڊنگ جو معاملو آهي ته هي ڪيس عمران خان جي سياسي مستقبل جو فيصلو ڪندو. ڪنهن به سياسي پارٽي يا ان جي سربراهه تي پابندي مڙهڻ ڪا سٺي ڳالهه ناهي، ان جا نتيجا هميشه خطرناڪ رهيا آهن، پر جيڪڏهن ڪو آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ته ان کي قيمت ته ادا ڪرڻي پوندي. بهرحال هو جيڪو گس اختيار ڪري رهيو آهي، ان سان سماج ۾ وڏي ڳڙٻڙ پيدا ٿيندي، جيڪا انارڪي جي حد تائين وڃي سگهي ٿي.
موجوده سياسي منظرنامي ۾ اتحادي حڪومت ڪجهه اهڙا فيصلا ڪرڻ واري آهي يا طئي ڪري چڪا آهن، جيڪي هاڪاري ۽ ناڪاري ٻنهي نوعيتن جا آهن. مثال طور گهرو وزير راڻا ثنا الله پاڻ کي گهڻو wise man ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن کي ان وزارت تي رڳو ان ڪري آندو ويو هو ته جيئن عمران خان کي پنهنجن حدن ۾ رکي سگهجي. پر هن جو هي اعلان ته ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان اٽڪل 3 هزار ماڻهن جا نالا ڪڍيا ويندا، ان حوالي سان نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز سميت 100 اهم شخصيتن جا نالا ڪڍيا ويا. بقول راڻا جي ته اهي نالا سياسي دشمني جي بنياد تي شامل ڪيا ويا. انهن ۾ يقينن اڪثريتي نالا اڳوڻن حڪمرانن جي مخالفن جا آهن. اڳوڻن حڪمرانن اکيون ٻوٽي لسٽ ۾ نالا شامل ڪيا، هي ڪم انهن کان اڳ ۾ (ن) ليگ جي حڪومت ۾ چوڌري نثار علي به ڪيو هو. پر هاڻ هي طئي ٿيو آهي ته نه فقط ٽي هزار نالا اي سي ايل مان خارج ٿيندا، پر نئين حڪومت اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪرڻ لاءِ نئون طريقيڪار به جوڙيندي، هنن هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪا ڪنهن به شخص جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ کان اڳ ان جو قانوني جائزو وٺندي. ان سان گڏ ڪميٽي لا ضروري هوندو ته اها خطرناڪ ڏوهارين جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪري ڇڏيا ته ان فيصلي کي عدالت ۾ ثابت به ڪرڻو پوندو. ان سان گڏ جنهن به شخص جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو ته اهو 120 ڏينهن اندر پاڻمرادو خارج به ٿي ويندو.
وزير اعظم شهباز شريف پنهنجي پهرين دوري تي ڪوئيٽا ويو، جتي هن جو چوڻ هو ته هو مسنگ پرسنز واري معاملي کي بااختيار ڌرين اڳيان اٿاريندو ۽ معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. جيڪڏهن ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو اهو چئي ته هو بااختيار ڌرين سان ڳالهائيندو ته ان سان ڪيترائي شڪ ۽ شبها پيدا ٿين ٿا. جيڪڏهن هن کي بلوچستان اچڻو هو ته کيس خبر هئي ته بلوچ ان اهم مسئلي کي اٿاري سگهن ٿا، ان ڪري هن کي اڳ ئي بااختيار ڌرين سان معاملا طئي ڪري اچڻ گهرجي ها. جيڪڏهن هو پنهنجي پهرين دوري تي مسنگ پرسنز جي مسئلي کي حل ڪرڻ جو ڪو فارمولو پيش ڪري ها يا ڪجهه ڪيسن ۾ ماڻهن کي رليف ملي ها ته اها حڪومت جي وڏي ڪاميابي ليکي وڃي ها. وزير اعظم پاران اهڙا جملا چوڻ اصل ۾ ان جي ڪمزوري کي ظاهر ڪن ٿا.
ٻي اهم ڳالهه جيڪا عام ماڻهوءَ سان جڙيل آهي، اها وڌيڪ ڌيان لهڻي ٿي. ناڻي جو وزير مفتاح اسماعيل واشنگٽن ويو، جتي هن آءِ ايم ايف جي عملدارن سان ملاقات ڪري اشارو ڏنو ته هو پيٽرول تي سبسڊي کي ختم ڪرڻ گهرن ٿا، جنهن سان پيٽروليم شين جي اگهه ۾ وڏو اضافو اچي ويندو. ملڪ ۾ اڳ ئي آبادي جو وڏو حصو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گهاري ٿو، حڪومت پيٽرول جي شين جي اگهه ۾ واڌ ڪئي ته ان سان وڏي پيماني تي گوڙ ٿيندو ۽ عوام موجوده ۽ اڳوڻن حڪمرانن کي ساڳي صف ۾ بيهاري ڇڏيندو. ڀلي حڪمران سبسڊي نه ڏين، پر هو پيٽروليم شين جي اگهه کي Rationalize ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن ڊيولپمينٽ چارجز خاص ڪري ليويز واپس ورتيون وڃن، سيلز ٽيڪس کي گهٽايو وڃي ۽ اهم ڳالهه هي ته حڪمرانن 100 سيڪڙو پيٽروليم شيون امپورٽ نٿا ڪن، جيترو تناسب پيٽرول هو ٻاهران گهرائين ٿا. ان مطابق اگهه ۾ واڌ ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته 70سيڪڙو پيٽرول اسان جي ملڪ جو آهي، ان تي اگهه ۾واڌ ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟ جيڪڏهن حڪمران عوام دوستي جو مظاهرو ڪن ته پيٽروليم شين جي موجوده قيمت ۾ اڌو اڌ گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي. وزير اعظم شهباز شريف کي عام ماڻهو جو احساس ڪرڻ گهرجي ۽ ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل جي چڪر ۾ نه اچڻ گهرجي.