ڀِٽائيءَ کي سمجهڻ ايترو سولو ناهي پر ڪوشش ڪاميابيءَ جي ڪُنجي آهي. ڀِٽائي ته ايوريسٽ آهي ۽ ايوريسٽ تائين پُهچڻ لاءِ ننڍڙا ننڍڙا جوکم کڻڻا پوندا آهن، پٿرن سان مهاڏو اٽڪائڻو پوي ٿو. ڀٽائي جن نيڻن ۾ سمايو آهي، تن جي اُڃ سَمنڊ به ناهي اجهائي سگهيو ۽ اها اُڃ ڀٽائيءَ جي فقط آدرشي انسان ۾ ئي ملندي آهي، باقي ته ڪپر ڏسيو پيا جهول ڀرين هيرا ته اُن سمنڊ ۾ اندر آهن ڀٽائيءَ جي پيغام ۾ آهن.
ڀٽائيءَ جي چاڙهيل ڪُنيءَ جو سواد ڪجهه ماڻهو ئي هضم ڪري سگهن ٿا، باقي ڪچڙا ۽ نابالغ ذهن ڦاٽي، وکري ڀُري ڀسم ٿي ويندا ۽ پوءِ ڪوبه سرمد، ڪوبه منصور ۽ ڪوبه داره شڪوه کين سهيڙي نٿو سگهي.
لَطيف جو ڪلام عالمي سچائي آهي. ان ڪلام جو ڪنهن خاص زمان يا مڪان سان تعلق ڪونهي. اهو علم آهي، سچ آهي. ان آسماني خوبيءَ جي ڪري، شاهه جو پيغام دنيا جي سڀني انسانن کي، زندگيءَ جي هڪڙي مقصد تي متحد ڪري سگهي ٿو ۽ عالم سڀ آباد ٿيئڻ جو درس ڏئي ٿو.
بنا سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ سياسي بحران جي باوجود شاهه سائين جهڙو عالم انسانيت سنڌ ڀوميءَ تي جَنم وٺي ٿو ۽ فقط سنڌ جي ماڻهن لاءِ نه پر پوري عالم انسانيت لاءِ هڪ مشعل راه بڻجي مظلوم جو ڪِٿي حامي بَڻجي اُن جي حمايت ڪري ٿو ته ڪٿي وري همدرد بڻجي پنهنجي ڪردارن جي ڏُکن ۽ ڏوراپن کي بيان ڪندي نظر اچي ٿو، ڪِٿي سسئيءَ جو آواز بڻجي صحرائن ۾ واري جي ذري ذري مان جهونگاري ٿو، ڪٿي ڪاڪ جي مومل جي سُندرتا جي تعريف ۽ مينڌري لاءِ هدايت بڻجي اڳيان اچي ٿو.
شاهه لطيف جنهن دور ۾ جنم ورتو شعوري طور، عِلمي ادبي فڪر جي لحاظ کان اهو اونداهو دور هو، فرسوده ريتون رسمون عُروج تي هُيون مُلائيت حاوي هُئي ۽ سماج به ڪيترين ئي ذهني بيمارين جي ور چڙهيل هو، ان وقت شاهه لطيف جهڙو يگانو تاريخي مُفڪر پيدا ٿيو.
دنيا جي مختلف خطن جي شاعرن جا موضوع مُختلف رهيا آهن، اُنهن جا ڪردار، صورتحال، تصور، قدر، خيال مُختلف رهيا آهن، جيڪي ڪڏهن ڪنهن ٻي قوت جي هيٺ به رهيا پر شاهه جو فڪر وحدت آهي، جيڪا ان جي فڪر جو روح آهي جنهن پنهنجي موضوعن ۾ هڪ آدرشي انسان تخليق ڪيو آهي، جيڪو انسان هن جهان کي ملي پوي ته انسان سان گڏ جهان نئون ٿي پوي، هِڪ نئين سُرهاڻ وايو منڊل ۾ پکڙجي وڃي ۽ وڻ جي هر پن پن مان شاهه جي سُرن جي سازن جا آواز اچن، پکين جو آواز اُن جي وائي کي ڳائڻ شروع ڪري ڏين. اهو ڪهڙو خواب ۽ خواهش آهي، اهي ڪهڙا خواب آهن؟ اُها ڪهڙي خواهش آهي؟ انهن جي تعبير شاهه جو رسالو آهي جِنهن ۾ شاهه جو آدرشي انسان صاف ۽ چٽي نموني ظاهر آهي.
اسان جي ذهنن ۾ يقينن اها ڳالهه جنم وٺندي آهي ته اسان سڌو سنئون ڪيئن جنمي پياسين پر اسان جي اندر ۾ هزارين سال آهن، جن اسان کي تشڪيل ڏنو آهي جنهن ۾ مُختلف نظام، وهم، وسوسا ۽ خيال آهن جنهن اسان کي تشڪيل ڪيو آهي. سماج اسان جي تشڪيل ڪري ٿو، اسان جا خيال به اسان جا ناهن سڄو ڪاروهنوار سماج جو آهي. حقيقت ۾ لطيف جو آدرشي انسان جو ڪمال به هستيءَ کي ڊاهي ٿو، انا کي ختم ڪري ان کي مُفتي ڏئي ٿو ۽ خُوديءَ مان نڪري ڪيف ۾ اچي ٿو، الستي ۾ اچي ٿو جنهن جي اڳيان سون ۽ مٽيءَ جي اهميت ساڳي رهي ٿي، جنهن لاءِ مايا ڪابه اهميت نٿي رکي جنهن وٽ فقط تون ئي تون جو ورد قلب ۾ اچي ٿو وڃي ۽ اهوئي شاهه جو آدرشي انسان آهي.
لطيف ادب کي ڪيئن آزاد ٿو ڪري انسان کي ڪيئن آزاد ٿو ڪري جنهن ۾ هو ڦاٿل آهي؟؟
هي عقيدي پرست، سياستدان، فرقيواريت وڌائيندڙ قوتون رت پيئندڙ ڄورون آهن، اُنهن کي شاهه سائين نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو، اُتي طبقاتي نظام کي شاهه نندي ٿو، جنهن موج ۾ هو تصوف ۾ اچي ٿو وڃي ۽ اُن وٽ فقط اهميت انسان جي رهي ٿي ڪُل ڪائنات جا انسان اُنهن کي اهڙن ڦورو ٽولن کان بچڻ جي تلقين ڪري ٿو.
اسان جي زندگيءَ ۾ جيڪي مُشڪلاتون ۽ ڪشالا آهن، اُنهن جو راز ڇا آهي؟ ان مان آزادي ڪيئن حاصل ڪجي، هي نظام ئي توهان کي نانگ وانگر ڏنگيندڙ آهي، اُهوئي نظام قيد جو اصل سبب آهي. اهوئي نظام قلب ۾ بيقراري پيدا ڪندڙ آهي. پيڙهي در پيڙهي اسين غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهيون. آدم اڳ ئي ڏُکن ۾ آهي وري مٿان هي نظام آهي. اُن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري پاڻ سُڃاڻ واري فلسفي کي اپنائڻو پوندو، انا کي فنا ڪري اصلي رنگ ۾ پاڻ آڻڻو پوندو ۽ پوءِ اهي شيون خارجي لڳنديون ۽ ناڪاره پڻ ۽ پوءِ هڪ ٻي ڪيفيت ۾ انسان هليو ويندو. ها بلڪل اُهائي ڪيفيت جيڪا وحدت جي قائل آهي جيڪا هستيءَ کي نست نابود ڪري فقط وحدت جي حامل بڻجي ٿي.
هن جهان ۾ رڳو ڪوڙ ۽ ڪروڌ ناهي، انسان ڦاٿل ۽ ڦٿڪيل ناهي. ڏاهپ آهي شعور به آهي عقل به آهي جنهن جا مثال فلاسفر سائنسدان به آهن، بس ان ۾ جيڪا وٿي آهي اُها سوچ ۽ ڏاهپ جي آهي.
ڏاها ماڻهو سُڪون کسيندا سمجهه کان مٿانهان بلڪل مٿانهان جيڪي ويجهڙائپ جو ئي ذريعو بڻجندا آهن. اُن لاءِ ڪُشالا ڪاٽڻا پوندا آهن، دنيا کي تُرڪ ڪرڻو پوندو آهي، اندر جي انسان کي سڃاڻڻو پوندو آهي. هڪ ڊگهو ۽ طويل سفر صبر جو، خواهشن کان فراريت جو سفر طئي ڪرڻو پوندو آهي.
وڏن ماڻهن جون ڳالهيون به وڏيون هونديون آهن. انهن وٽ معيار جا قسم ۽ گهرجون به مختلف آهن، اهي ذات جي باري ۾ ڪڏهن به معيار ناهن ڏيندا. لطيف وٽ محروميءَ جو معيار ٻيو آهي ان وٽ محروم جو مطلب جن کي پاڻ شناس خودشانسي ناهي. ان کان پوءِ سماج جي شناس ڪهڙي آهي. زندگيءَ جي وصف ڪهڙي آهي؟ ڪائنات جي وصف ڪهڙي آهي؟ جِن کي انهن ڳالهين جي ڄاڻ ناهي اصل اهوئي محروم آهي. لطيف وٽ محروم اهو آهي جيڪو هن ڪائنات جي ڪُل مان ذرڙو ئي کڻي ۽ خوش ٿئي.
لطيف جو آدرشي انسان اُهو آهي جيڪو قالب ٽوڙي انا ختم ڪري شعوري طور نئون جنم وٺي ٿو، اهوئي لطيف جو آدرشي انسان آهي. لطيف وٽ انسان جو فلسفو زمانو جيئن توکي مجبور ڪري مڌو ڪري اُن کي ان طريقي سان نه ڏس اک اُلٽي ڌار شعوري طور اُن کي پرک اهائي ڳالهه مارڪسي فلسفو به ڪري ٿو ته ته هر شيءِ کي تنقيدي پهلو سان جاچيو، تڏهن توهان کي شين جي وجود جي خبر پوندي.
اڄ جي نوجوان جو خانو خراب ۽ تضاد پيدا ڪندڙ اڄ جو نصاب آهي. نظام ٺاهيو ڪنهن آهي ان کان وڏو سوال آهي نظام ٺهيو ڪيئن آهي، لطيف وٽ اهڙين مُنجهيل سوالن جا جواب آهن جيڪي درسي ڪِتاب ۾ نٿا ملن. لطيف سائين عام انسان جو ڀرجهلو ۽ عاشق آهي. ماڻهو حقيقت کان ڀڄن ٿا، ان جي ويجهو اچڻ کان ڊڄن ٿا، انهن تي انڌو عقيدو رکي ويساهه ڪن ٿا پر لطيف چوي ٿو اک اُلٽي ڌار ان کي پرک ۽ پروڙ.
وڏن ۽ ڏاهن ماڻهن جا پنڌ ۽ پيچرا اوکا هوندا آهن، اهو منصور هُجي، سُقراط هُجي، گوتم هُجي يا ڀٽائي پاڻ انهن هِن خارجي دُنيا کي رد ڪري پوءِ ئي سُڪون جي راحت ماڻيائون. انهن جا ڪم سولا ۽ عام سمجهه وارا ناهن هوندا، جيڪي بظاهر عام هوندا آهي پر انهن ۾ ڪائنات جا راز لڪيل آهن. انهن جون ڳالهيون ڳوڙهيون ۽ مُنجهيل هونديون آهن پر اُنهن ۾ لازوال فلسفو سمايل هوندو آهي، اهو فلسفو جيڪو دنيا کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي ڇو ته شڪ حقيقت تائين پُهچڻ جو بنيادي ثُبوت آهي، دنيا کي شڪ تبديل ڪيو آهي اهو شڪ جيڪو رازن جا پردا فاش ڪري حقيقت جي ويجهو آڻي ٿو.
انسان سُڪون کان محروم آهي دنيا جي هر آسائش هئڻ جي باوجود، ڪيف سڪون کانسواءِ حياتي ڪنهن ڪم جي ناهي. اهڙا ماڻهو وجودي بحران جو شڪار هوندا دُنيا ۾ اهڙا مثال لکن جي انگ ۾ ملندا اهڙا ماڻهو دماغي طور بيمار آهن.
لطيف جا سمورا ڪردار ڪيف ۾ رهيا آهن، ڪٿي به زندگيءَ کان دلشڪستو ناهن ٿيا، اهي سرمستئَ ۾ رهيا آهن. اهي وجودي بحران مان ناهن گذريا. جنهن جو اُتم ۽ سُندر مثال سهڻي آهي لطيف جا ڪردار ماڻين ڪُجهه به نٿا پوءِ به سڪون ۾ رهيا. ڏُکن کي به زندگيءَ جو حصو سمجهي اڳتي وڌيا آهن، تڪليفن سان مهاڏو اٽڪائي جيئا آهن. هر شيءِ مان هُنن سُرور ماڻيو هڪ لازوال درس ڏنو آهي. لطيف جو هر ڪردار کاهوڙي رهيو آهي ۽ جنهن وٽ مُختلف سمجهاڻيون رهيون آهن، هر انسان لاءِ. لطيف جي هر ڪردار وٽ مايوسي، پوئتي هٽڻ، مشڪلاتن کان گهٻرائڻ، هار مڃڻ، ڪنهن جي غلامي قبول ڪرڻ اهڙي مُنفي ڳالهه ڪنهن وٽ به نه هُئي.
جيڪي ماڻهو پنهنجي حياتي پنهنجي منزلن ڏانهن دلي طور ۽ لگن سان وقف ڪن ٿا حقيقت ۾ لطيف وٽ اڄ جو انسان اهوئي ڪامياب آهي.
لطيف جا ڪردار سُڪون ۾ ڇو رهيا آهن، اُن جو سبب ڇا آهي؟ لطيف جي ڪردارن لاءِ حياتي ڪا معنيٰ نه پئي رکي، اهي دُنيا کي فقط خارجي سمجهندا هئا، دنيا اُنهن لاءِ ڪُجهه به نه هُئي، انا ختم ڪري اُهي خُودي مان نڪري وحدت جي ويجهو رهيا ۽ ڪاميابي ماڻي سُڪون سان رهيا آهن.