ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪي سياست ۽ چيلينجز

Editorial-Article- Ishaq Mangrio

ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته نئين تبديل ٿيل سياست کان پوءِ جڏهن وزارت اعظميٰ جو بار ميان شهباز شريف جي نازڪ ڪلهن تي پيو آهي، تڏهن کان اسپيڊي طور سڏيو ويندڙ وزير اعظم ميان شهباز شريف هن وقت وڏي طوفاني گهيري ۾ ورتل آهي. جنهن کي سڀ کان وڏو مقابلو انهن قوتن جي اڳيان ڪرڻو پئجي رهيو آهي، جن کي هو ڪوئيٽا ۾”با اختيار” سڏي چڪو آهي. انهن جي اڳيان هن کي وڌيڪ برجستگيءَ سان پنهنجو پتلي تماشو ڏيکارڻو پئجي رهيو آهي، ڇو ته کيس خوف آهي ته متان ڪپتان وڏن جلسن ۽ سوشل ميڊيا واري ٽرينڊ ذريعي “انهن بااختيارن” کي ڀنڀلائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي وڃي ۽ هن جا جوڙيل پلان متان اڌ ۾ ئي نه رهجي وڃن. ان ڪري وزير اعظم ميان شهباز شريف جي حڪومت کي ڏٺو وڃي ته اها مختلف چيلينجز مان گذري رهي آهي. جن ۾ ڪجهه هي آهن.
عمران خان جي اپوزيشن کي منهن ڏيڻ:
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته عمران خان جي حڪومت ڊهڻ کان پوءِ، هو بند ڪمري ۾ ڦاٿل ان ٻلي وانگر انتهائي خطرناڪ بنجي ويو آهي، جيڪو ڪنهن به وقت سخت حملو ڪري سگهي ٿو. جيڪو پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ وزير اعظم ميان شهباز شريف کي ايڊريس ڪرڻ بدران انهن “قوتن” سان مخاطب ٿي ڳالهائي ٿو ته “پنهنجون غلطيون درست ڪريو” ٻي صورت ۾ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويندو. هو وزير اعظم جو مذاق اڏائيندي کيس هر وقت چيري بلاسم ڪري مخاطب ڪري ٿو. ملڪ جهڙي ريت ڏکي معاشي صورتحال مان گذري رهيو آهي. ان ڪري ڏکين شرطن تي ورتل قرض جو اثر شديد مهانگائي، سخت مالي مشڪلاتون، جنهن ۾ توانائي جو بحران (بجلي، پيٽرول ۽ گيس) طوفان جي صورت ۾ سامهون اچڻو آهي. توانائي بحران سبب 20 کن بجلي گهر ان وقت بند پيل آهن، جڏهن ملڪ شديد گرميءَ جي وڪڙ ۾ آيل آهي. هوڏانهن سنڌ جي حڪومت رمضان شريف جي آخري ڏهي ۾ ڪراچيءَ کان سواءِ سنڌ جي وڌيڪ 10 ضلعن ۾ هيٽ ويو هيٽ ويو جو هاءِ الرٽ جاري ڪيو آهي. جنهن ۾ 26 اپريل کان 2 مئي تائين شديد گرمي رهڻ جو ٻڌايو ويو آهي. ان گرمي کان بچڻ جا اپاءَ وٺڻ ۽ مڪاني ادارن ۽ سماجي ادارن پاران روڊن رستن تي ٿڌو پاڻي پهچائڻ جا مرڪز جوڙڻ لاءِ چيو ويو آهي.
هوڏانهن بلوچستان جي مڪران ڊويزن وارن ضلعن ۾ گوادر کان تربت تائين ايران کان ايندڙ بجلي بند ٿي وڃڻ سبب علائقو تندور بنجي ويل آهي. روايتي طور اهو سڄو علائقو شديد گرميءَ وارو خطو آهي. سنڌ ۾ واپڊا جون سموريون ڪمپنيون، حيسڪو، کان ڪي اي سي تائين بجليءَ جي پاور جي کوٽ سبب 15 ڪلاڪن کان لوڊشيڊنگ وڌائي 17 ۽ 20 ڪلاڪ ڪئي وئي آهي. بجلي نه هجڻ جي صورت ۾ شهري علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي نه پهچي سگهڻ ۽ ڊرينيج نه ٿيڻ سبب وڏو بحران بڻجي سامهون اچڻ شروع ٿيڻ لڳو آهي. جڏهن ته قرض ڏيندڙن جي ڳرن شرطن سبب سبسڊيز ختم ڪرڻ سان وڌندڙ مهانگائي، ٽيڪس ۾ مراعتون ختم ڪرڻ واريون ڳالهيون ته فقط بظاهر نظر ايندڙ آهن. پر جنهن کي سياسي اصطلاح ۾ اسٽيبلشمينٽ سڏيو وڃي ٿو. معاشي مسئلن وڌڻ سبب ان کي حاصل ٿيل مراعتون جاري ۽ ساري رکڻ ڏکيون بنجي ويون آهن.
اهڙين حالتن ۾ ڪپتان پنهنجي ڊهي ويل حڪومت کان پوءِ انهيءَ اسٽيبلشمينٽ جي اڳيان اکيون ڦوٽاري وارننگ ڏيڻ واري انداز ۾ بيٺل آهي. ته “پنهنجون غلطيون درست ڪريو ” غلطيون درست ڪرڻ جو اختيار رکندڙ بلڪل شيشي جي گهر ۾ ويٺل هجڻ وانگر نظر ايندي، نه ڪريو. نه ڪريو، متان گهر ئي نه ڊهي پوي. واريون نصيحتون ڏيڻ لڳا آهن. اهڙي صورتحال ۾ وزير اعظم ميان شهباز شريف جي حڪومت لاءِ چيلينجز اڃان وڌي وڃن ٿا.
شهباز شريف گذريل ڏينهن وزارت اعظمي کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو لاهور پهتو. مشرقي روايتن تحت هو پنهنجي ڀائٽي ۽ پنهنجي سياسي قائد نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز سان گڏجي پنهنجي والدين جي قبرن تي به ويو. جيڪي فوٽو به رليز ڪيا ويا. هو انهيءَ ڪوٽ لکپت جيل به ويو. جتي هو قيد ۾ رهيو هو. پر ڄاڻو ذريعن موجب هن لاءِ گهرو طور تي اڃان اها به ڳالهه مشڪل بنيل رهي. لاهور پهچڻ دوران هو پنهنجي وڏي پٽ حمزه شريف کي اڃان وزير اعليٰ جي مسند تي ويهارڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي. ان ۾ آيل ڪجهه مشڪلاتن مان هو لاڳيتو اڳتي وڌي رهيو آهي. پر اڃان اهو ڏينهن نه آيو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي پٽ کي تخت لاهور جي مسند تي نه ويهاري سگهيو آهي. جنهن ۾ کيس ڏکيائي رڳو هيءَ پيش اچي رهي آهي ته هو پنهنجي وڏي گهر واري (حمزه جي والده) بدران تهمينا درانيءَ کي خاتون اول قرار ڏئي چڪو آهي. گهر ۾ انهيءَ ماحول کي ڪمپنسيٽ ڪندي پنهنجي وڏي پٽ کي وڏو وزير ته چونڊائي چڪو آهي، پر ڪٿي ڪو سنئوڻ بدسنئوڻي ۾ بدليو آهي، جو تخت لاهور جي سي ايم هائوس جي گيٽ کان اندر داخل ٿي نه سگهيو آهي. ان ڪري ننڍو ميان صاحب جتي گهر کان ٻاهر ڏکيائين ۾ گهريل آهي، اتي وري هو گهرو معاملن جي به گهيري ۾ ورتل آهي. ان ڪري ڏاها چوندا آهن، جيڏا اٺ، اوڏا لوڏا.
وزير اعظم جا اتحادي:
ميان شهباز شريف جا چيلينجر ته پنهنجي اتحادين جي وچ ۾ به ڏينهون وڌي رهيا آهن. جيتوڻيڪ هو رٽيل ٻڪي جي کوڙي وانگر پنهنجن سمورن اتحادين جا نالا کڻڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي نٿو ڪري. پر پوءِ به انهن جا مسئلا گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳا آهن. ملڪ جي اولهه واري سرحدتي وڌي ويل ڇڪتاڻ واري علائقي ۾ وزير اعظم پهرين مرحلي ۾ وزيرستان جو دورو ڪيو. پر اتان جي چونڊيل ايم اين اي محسن داوڙ کي نه هو وزير چونڊائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيو ۽ نه وري اي سي ايل مان سندس نالو خارج ڪري عمري جي سعادت واري وفد ۾ شامل ڪري سگهيو آهي. هوڏانهن سياسي طور تي پشاور جي ڪور ڪمانڊر بابت ميڊيا ۽ سوشل ميديا ۾ (ن) ليگ پاران گهڻو ڪجهه لکيو ۽ ڳالهايو ويندو رهيو آهي. پر پشاور ۾ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جهڙي ريت وزير اعظم جو استقبال ڪيو ۽ وزير اعظم جي ساٿين کي سيڪيورٽي معاملن تي بريفنگ ڏني. ان مان اها ڳالهه ته واضح ٿي وئي ته فوجي آفيسرن جي وفاداري، نظام ۽ پنهنجي ڪمان سان هوندي آهي. جيڪي عسڪري ڊسيپلن ۾ رهي ڪم ڪري ٿي. هوڏانهن سعودي عرب نه رڳو مذهبي طور مقدس ملڪ واري حيثيت رکي ٿو. پر سعودي عرب هن خطي ۾ آمريڪا جو اهم سهولتڪار به آهي. ان ڪري وزير اعظم ميان شهباز شريف پنهنجي وفد سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ کان سواءِ انهيءَ سهولتڪاري مان به لاڀ حاصل ڪرڻ واري اميد کڻي ويل آهي.
وزير اعظم سڀ کان پهرين پنهنجي اتحادي طور ايم ڪيو ايم کي ايڊريس ڪيو ۽ ڪراچي ۾ بهادر آباد ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي دفتر جو دورو به ڪيو. ايم ڪيو ايم عدم اعتماد ۾ ووٽ ڏيڻ کان اڳ ۾ ٻه معاهده ڪيا. جن ۾ هڪ معاهدو سنڌ ۾ پ پ سان ڪيو، ٻيو معاهدو (ن) ليگ جي صدر ميان شهباز شريف سان ڪيو. اهڙي ريت وزير اعظم جي اتحادين ۾ فقط ايم ڪيو ايم اڪيلي جماعت هئي، جنهن پنهنجا معاملا لکت جي صورت ۾ اتحادي طور طئي ڪيا. انهن معاهدن تي مولانا فضل الرحمان، اختر جان مينگل ۽ ايم اين اي خالد مگسي کي گارنٽيئر ۽ شاهد طور صحيحون به ڪرايون. سنڌ ۾ قومپرست پارٽين ايم ڪيو ايم سان ڪيل معاهدن کي سنڌ جي وحدت تي وار سمجهندي، ان معاهدي خلاف ريليون ڪڍي ۽ ڪانفرنسون ڪري سخت احتجاج ڪيو آهي.
هوڏانهن سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم پاران سنڌ ۾ پ پ حڪومت سان گڏجي وزارتون، ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر، مڪاني ادارن جي چونڊ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ مراعتون وٺڻ، نوڪرين جي ڪوٽا وغيره انهيءَ معاهدي تحت طئي ڪرڻا آهن. ان کان سواءِ سنڌ ۾ پ پ کي پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن کي به ايڊجسٽ ڪرڻو آهي. جن ۾ ايندڙ اليڪشن ۾ کين پ پ ٽڪيٽ تي چونڊائڻ کان وٺي سنڌ ۾ سندن علائقن ۾ مرضي وارن عملدارن جي مقرري وغيره جهڙا معاملا به اڃان سامهون اچڻا آهن. سنڌ ۾ گوڊ گورننس ۽ ڪرپشن کان پاڪ واري حڪومت اڳ ۾ ئي وڏي بحث هيٺ آيل آهي. ان بحث کي ويتر ميهڙ جي ڳوٺ ۾ لڳل باهه واري سانحي کان پوءِ هٿ ڪنڱڻ کي آرسي ڏيکارڻ جي ضرورت به نه رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button