ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

غير فعال سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن

Editorial

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ جو واحد ادارو آهي، جتان هر سال هزارين نوجوان روزگار حاصل ڪندا رهيا آهن. ڪميشن جو امتحان پاس ڪري مختلف شعبن ۾ اهي نوجوان پنهنجون ذميواريون نڀائيندا رهندا آهن. پر گذريل سال کان جيئن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي تالا لڳا آهن ته اهي ڄڻ زنگجي ويا آهن، ادارو بند هجڻ جي ڪري نه رڳو مختلف شعبن ۾ ٽيسٽ ڏيندڙ نتيجن لاءِ پريشان لڳا پيا آهن پر بيروزگاري به وڌي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته نين ڀرتين تي پابندي لڳي پئي آهي. اهڙي ريت اها پابندي جيڪڏهن اڃا به وڌيڪ وقت لاءِ رهي ٿي ته ان کان پوءِ سنڌ ۾ خالي پيل جايون نه ڀرجي سگهڻ جي ڪري جيڪو بحران پيدا ٿيندو، اهو گهڻو خطرناڪ هوندو. تنهنڪري هن اداري جو فعال ٿيڻ ضروري آهي. ان حوالي سان ٻه ڏينهن جيڪو بيان سنڌ جي وڏي پاران آيو آهي، اهو اميد ڀريو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسين هڪ هفتي اندر ايس پي ايس سي کي فعال ڪري رهيا آهيون ته جيئن وڏي انگ ۾ ڀرتيون ٿي سگهن. وڏي وزير چيو ته هن هفتي ۾ ئي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي فعال ڪيو ويندو، اسان کي احساس آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن فعال نه هجڻ سبب نوجوانن کي نوڪريون نه ملي رهيون آهن پر ڪميشن جي فنڪشنل نه هجڻ سبب سڄي حڪومت ويهي رهي آهي. نه رڳو 16 هين گريڊ کان مٿي جي نوڪري نه ملڻ جو مسئلو آهي پر 5 کان 15 گريڊ واريون نوڪريون به عدالت ۾ ڦاٿل آهن، جايون نه ڀرجڻ سبب سڄي حڪومت متاثر ٿي رهي آهي، ڪميشن جي ڪم نه ڪرڻ سبب بيروزگاري به وڌي آهي، هڪ هفتو ڏئي رهيو آهيان، ان ۾ پبلڪ سروس ڪميشن کي فعال ڪيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته سندس حڪومت اٽي، کنڊ ۽ گيهه جهڙين ضروري شين تي 462 ملين رپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي، جنهن لاءِ سنڌ جي 5 ڊويزنن ۾ 108 بچت مارڪيٽون قائم ڪيون ويون آهن. سبسڊي رمضان المبارڪ جي آخر تائين جاري رهندي ۽ ساڳئي وقت حڪومت مارڪيٽن ۾ اگهن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ قدم پڻ کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سندس ڪابينا جا ميمبر سعيد غني، شرجيل انعام ميمڻ ۽ مرتضيٰ وهاب پڻ موجود هئا. مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت صوبي جي 5 ڊويزنن ۾ 108 بچت بازارون قائم ڪيون آهن، جن ۾ ڪراچي 34، حيدرآباد 19، ميرپورخاص 8، لاڙڪاڻو 17، شهيد بينظير آباد 19 ۽ سکر 19 شامل آهن. سڄي صوبي جي 108 بچت بازارن ۾ اٽي جو 10 ڪلو ٿيلهو 400 رپيا آهي، جڏهن ته مارڪيٽ ۾ 800 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته سندس حڪومت بچت بازارن ۾ رعايتي شرح تي سبسڊي فراهم ڪرڻ لاءِ 462 ملين رپيا سبسڊي ڏئي رهي آهي. کنڊ ۽ گيهه بابت ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته چونڊيل بچت مارڪيٽن ۾ کنڊ 70 کان 75 رپيا في ڪلو جي حساب سان فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته مارڪيٽ اگهھ 85-90 رپيا في ڪلو آهي. اهڙي ريت گيهه 410 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ان جو مارڪيٽ اگهه 450 رپيا آهي.
سنڌ حڪومت جيڪڏهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي بحال ڪرائڻ چاهي ٿي ته ان جي شفافيت کي يقيني بڻائي. ڇاڪاڻ ته ميرٽ جي لتاڙ جي ڪري هي ادارو ڪافي تڪراري ٿي چڪو آهي، ظاهر آهي ته هر نوجوان سفارش تي به ڀرتي نٿو ٿئي بلڪه ڪئين اهڙا نوجوان آهن، جيڪي پنهنجي محنت وسيلي ميرٽ تي اڳيان آيا آهن، پر عدالتي فيصلي سڪن سان ساون کي به ساڙي ڇڏيو آهي. ايس پي ايس سي جن به اميدوارن کان انٽرويو وٺي ٿي، انهن کي رڪارڊ ڪري ۽ ان کانسواءِ ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو وڃي ته ايندڙ وقت ۾ سڀئي ڀرتيون ميرٽ تي ڪيون وڃن ته جيئن اداري کي وري تالا نه لڳن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button