پي ٽي آ جي اقتداري دور ۾ هڪ پاسي جمهور ڀوڳيو ته ٻئي پاسي جمهوريت. ان سڄي عرصي ۾ ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته جمهوريت لاءِ قربانيون ڏيڻ جون دعويدار روايتي حڪمران سرمائيداراڻيون پارٽيون-پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ وغيره پنهنجي واضح جمهوري پروگرام سان ان ويڙهه ۾ مهڙ وارو ڪردار ادا ڪن ها، ان جي ابتڙ، اهي پنهنجو سر بچائڻ ۾ پوريون نظر آيون، صرف لفاظيءَ جي حد تائين ته، انهن جو ڪردار نظر آيو پر وٽن ڪو ٺوس جمهوري پروگرام ن هو (جيڪو هاڻي به نه اٿن)، جنهن تحت هو عوام کي متحرڪ ۽ منظم ڪري، جمهوري جدوجهد کي فيصلائتي مرحلي ڏانهن وٺي وڃن ها. اهو ئي سبب هو جو جمهوريت جي ازلي دشمن اسٽيبلشمينٽ سان ڳجهن معاهدن تحت پي ٽي آ جي اقتدار جو خاتمو آڻي، اقتدار کي چنبڙي ويهي رهيون آهن.
پي ٽي آ جو سڄو دور اصل ۾ بدترين فسطائي آمراڻو دور هو، هڪ پاسي عالمي مالياتي سامراجي ادارن جي ايجنڊا تي عمل ڪندي، عوام جو معاشي گهيراءُ ڪيو ويو ته، ٻئي پاسي سياسي گهٽ ۽ ٻوسٽ جو ماحول پيدا ڪيو ويو، جيڪي به نالي ماتر جمهوري ۽ سياسي آزاديون مليل هيون، اهي به کسڻ جو ڪو موقعو هٿان وڃائڻ نه ڏنو ويو. معيشت، سياست ۽ ميڊيا سميت سمورن شعبن تي مڪمل ڪنٽرول ڪندي، ان کي پنهنجي مرضيءَ پٽاندر هلائڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون. اهڙي صورتحال ۾ عوام جي رهنمائي ڪرڻ بدران پاڪستان جون روايتي سرمائيدار حڪمران ڌريون سوديبازيون ڪرڻ ۾ مصروف نظر آيون.
تنهنڪري، ان پيرائي ۾ ان مسئلي کي اٿاري سگهجي ٿو ته، پاڪستان ۾ سويلين يا جمهوري بالادستيءَ جي ويڙهه هاڻي بورجوازيءَ جي ويڙهه نه پر عوام ۽ عوام دوست سياسي قوتن جي ويڙهه بڻجي چڪي آهي. ڇاڪاڻ ته، پاڪستان جي بورجوازي ۽ ان جون سياسي قوتون هاڻي ان پوزيشن ۾ ئي نه آهن ته، اهي اها ويڙهه وڙهي سگهن. پاڪستان ۾ جمهوري ريپبلڪ قائم ٿيڻ سان هاڻي بورجوازيءَ بدران وڌيڪ فائدو هتان جو عوام ۽ عوام دوست قوتون ئي کڻي سگهن ٿيون، تنهنڪري، ان ٿيوريءَ کي رد ڪرڻ جي ضرورت آهي ته، روايتي حڪمران ڌريون جمهوريت جي حاڪميت جي ويڙهه وڙهنديون. اهو رڳو هتان جي بورجوازيءَ جو ئي الميو نه آهي، پر عالمي سطح به ان جا اڻڳڻيا مثال ملن ٿا. جن سان اها خبر پوندي ته، بورجوازي ڪيئن پنهنجو ترقي پسند ڪردار وڃائيندي، پنهنجن ئي تاريخي فرضن تان دستبردار ٿي وئي.
مثال طور، يورپ ۾ اڻويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ بورجوا-جمهوري انقلابن جي لهر اٿي، ان ۾ لبرل بورجوازي ان کان ڊڄندي، آخرڪار رجعتي قوتن سان سوديبازي ڪندي، پنهنجي ئي مقصد سان غداري ڪئي. مثلن، فرانس ۾ 1848ع جي بورجوا جمهوري انقلاب جولاءِ 1830ع ۾ قائم بورجوا بادشاهت جو خاتمو آڻيندي ٻي ريپبلڪ قائم ڪئي. جيڪا 1848ع کان 1852ع تائين جاري رهي. انقلاب جي فيصلائتن سبب مان هڪ سبب فرينچ بورجوازيءَ جو وڌندڙ داخلي تضاد هو. جولاءِ انقلاب (1830ع) کان پوءِ مالياتي اشرافيا جو رول مڪمل طور گهٽجي ويو ۽ واپاري ۽ صنعتي سرمائيدار، جيڪو صنعتي انقلاب جي نتيجي ۾ گهڻو مضبوط ٿي چڪو هو، ملڪ جي حڪومت ۾ پنهنجي ڪردار جي شموليت جو مطالبو ڪرڻ لڳو، انقلاب جو هڪ ٻيو اهم سبب پورهيت طبقي ۽ بورجوازيءَ ۾ وڌندڙ طبقاتي ٽڪراءُ به هو، انقلابي حالتن جي پختگيءَ کي خاص ڪري 1847ع جي معاشي بحران اتساهيو. جنهن پاڻ کي لبرل بورجوا اپوزيشن جي مهم ۾ اظهاريو، جنهن جي گڏجاڻين ۾ چونڊ سڌارن ۽ گيزوءَ جي حڪومت جي تبديليءَ جو مطالبو ڪيو ويو. انقلابي ڌماڪو تڏهن ٿئي ٿو جڏهن گيزو جي حڪومت اپوزيشن کي روڪي ٿي، ۽ پيرس ۾ سڌارن جا وڪيل روڊن تي نڪرن ٿا. اهم ڳالهه اها آهي ته ان ئي دور ۾ لبرل بورجوازيءَ جو ڪانئرتا ۽ عوامي بغاوتن کان ڊپ به کلي سامهون اچي ٿو. جڏهن هوءَ اختيارين يا حڪومت آڏو گوڏا کوڙڻ جي اپيل ڪري ٿي. پر پيرس جا شهري ان اپيل کي ٿڏيندي 22 فيبروريءَ تي هزارن جي انگ ۾ احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت ڪن ٿا. مظاهرين ۽ حڪومتي سپاهين ۾ ٽڪراءُ ٿئي ٿو، جنهن کان پوءِ عوامي بغاوت 23-24 فيبروريءَ تي اڀري ٿي، ان بغاوت ۾ پورهيتن به بورجوازيءَ جي حمايت سان فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو.
ملڪيتدار طبقا عوامي بغاوتن ۽ انقلابي حالتن کان ڪيئن ڊڄندا آهن، ان جو بهترين مثال 1848ع جو انقلاب هو. ڇاڪاڻ ته ان ۾ فيصلائتو ڪردار محنت ڪش عوام جو هو.
پيرس جي گهٽين ۾ حڪومتي سپاهين کي شڪست ڏيندڙ انقلابي پورهيتن جي دٻاءُ کان پوءِ 24 فيبروريءَ تي عبوري حڪومت قائم ٿي. ان جي فتح سان پيرس جي هٿياربند پورهيتن پنهنجي مرضيءَ کي نه رڳو شاه پرست (مونارڪسٽ) بورجوازيءَ پر ريپبلڪن جمهوري بورجوازي، جيڪا عوام جي ڪري اقتدار ۾ آئي هئي، تي به پنهنجي مرضيءَ کي مڙهيو، محنت ڪش عوام جي اهڙي بدليل مزاج کي ڏسندي بورجوازي جوابي حملي جي تياري شروع ڪئي، جيڪا هن جي پنهنجي ئي انقلاب خلاف هئي. فرينچ بورجوازي سمجهي رهي هئي ته، عوامي بغاوت جي اٿيل اها لهر رڳو موجوده بورجوا جمهوري انقلاب تائين ڪونه بيهندي اها اڳتي ويندي، يعني انقلاب جي ٻئي مرحلي سوشلسٽ مرحلي ۾ داخل ٿي سگهي ٿي. اهوئي سبب هو جو بورجوازي فرينچ عوام جي تاريخ ساز پيش قدميءَ کي پوئتي ڌڪڻ لاءِ انقلاب کي مهم جوئن جي رجعتي ٽولي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي. مطلب ته بورجوازي پنهنجو اهو تاريخي ڪردار گهڻو وقت اڳ وڃائي آئي آهي، جنهن تحت هن ترقي پسند فريضا سرانجام ڏنا.
اڄ اهو سوال هڪ اهم سوال طور اسان جي سامهون آهي ته، ڇا اهڙي بورجوا پارٽين تي ڀروسو ڪري سگهجي ٿو، جيڪي پنهنجو ترقي پسند تاريخي ڪردار وڃائي چڪيون آهن. اڄ اسان جنهن سوال کي منهن ڏئي رهيا آهيون اهو ئي ساڳو سوال روس جي ڪميونسٽن آڏو به آيو، جڏهن هو زارشاهيءَ خلاف جمهوري جدوجهد جي ويڙهه وڙهي رهيا هئا. روس جي پورهيت تحريڪ ۾ موجود ٻن رجحانن بالشويزم ۽ مينشويزم ۾ ان تي گهڻو اختلاف موجود هو. بالشويڪن يا لينن جي پوزيشن اها هئي ته، سرمائيداريءَ جي سامراجي ڏاڪي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ بورجوازيءَ جو اهو ترقي پسند ڪردار رهيو ئي نه آهي جو هوءَ روس ۾ بورجوا-جمهوري انقلاب جي لڙائي ڪري سگهي، تنهنڪري، ان ويڙهه جي مهندار محرڪ قوت پورهيت طبقو هوندو. لينن مينشويڪن سان شديد نظرياتي جهيڙي دوران ان ڳالهه کي واضح ڪيو ته، زارشاهيءَ جي راڄ جو خاتمو ۽ جمهوري ريپبلڪ تڏهن قائم ٿي سگهي ٿي، جڏهن انقلابي عوام جي جدوجهد جي رهنمائي پورهيت طبقي جي پارٽي ڪندي. يعني 1905ع جي انقلاب ۾ لينن جيڪو خيال پيش ڪيو ان تحت ان انقلابي جدوجهد جي مهنداري پورهيت طبقي وٽ هوندي، ۽ ان ۾ پورهيت پارٽي پنهنجو وينگارڊ ڪردار نڀائيندي. جڏهن ته مينشويڪن ان مسئلي تي به بالشويڪن سان اختلاف ڪندي، موقعي پرستاڻي پوزيشن اختيار ڪئي ته، روس ۾ بورجوا-جمهوري انقلاب جي اڳواڻي سرمائيدار طبقو ڪندو، جيئن بورجوازي يورپ ۾ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ پنهنجو ترقي پسند تاريخي ڪردار ادا ڪري آئي، تيئن روس ۾ به اهڙو ئي ڪردار ادا ڪندي. جنهن کي لينن مڪمل طور رد ڪيو. ٻئي پاسي لينن جو اهو به خيال هو ته روس ۾ جمهوري حاڪميت يا جمهوري انقلاب سان بورجوازي ته فائدو کڻندي، پر ان سان گڏوگڏ اهو پورهيت عوام لاءِ به ايترو ئي فائديمند آهي، جيترو بورجوازيءَ لاءِ، ڪن حالتن ۾ ته لينن بورجوا-جمهوري انقلاب کي بورجوازيءَ کان وڌيڪ روس جي پورهيت عوام لاءِ گهڻو لاڀائتو پئي سمجهيو. جڏهن ته ان جي مخالف يعني رد-انقلابي مينشويڪي ڌڙي جي ان کان مختلف راءِ هئي، جنهن بورجوا-جمهوري انقلاب ۾ سواءِ بورجوازيءَ جي پورهيتن، هارين ۽ پيٽي بورجوازيءَ لاءِ ڪا به فائدي جي ڳالهه نه پئي ڏٺي. اڄ ايڪهين صدي جي ٽين ڏهاڪي ۾ ته اها ڳالهه اڃا به واضح ٿي سامهون بيٺي آهي ته فسطائي آمريتن جي راڄ ۾ جيئندڙ اسرندڙ ملڪن ۾ جمهوريت جون دعويدار روايتون پارٽيون پنهنجو ڪو به ترقي پسند ڪردار ادا ڪرڻ کان نا اهل آهن. سوال اهو آهي ته جڏهن پاڪستان ۾ عوامي موڊ پي ٽي آ سرڪار خلاف هو ته روايتي حڪمران پارٽين شعوري طور عوامي طاقت سان سرڪار جو خاتمو آڻڻ کان ڇو ڊڄي رهيون هيون؟ ظاهر آهي ته کين به اهو ڊپ هو ۽ آهي ته جيڪڏهن هڪ ڀيرو عوامي طاقت وسيلي اقتدار جي خاتمي جي روايت پئجي وئي ته پو اهو سلسلو گهڻو اڳتي وڌندو، جنهن کان اهي پاڻ به نه بچي سگهنديون.