ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ريسڪيو 1122: اعلان نه عمل جي ضرورت

Editorial

سنڌ توڙي ملڪ ۾ سرڪاري سطح تي هر قسم جو ادارو قائم آهي، پر انهن ادارن جي غيرفعال هجڻ ڪري عوام کي ڪابه سهولت مليل ناهي، جنهن جي ڪري نه رڳو ادارن جي ساک تي سوال اٿندا رهيا آهن پر اهي ادارا عوامي ڀلائي ڪرڻ بدران فردن جي هٿ وس ٿي ويا آهن، جنهن جي ڪري ائين لڳي ٿو ته جن مقصدن لاءِ اهي ادارا قائم ڪيا ويا، اهي حاصل نه ٿي سگهيا آهن. سنڌ ۾ صحت کاتو آهي، تعليم کاتو آهي. فلاح ۽ بهبود جو کاتو آهي پر ڇا حقيقي معنيٰ ۾ انهن ادارن جو لاڀ عوام کي ملي رهيو آهي. اهي ادارا ايترا فعال آهن جو انهن تي ڪي آڱريون نه کڄنديون هجن. ادارا قائم ڪرڻ جو مقصد ئي اهو هوندو آهي ته جيئن عوام کي هر قسم جي سهولت ملندي رهي. سنڌ حڪومت هڪ نئون ادارو قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن کي ريسڪيو 1122 سروس جو نالو ڏنو ويو آهي. هي هڪ سٺو فيصلو آهي، عوام جا اهنجن گهٽائڻ ۽ ايمرجنسي واري حالت ۾ عوام جي سهائتا ڪرڻ لاءِ ان اداري جي بنهه گهڻي ضرورت آهي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايندڙ مالي سال 23-2022 لاءِ ترقياتي پورٽ فوليو جوڙڻ جو ذڪر ڪندي سنڌ جي وڏي وزير بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته هو ريسڪيو 1122 سروس جو دائرو وسيع ڪرڻ لاءِ 200 فائر ٽينڊر ۽ وڌيڪ ايمبولينس فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ اسڪيم تيار ڪري ته جيئن هو ڪنهن به ايمرجنسيءَ کي منهن ڏئي سگهن. مراد علي شاهه چيو ته ميهڙ جهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ فائر ٽينڊرن کي تيار ڪرڻو پوندو ته جيئن وقت سِر ڪارروائي ڪري سگهجي. هن چيو ته اهي فائر ٽينڊرز ۽ ايمبولينسون ريسڪيو 1122 کي فراهم ڪيون وينديون ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جي صورت ۾ موقعي تي پهچي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته فائر ٽينڊرز ۽ ايمبولينسز لاءِ پارڪنگ جي جڳهه جو فيصلو ضلعي انتظاميا جي مشاورت سان ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير چيو ته سندس کاتي 25500 ملين رپين جون 555 اسڪيمون شروع ڪيون آهن، جن لاءِ 16972 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن، جن مان 11843 ڏهائي 48 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير مڪاني ادارن واري کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ايندڙ مالي سال ۾ هلندڙ اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايندڙ سال ڪراچيءَ ۾ شروع ٿيندڙ ميگا پراجيڪٽس کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏينداسين. ورڪس اينڊ سروسز واري صوبائي وزير ضياءَ عباس شاهه ۽ سيڪريٽري ورڪس عمران عطا سومرو سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هنن وٽ 30 هزار ملين رپين جون 7000 اسڪيمون آهن، جن لاءِ 34994 ڏهائي 829 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن، سنڌ جي وڏي وزير ضياءَ عباس شاهه کي هدايت ڪئي ته هو روڊ سيڪٽر جي مڪمل ڪيل اسڪيمن جي افتتاح لاءِ پلان تيار ڪري. سنڌ جي وڏي وزير آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته نيون اسڪيمون تيار ڪري 10 مئي تائين پي اينڊ ڊي کاتي کي تجويزون پيش ڪيون وڃن ته جيئن انهن کي ايندڙ اي ڊي پي ۾ شامل ڪري سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايندڙ اي ڊي پي ۾ جاري اسڪيمن ۽ ميگا پراجيڪٽس جي پڄاڻيءَ تي ڌيان ڏنو ويندو.
اسين سمجهون ٿا ته هن اداري جي وڏي وقت کان ضرورت هئي، پر جيڪڏهن سنڌ حڪومت ان کي هاڻ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته اها سنڌ واسين لاءِ خوشيءَ جي خبر آهي، پر رڳو ادارو قائم ڪري افتتاح جي تختي هڻڻ ڪافي ناهي هوندو، ادارو عملي طور به ماڻهن کي نظر اچڻ گهرجي. ادارا اصل ۾ پنهنجي ڪم سان سڃاتا ويندا آهن. تنهنڪري ريسيڪو 1122 کي هڪ مثالي ادارو بنائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن اهو روايتي ادارن کان الڳ نظر اچي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button