انسان هن ڪائنات جي واحد مخلوق آهي جنهن ۾سوچڻ جي صلاحيت آھي. هُو ڪائنات جي هر لقاءُ تي سوچي ٿو ۽ اُن تي پنهنجا تصور ٺاهي ٿو. ائين انهي سوچڻ واري خاصيت جي ڪري ئي اوائلي انسان ڪائنات جي مختلف لقائن ۽ رونما ٿيندڙ واقعن تي ڌڪُا هنيا ۽ پنهنجا تصور ٺاهيائين. انهن تصورن تي انسان پنهنجا مذهب تخليق ڪيا ۽ اڳيان انهن تصورن جي بنياد فلسفو ۽ سائنس پيدا ٿيا.
فلسفين ۽ سائنسدانن انسان جي انهن سوالن تي ويچاريو ته هي ڪائنات ڪٿان آئي آهي؟ ڇا هن جو ڪو تخليقڪار آهي؟ يا هي ڪائنات ڪنهن حادثي جو سبب آهي؟ هن ڪائنات ۾ زندگي جو وجود ڪيئن ٿيو؟ انسان ئي هن ڪائنات جي منفرد تخليق ڇو آهي؟ ڪائنات، ڌرتيءَ جي اهڙن سوين سوالن تي فلسفين ۽ سائنسدانن پنهنجي سوچ ويچار، پنهنجي مشاهدي ۽ تجربي جي بنياد تي مختلف نظريا پيش ڪيا آهن، جن کي سمجھڻ اسان جو اولين فرض آهي، ڇو ته اهي نظريا اسان کي مختلف وهمن، وسوسن، ڏندڪٿائن ۽ جهالت تي ٻڌل خيالن مان جان آجي ڪرائين ٿا. ائين اسان جا گهڻا ڏُک دور ٿين ٿا.
سنڌيءَ ۾ سائنس جي انهن موضوعن ڪتاب لکيا ۽ ترجما پڻ ڪيا ويا آھن. ا نحوالي سان سنڌيءَ ۾ سائنسي موضوعن تي ڊاڪٽر سڪندر مغل جو غيرمعمولي پورهيو آهي، جنهن اسان کي سائنس تي ارتقا جي ڪهاڻي، زندگي، رنگ رنگي بنايا، ازلي حقيقت جي ڳولا، جهڙا بهترين ڪتاب ڏنا. تازو ئي ان سلسلي ۾ “ڪائنات، زندگي ۽ انسان” ڪتاب آيو آھي، جنهن جو موضوع ڪائنات، ان جي ابتدا، بگ بئنگ، اسان جي ڌرتي، ڌرتي تي زندگيءَ جي شروعات، ارتقا، انساني ڊي اين اي، انساني دماغ ۽ اُن جي ارتقا، انساني شعور ۽ ڪائنات ۽ انسان سان لاڳاپيل ٻيا انتهائي دلچسپ موضوع آهن. هي ڪتاب ڪل ستن بابن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ ليکڪ پهرين باب ۾ ڪائنات ۽ ان سان لاڳاپيل نظرين تي بحث ۽ انهن تي تنقيد ڪري ٿو جنهن ۾ ڪائنات جي ابتدا واري سوال تي ڊاڪٽر صاحب جو خيال آهي ته هن ڪائنات جي باري ۾ اوائلي ماڻهو اڻ ڄاڻ هو، تنهنڪري اُن هن ڪائنات جي باري ۾ مختلف ڌُڪا هڻڻ شروع ڪيا. ائين هن ڪائنات جو تخليق وارو نظريو وجود ۾ آيو پر اڳتي هلي سائنسدانن ڪائنات جي ابتدا واري سوال تي سوچ ويچار شروع ڪيو ۽ انهن هن ڪائنات ۽ ان ڪهڪشائن جو مشاهدو ڪرڻ کان پوءِ اهو نتيجو ڪڍيو ته هي ڪائنات ڦهلجي رهي آهي ۽ هن ڪائنات جون ڪهڪشائون هڪ ٻئي کان پري ٿي رهيون آهن، تنهن جو مطلب ته اهو ٿيو ڪنهن دور ۾ اهي سڀ ڪهڪشائون هڪ ٻئي سان ڳتيل هيون ۽ ضرور ماضي ۾ ڪو حادثو ٿيو هوندو جنهن ڪري اهُي ڪهڪشائون هڪ ٻئي کان پري ٿيڻ لڳيون ۽ ڪائنات ڦهلجڻ لڳي ۽ ان حادثي کي سائنسدان “بگ بئنگ” جو نالو ڏين ٿا.
هاڻي سوال آهي ته “بگ بئنگ ڇا آهي؟” ان سوال جو جواب ۾ ڊاڪٽر صفحي ارڙهن تي لکي ٿو ته “هي پروٽان، نيوٽران، ۽ ڪاري مادي جي ذرڙن جا تعميراتي جزا هئا” يا صفحي ايڪٽيهھ تي لکي ٿو ته “ڪهڪشائن جي هڪٻئي کان پري ٿيندي وڃڻ جي سائنسي ثبوتن هٿ اچڻ کانپوءِ سائنسدانن عام منطق استعمال ڪندي هي دليل ڊوڙايو ته جيڪڏهن اڄ ڪهڪشائون هڪٻئي کان پري ٿي رهيون آهن ته پوءِ ماضي ۾ ضرور ڪنهن لمحي تي اهي سڀ گڏ هونديون. اهڙي ريت ڪائنات ۾ موجود سموري مادي کي هڪ هنڌ ڪٺو ٿيل تصور ڪيو ويو ۽ اُن ڪٺي ٿيل مادي جي سائيز هڪ پروٽان جي سائيز جيتري ننڍڙي ٻڌائي وڃي ٿي. اهو ڪائناتي ذرو پوءِ هڪ زودار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو. ان ڌماڪي جي لمحي کي بگ بئنگ سڏيووڃي ٿو.”
ان کانپوءِ ليکڪ ڪتاب ۾ ڪائنات جي ڦهلجڻ وارن مرحلي تي تفصيل سان لکي ٿو، جنهن کان پوءِ ڪائنات جي بگ بئنگ نظريي تي تنقيد پڻ ڪري ٿو جنهن ۾ ليکڪ اهو سوال اُٿاري ٿو ته جيڪڏهن هن ڪائنات جي ابتدا بگ بئنگ کان ٿي ته پوءِ سوال آهي ته بگ بئنگ ڪٿي ٿيو؟ ڇا بگ بئنگ کان اڳ ۾ زمان ۽ مڪان هو؟ اُتي بگ بئنگ نظريي جا فلڪيات دان ڪوبه جواب نٿا ڏين بلڪه چون ٿا ته “زمان ۽ مڪان جو وجود پڻ بگ بئنگ کان پوءِ ٿيو.
جڏهن ڪائنات جو آغاز ٿي سگهي ٿو ته لازمي آهي ته ڪائنات جو خاتمو پڻ ٿيندو. تنهنڪري سائنسدانن ڪائنات جي خاتمي تي سوچ ويچار شروع ڪيو ۽ انهن پنهنجن مشاھدن تي پنهنجا نظريا اخذ ڪيا آهن، جن تي پڻ هن ڪتاب ۾ بحث ڪيو ويو آهي. جيڪي هي آهن.
(1)جهڙي طرح هي ڪائنات ڦهلجي رهي آهي هڪ ڏينهن هن ڪائنات جو ڦھلاءُ رڪجي ويندو ۽ هن ڪائنات جون سموريون ڪهڪشائون پاڻ ۾ گڏ ٿي پيسجي وينديون ۽ سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويندو، جنهن کي” مها پيھه (Big crunch ) جو نظريو چئجي ٿو.
(2)ڪن سائنسدانن جو خيال آهي ته گهڻي ڦھلاءُ جي ڪري هڪ ڏينهن ڪائنات عدم ۾ گُم ٿي ويندي.
(3)گرميءَ جي ٻئي قانون مطابق وقت گذرڻ سان ڪنهن به سرشتي ۾ بدنظمي ( Entropy) وڌندي ويندي آهي. مثال طور هڪ گرم شيءِ آهستي آهستي ٿڌي ٿيندي ويندي آهي ۽ نيٺ اُن جو گرميءَ جو درجو به پنهنجي ماحول جيترو ٿي ويندو آهي. ڪائنات کي به جيڪڏهن هڪ سرشتو سمجهجي ته ڪائنات به پنهنجي گرمي خارج ڪري رهي آهي ۽ اُن ۾ بدنظمي وڌندي وڃي ٿي. جيڪا نيٺ ھڪ ڏينهن انُ مان حرڪت ختم ڪري ڇڏيندي ۽ اھڙي ريت ڪائنات جو حرارتي موت اچي ويندو.
“مھا پيهھ ” جي نظريي جي خالق سائنسدان پال ڊيوز جي ڪتاب آخري منٽ جو حوالو ڏيندي ليکڪ لکي ٿو “جيستائين اسان سمجهي سگهيا آهيون بگ ڪرنچ (مها پيھه) رڳو مادي جو خاتمو ناهي، اھو هر شيءِ جو خاتمو آهي ڇو ته بگ ڪرنچ جي موقعي وقت بذات خود ختم ٿي ويندو. اهو پُڇڻ بي معنيٰ آهي ته پوءِ ڇا ٿيندو، بلڪل اھڙي طرح جيئن پڇجي ته بگ بئنگ کان پهريان ڇا ٿيو. هڪ ڪائنات جنهن جو آغاز بگ بئنگ جي وقت عدم مان ٿيو هو بگ ڪرنچ جي وقت ٻيهر عدم ۾ غائب ٿي ويندي.”
ان کانسواءِ ليکڪ هن ڪتاب ۾ بگ بئنگ جي هڪ ٻئي متبادل نظريي جو پڻ جائزو وٺي ٿو، جيڪو پلازما ڪائنات جو نظريو آهي. ائين هن ڪتاب جي پهرئين باب ۾ ڪائنات، ان جي ابتدا ۽ انتها جي نظرين تي سادي ٻوليءَ ۾ ھڪ وڏو بحث آهي، جيڪو اسان کي هن ڪائنات کي سمجهڻ ۾ وڏي رهنمائي ڪري ٿو. ان کانسواءِ هن ڪتاب جو “باب ٻيو” اسان جي ڌرتي هن تي ڪشش ٽقل جي ڪردار ۽ اهميت تي پڻ لکي ٿو ته هن ڌرتيءَ تي ٻوٽن جي کاڌي ٺاهڻ واري عمل روشنائي ترڪيب جي اهميت کان پڻ اسان واقف ڪري ٿو، جنهن مان اسان کي خبر پوي ٿي ته جيڪڏهن ٻوٽن جو هي روشنائي ترڪيب وارو عمل رڪجي وڃي ته هي دنيا بلڪل خُشڪ ۽ ڀرڀانگ ٿي ويندي، جيئن هيئنر چنڊ آهي، پوءِ به اسان ڌرتيءَ تي وڻ ۽ ٻوٽا ڪٽڻ کان نٿا مڙون.
هن ڌرتيءَ تي ٻوٽا هجڻ سان ئي اسين هونداسين ۽ ھتي زندگي هوندي. اُن کانسواءِ ليکڪ هن ڪتاب جي مختلف بابن ۾ ڌرتي ۽ ان تي زندگيءَ جي نمودار ٿيڻ کان ويندي ان جي بنياد جيوگهرڙي، ڊي اين اي ۽ جين تي هڪ وڏو بحث ڪري ٿو ۽ انهن جي اهميت کان پڻ اسان کي واقف ڪري ٿو ته انساني دماغ، ذهانت ڇا آهي، انسان جي ارتقا ڪيئن ٿي ۽ اها ارتقا اڄ به جاري آهي۽ انساني شعور تي تمام سادي ۽ سولي سنڌيءَ ۾ اسان کي ڄاڻ ڏي ٿو، جنهن کي پڙهڻ سان اسان سائنس ۽ فلسفي جي قديم توڙي جديد بحثن کان واقف ٿيون ٿا، جيڪي اسان کي انڌي تقليد کان روڪين ٿا ۽ اسان ۾ سائنسي سوچ پيدا ڪن ٿا. تنهنڪري هي ڪتاب سنڌ جي هر ماڻهوءَ کي ضرور پڙهڻ ۽ سمجهڻ گهرجي.