ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا حڪمران عوام کي رليف ڏئي سگهندا؟

Editorial-Article-Shahid Rajper

پاڪستان ۾ مهانگائيءَ جو راڳ شروع کان وٺي آلاپجندو رهيو آھي پر گذريل حڪومتي دورن ۾ جيئن بجيٽ سال ۾ ھڪ ڀيرو پيش ڪبي هئي، ائين هر شيءِ جا اگھه به سال ۾ هڪ ڀيرو مقرر ڪيا ويندا هئا، جنهن سان عوام تي ڪڏهن به وڌيڪ بار نه پوندو هو ۽ جيڪڏهن مهانگائي وڌيڪ ڪئي ويندي هئي ته ان جو متبادل حل به پيش ڪيل هوندو هو جنهن سان عوام تي ايڏو وڏو اضافي بار نه پوندو هو. ڏٺو وڃي ته پي ٽي آءِ سرڪار پاران ٽي ڀيرا وزير خزانه تبديل ڪرڻ باوجود عمران خان جون معاشي سڌاري واريون حڪمت عمليون آخر ناڪام ڇو ويون؟
بي بي سي اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي معاشي ڪارڪردگي ڇهن چارٽن ۾ جاري ڪئي آھي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته عمران خان جي حڪومت کي شروعاتي مرحلن کان ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو هو. معاشي حڪمت عملي شروع کان ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي هئي. ٽي ڀيرا وزير خزانه تبديل ڪرڻ باوجود عمران سرڪار روپئي جي ملھه کي ڊالر جي ڀيٽ ۾ روزاني جي بنياد ڪرڻ کان بچائي نه سگهي ۽ ڊالر جي اڏام کي به روڪي نه سگهي. جڏهن روپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 100 روپيا هئي، تڏهن تحريڪ انصاف جي قيادت طرفان الزام لڳندا هئا ته هٿرادو طور روپئي کي مستحڪم رکيو پيو وڃي جنهن جي ڪري ڊالر جي ڀيٽ ۾ روپئي جي ملھه کي ڪيرايو پيو وڃي.
تحريڪ انصاف جي حڪومت دوران آگسٽ 2018ع روپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر تقريیبن 124 روپيا 18 پئسن تي پهتل هو. تحريڪ انصاف جي دور ۾ روپئي جي قيمت ۾ مسلسل ڪمي ايندي رهي ۽ ڊالر جي اگھه ۾ تيزيءَ سان وڌارو ٿيندو ويو جنهن جي ڪري پاڪستان جي غريب ۽ ڏتڙيل عوام تي مهانگائيءَ جو بم ڪرندو رهيو، جنهن سبب ملڪي معيشت جون حالتون انتهائي درجي تائين پهچنديون رهيون ڊالر جي قيمت جڏهن ڊسمبر 2021ع 177 روپيا ٿي وئي ته اهو رڪارڊ اضافو هو ۽ اپريل 2022ع ۾ ڊالر وري 186 روپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو ۽ حالتون اهڙيون ٿي ويون جو عوام ۾ اهو تاثر وڌڻ لڳو ته ڏسجي ته هاڻي پهرين پيٽرول ٿو 200 روپين تي پهچي يا ڊالر؟
تحريڪ انصاف جي دور حڪومت ۾ روزمره جي استعمال ٿيندڙ شين گيھه، تيل، کنڊ، اٽو، چانور، ڀاڄيون، فروٽ، داليون، کير، ڪڪڙ جو گوشت وغيره جا اگھه روز وڌندا رهيا. کنڊ جي ڳالھه ڪجي ته آگسٽ 2018ع ۾ پاڪستان جي اداره شماريات مطابق 55 روپيا 71 پئسا هئي ۽ اپريل 2022ع ۾ هڪ ڪلو کنڊ جي قيمت 86 روپيا 62 پئسا هئي. جيڪو تقريبن 55 سيڪڙو جو اضافو هو. اٽي تي 52 سيڪڙو، بصر 71 سيڪڙو، ٽماٽا 118 سيڪڙو، کير 37 سيڪڙو، 92 سيڪڙو ۽ ڪڪڙ جي گوشت ۾ 95 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو. پاڪستان ۾ مهانگائيءَ جو هڪ سبب پيٽروليم جي وڌندڙ قيمت به ڏٺي پئي وڃي. عام طور تي رليف لاءِ سبسڊيءَ جو استعمال به ڪيو ويو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کان اڳ پيٽرول جي قيمت 100 روپين کان گهٽ ھئي. پي ايس او مطابق يوروفائيو جي قيمت 95 روپيا 24 پئسا هئي 2020ع کان پوءِ حڪمرانن پاران هر پندرهين ڏينهن مختلف شين تي قيمتون مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪو حڪومت لاءِ ٺيڪ هو پر روزمره اگهن ۾ اضافي سبب عوام پريشان رهيو پي ٽي آءِ جي شرعاتي دور ۾ پيٽرول جي قيمت بلڪل هيٺئين سطح تي هئي ۽ 2022ع جي شروعات ۾ هڪ ليٽر پيٽرول جي قيمت 144 روپيا 82 پئسا ٿي وئي. 16 فيبروري 2022ع تي پيٽرول جي قيمت 159 روپين تي پهتي ته ماڻهن ۽ ڪاوڙ وڌي وئي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين پاران مارچ 2022ع ۾ حڪومت خلاف عوامي لانگ مارچ ڪڍيو ويو جنهن کان پوءِ اڳوڻي وزير اعظم تيل جي قيمتن تي سبسڊيءَ جو اعلان ڪيو جنهن کان پوءِ هن وقت تائين پيٽرول جي قيمت 149 روپيا 86 پئسا مقرر آھي.
مخالف ڌر جي دور ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران خان ٻاهرين ملڪن جي مداخلت، بجلي، گئس، پيٽروليم، کنڊ، اٽو، گيھه ۽ ٻين مسئلن تي ان وقت جي حڪومتن کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندو رهيو ۽ سڄو ملبو وقت جي حڪمرانن تي ڪيرائيندو رهندو هو. 2018ع ۾ جڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف کي حڪومت جون واڳون مليون ته سندس اڳيان ڪيترائي چيلينج هئا ۽ سڀ کان وڏو چيلينج معيشت کي بهتر ڪرڻ هو. اليڪشن کان اڳ حڪومت مخالف جلسن ۾ عمران خان جيڪي عوام سان وعدا ڪيا هئا ۽ سنهري خواب ڏيکاريا هئا، انهن کي عملي جامو پهرائڻ جو عمران خان نيازيءَ کي هڪ بهترين موقعو مليو هو جنهن ۾ عمران خان هر ڀيري يوٽرن وٺي وٺي پنهنجو معيار عوام اڳيان ڪيرائي ڇڏيو. عمران خان تقريبن ساڍا ٽي سالن جي حڪومتي دور ۾ هڪ به سٺو يا قابل تعريف ڪم نه ڪري سگهيو نه ئي هن ڪو ميگا پراجيڪٽ متعارف ڪرايو، جنهن سان ملڪ ۽ قوم کي فائدو پهچي نه ئي پنهنجي ڪيل وعدن تي عمل ڪيو ۽ هر ڀيري هر وعدي هر اعلان تي يوٽرن ورتو جنهن سبب عمران خان پنهنجي حڪومت کي بچائي نه سگهيو. ڏٺو وڃي ته ساڳيا مسئلا ۽ ساڳيا چيلينج موجوده حڪمرانن لاءِ به آھن.
هينئر به تازيون خبرون پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا سميت سوشل ميڊيا تي گردش ھيٺ آھن ته آءِ ايم ايف قرض وڌائڻ تي راضپو ڏيکاريو آھي ۽ ان لاءِ وڌيڪ ڳالهين ڄي ميز پاڪستان ۾ ايندڙ مهيني ويهي سگهي ٿي، جڏهن ته اندروني طور بجلي گئس ۽ پيٽرول تان سبسڊي ختم ڪرڻ ۽ پيٽروليم اسمن جي قيمتن ۾ واڌاري جون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچن پيون.
پاڪستان عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف کي پروگرام هڪ سال وڌائڻ جي درخواست ڪئي آھي ۽ آءِ ايم ايف به پروگرام هڪ سال وڌائڻ تي راضپو ڏيکاريو آھي. جڏهن ته وڌيڪ مئي مهيني ۾ آءِ ايم ايف جو بورڊ پاڪستان پهچي ڳالهين جي ڪاميابيءَ کان پوءِ آءِ ايم ايف پاران پاڪستان کي ايندڙ قسط جي منظوري ڏني ويندي ۽ جيڪڏهن آءِ ايم ايف جي معاهدي کان پوءِ بجلي گئس ۽ تيل جي اگهن ۾ واڌارو ڪيو ويو ته ملڪي حالتون ڪٿي وڃي پهچنديون ۽ غريب عوام اڳ ئي پريشان آھي ڇا هو وڌيڪ مهانگائيءَ جو بار برداشت ڪري سگهندو؟
پاڪستاني عوام حڪومت ۽ سياسي اڳواڻن مان آخر ڪڏهن بهتري جي اميد رکي، جنهن کي حڪومتي واڳون ملن ٿيون سو خزانو خالي ۽ گذريل حڪومتن تي مهانگائي جا ڇوهه ڇنڊي ٿو ۽ پاڻ کي پاڪ صاف چوي ٿو. ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته حڪمرانن کي قلابازيون کائڻ بدران عوامي حالتن کي ذھن ۾ رکي فيصلا ڪرڻ گهرجن ۽ حڪمرانن کي گهرجي ته قلابازين ۽ يوٽرن وٺڻ کان بهتر آھي ته عوام کي رليف ڏين ۽ بهتر فيصلا ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button