ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي ٽي آءِ: هڪ سياسي فرينڪسٽائن

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

ميري شيلي جو ناول فرينڪسٽائن 1818ع ۾ شايع ٿيو هو. هيءَ هڪ گوٿڪ ناول آهي پر ان کي پهريون سائنسي ناول به چيو وڃي ٿو. هي ڪهاڻي هڪ اهڙي مشيني ماڻهوءَ جي آهي، جنهن کي وڪٽر نالي سائنسدان ٺاهي ٿو پر پوءِ هو سماج ۾ پاڻ کي اوپرو محسوس ڪري ٿو، جڏهن ته فرينڪسٽائن لاءِ چيو وڃي ٿو ميري شيلي ان کي هڪ علامت طور ڏياريو آهي، اها علامت ان وقت يورپ ۾ ٿيندڙ صنعتي انقلاب کي ظاهر ڪري ٿي. فرينڪسٽائن جي ايجاد کان پوءِ هو فرمائش ڪري ٿو ته هن لاءِ هڪ عورت ٺاهي وڃي، جيڪا سندس اڪيلائي ختم ڪري، سائنسدان اها ٺاهيندو به آهي پر پوءِ ان کي پاڻ ئي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي، ائين فرينڪسٽائن انسانن لاءِ مٿي جو سور ٿي ويندو آهي، ان کي تباهه ڪرڻ لازمي ٿي پوندو آهي.
هن وقت پي ٽي آءِ به ملڪ لاءِ هڪ سياسي فرينڪسٽائن آهي، جنهن کي هڪ خاص تجربيگاهه ۾ تيار ڪيو ويو هو، ان جا سائنسدان به اهي ئي آهي، جيڪي ماضي ۾ به ننڍا ننڍا سياسي فرينڪسٽائن تيار ڪندا رهيا آهن، پر جڏهن اهي انهن مان تنگ يا بيزار ٿي پوندا آهن ته پوءِ انهن کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيندا آهن پر پي ٽي آءِ هڪ اهڙو فرينڪسٽائن ثابت ٿي آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ ڪجهه ڏکيو ٿي پيو آهي. هن وقت پي ٽي آءِ ان حالت ۾ پهچي وئي آهي جو اها ادارن تي الزام مڙهڻ لڳي آهي. عمران خان نيازيءَ کي هاڻ ياد آيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر نواز ليگ جو ايجنٽ آهي، جڏهن ته سڪندر سلطان راجا جي مقرري اپوزيشن ۽ حڪومتي ڌرين جي مرضيءَ سان ٿي هئي، هاڻ جيڪڏهن اهو ماڻهو ڪي فيصلا ميرٽ تي ڪرڻ لڳو آهي ته اهو نواز ليگ جو ايجنٽ ٿي ويو. عمران خان نيازي پاڻ وڏي واڪي چوندو رهيو آهي ته ملڪ ۾ انصاف هجي ته سڀ مسئلا حل ٿي ويندا پر جڏهن اهي سڀ معاملا ٿيڻ لڳن ٿا ۽ ڪا چر پر ٿئي ٿي ته پي ٽي آءِ ادارن توڙي انهن جي ڪيل فيصلن کي تڪراري قرار ڏئي ڇڏيندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو ٻيا تڪرار جنم وٺن ٿا پر ادارن کي تڪراري قرار ڏئي پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
هن وقت پي ٽي آءِ ۽ عمران خان کي چيف اليڪشن ڪمشنر ان ڪري ڪونه ٿو وڻي جو هو لاڳيتو فارين فنڊنگ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان هو ڪنهن به ريت ڪا رعايت ڪرڻ وارو ناهي، تازو ئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي 30 ڏينهن ۾ فارين فنڊنگ جي حوالي سان فيصلو ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. پر جيئن ته هي ڪيس گذريل اٺن سالن کان هلي رهيو آهي، ان ڪري ڪيس جي شنوائي به مقرر تاريخن تي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان کان سواءِ پي ٽي جي وڪيل انور منصور کان اليڪشن ڪميشن کي اهو عرض ڪيو ته کيس عيد کان پوءِ جي تاريخ ڏني وڃي ۽ سندس چوڻ هو ته هو هڪ هفتي ۾ پنهنجا دليل پورا ڪري وٺندو.
فارين فنڊنگ وارو ڪيس هڪ اهم ترين ڪيس آهي، عمران خان نيازي اڳ ئي ان خدشي جو اظهار ڪري چڪو آهي ته ان ڪيس ۾ سندس پارٽيءَ کي ڪالعدم قرار ڏئي کيس نا اهل قرار ڏئي سگهجي ٿو. جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا هٿ صاف آهن ۽ هن ڪي به اهڙا فنڊ ڪونه ورتا آهن ته پوءِ ان کي گهٻرائڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇاڪاڻ ته اها سمورن دستاويزن وسيلي ان کي ثابت ڪري سگهي ٿي ته ان ڪن به ماڻهن کان پئسا ڪونه ورتا آهن.
پي ٽي آءِ کان اقتدار ڦرجڻ کان پوءِ جيڪو ماحول اسان کي نظر اچي رهيو آهي، ان ۾ اسين اهو به ڏسون پيا ته ڪهڙي ريت اها سازش واري نيريٽو جو رينگٽ لايو ويٺي آهي. تازو ئي جڏهن قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي ته ان ۾ به اها ڳالهه ورجائي وئي ته ڪابه سازش يا مداخلت ناهي پر تنهن هوندي به پي ٽِي آءِ اهو چئي رهي آهي ته ڪميٽي به ان ڳالهه کي قبول ڪيو آهي ته سازش ٿي آهي. اصل ۾ پي ٽي آءِ اهو طئي ڪري ورتو آهي ته هن جي هر اڳواڻ ۽ ڪارڪن کي گوئبلز جو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. تنهنڪري انهن وٽ سچ جي ڪابه معنيٰ ناهي پر جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي معنيٰ آهي ته اُهو اِهو ڪوڙ آهي، جنهن جو بار بار ورجاءُ ڪري ماڻهن کي اهو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش پي ڪئي وڃي ته سچ اهو ئي آهي، جيڪو اوهين اسان جي واتان ٻڌي رهيا آهيو.
عمران خان نيازي، هن سڄي معاملي کي سازش ان ڪري به قرار ڏئي رهيو آهي جو کيس اندازو ئي ڪونه هو ته هو اهڙي ريت اقتدار جي حسين ايوانن مان نڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو “ڪمپني بهادر” جي اکين جو تارو ٿي چڪو هو پر اها همدردي هڪ حد تائين ته جاري رهي سگهي ٿي پر ان کان اڳيان، وري به پنهنجو بار پاڻ کڻڻ جي ضرورت پيش ايندي آهي. اڄ هو عدالتن کان شڪايتون ڪري رهيو آهي، پر هن 9 اپريل واري رات ئي آئين ۽ عدالتي حڪمن کي پنهنجن پيرن هيٺيان لتاڙي ڇڏيو هو. هاڻ تقريرن ۾ اهو چئي رهيو آهي ته مون ڪهڙو آئين ٽوڙيو هو جو 12 وڳي عدالتون کوليون ويون. هي شڪايت اصل ۾ ان ڏوهه کي لڪائڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي، جيڪو ان رات پي ٽي آءِ ڪرڻ لاءِ هر ناجائز ڪوشش ڪئي هئي. پر جيئن ته “ڪمپني بهادر” اڄڪلهه پي ٽي آءِ کان پرڀري آهي، تنهنڪري ان جي اها سازش ڪامياب نه ٿي سگهي، جنهن جي نتيجي ۾ عمران خان نيازي پنهنجو اقتدار وڃائي ويٺو.
پر هاڻ اها هن سماج ۾ سياسي فرينڪسٽائن بڻجي چڪي آهي، جنهن جا چاهيندڙ سوشل ميڊيا تي رڙيون ڪري ۽ روئي چئي رهيا آهن ته انهن جي مسيحا کي هڪ سازش تحت ڪڍيو ويو آهي، فواد چوڌري جو تازو بيان نئين آرمي چيف جي مقرريءَ کي به تڪراري بنائڻ جي ڪوشش آهي. عمران خان جو اقتدار بچي سگهيو پئي، جيڪڏهن هو نئين آرمي چيف جي مقرريءَ جي حوالي سان ڪي خراب ارادا نه رکندو هجي ها.
هي وقت اسٽيبلشمينٽ لاءِ پنهنجن پاليسين تي غور ڪرڻ جو آهي ته ڇا واقعي به هن کي ان قسم جا سياسي فرينڪسٽائن تيار ڪرڻ گهرجن، جيڪي سماج کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪاهي پون ۽ ان کان پوءِ اهي ان کي ختم ڪرڻ به ان لاءِ مسئلو ٿي وڃي. پي ٽي آءِ وري ماضي جهڙو اوج ته ماڻي نه سگهندي پر اها ملڪ جي سياسي ماحول کي گندو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ضرور ادا ڪندي رهندي، ڇاڪاڻ ته ان اقتدار ۾ رهي، اقتداري حوس جو مزو ورتو آهي، جنهن کان سواءِ هاڻ هن جو وجود غير ضروري ٿي پيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button