افغانستان مان آمريڪي فوجين جي اوچتي ڀاڄ کانپوءِ جنھن تيز رفتاريءَ سان پاڪستان اندر دھشتگردي ذريعي سيڪيورٽي فورسز توڙي چائنا جي باشندن تي موتمار حملا ٿيندا رهن پيا انھن کي رڳو ڀارتي سازش يا سامراجي ويرين پاران چين جي سيپيڪ منصوبي کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏيئي آخر ڪيستائين ھن ملڪ جا اصل مالڪ عوام کي لالي پاپ ڏيندا رهندا؟ ڇا اھڙن ڏٽن ۽ دلاسن سان ملڪ اندر امن امان واري باغ بھار صورتحال پيدا ڪرڻ ۾ وس وارن کي ڪاميابي پلئه پيئي آهي يا خودڪش بمبارن جي لڳاتار دھشتگرد حملن ڪروڙين ماڻهن جو سک ڦٽائي ڇڏيو آهي؟ اتر وزيرستان ۽ وانا جي ڏورانهن جابلو علائقن ۾ فوجي قافلن تي ھفتي ڏھين ڏينهن ٿيندڙ حملن جو ٿي سگهي ٿو ته شھرن ۾ رهندڙ اسان جي ماڻهن تي گھڻو اثر ۽ ڊپ پيدا نه ٿيندو ھجي پر جڏهن ڪراچي يونيورسٽي جھڙي ملڪ جي سڀ کان وڏي مادر علمي اندر مھمان چيني پروفيسر مارجندا ته ظاهر آهي اسان جي شھرين جي دلين ۾ به ڊپ ۽ ڳڻتي ضرور ڪر کڻندي. نتيجي طور تعليمي ادارن جو ماحول ھڪ ڀيرو وري به خراب ٿي پوندو. ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيل واردات جي ذميواري نه رڳو بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) قبول ڪري ورتي آهي پر اھم حقيقت ھي آهي ته يونيورسٽي جي ھاسٽل ۾ ترسيل جنهن بلوچ شاگردياڻي بم ۽ بارود ڀريل لباس پهري آپگھاتي حملو ڪيو آهي سا ڪنهن مدرسي مان پڙھي نڪتل کٿابڻ نه پر ھڪ پڙھيل لکيل خاندان جي ڌيءَ ھئي. سندس والد رٽائرڊ سينئر آفيسر آهي ۽ ڀائر توڙي ڀينرون به ڊاڪٽر ۽ ليڪچرار آهن. منھنجي خيال ۾ بلوچستان جي عام ماڻهن جي چائنا سان دشمني ھرگز ناهي پر چيني شهرين کي نشانو بڻائي ھي باغي جوان ۽ نياڻيون چيني حڪومت کي اھو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪن پيا ته جيڪڏهن اسان جي قدرتي وسيلن تي ھميشه واسطي قابض ٿيڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اسان اوهان سان ويڙهاند ڪندا رهنداسون.
پاڻ سڀني کي ڄاڻ آهي ته ھن ملڪ جي اڀري سڀري ۽ لولي لنگڙي جمهوريت ۾ ظاهري طرح راڄ ڪندڙ ڪاٺ جي پتلن جون سڳيون سورڻ وارا پردي پويان بيھڻ بدران ھاڻي ته سياسي اسٽيج تي خلق جي سامھون اچي بيٺا آهن. عمران خان جيڪو غير قانوني ناٽڪ ڏيکاري ھنن اصل مالڪن کي خوار خراب ڪري رهيو آهي، ايئن ته جناب محمد خان جوڻيجي، ميان نواز شريف يا بينظير ڀٽو صاحبه به نه ڪيو جن سان باقاعدي زورآوري ۽ ڏاڍائي ڪري سندن حڪومتن کي آئين جي آرٽيڪل 58ٽو (بي) جي ناجائز استعمال ذريعي ڊاھي ڇڏيائون. عمران خان کي ته ھنن چيچ کان جھلي ايئن پئي ھلايو جيئن ننڍڙي ٻار کي ھلائبو آهي ته متان پٽ تي ڪري ڦھڪو نه ڪري ۽ ڌڪ نه لڳيس. پر اھو ٻار جڏهن وڏڙن کان پنهنجي چيچ زوريءَ ڇڏائي ڊوڙ پائيندو ته ايئن ڊھندو جيئن خان ڊٺو آهي. ھاڻ ھو نه اعليٰ عدالتن، نه اليڪشن ڪميشن، نه پارلياماني نظام، نه اظھار جي آزادي ۽ نه ئي انهن کي مڃڻ لاءِ تيار آهي جن کيس پوڻا چار سال تخت تان ڪرڻ کان بچايو. ڇا سندس ساھه ان طوطي ۾ آهي جنهن جا فارين فنڊنگ واري ڪيس جو فيصلو اچڻ شرط پساھه پورا ٿي ويندا ۽ انھيءَ طوطي جو موت عمران خان جي بي حساب ڌاڙن کي سڄي جڳ جهان آڏو بي لباس ڪري ڇڏيندو ۽ ھو ڳاٽ اوچو ڪري ھلڻ جھڙو به نه رهندو. اربع تي ٿيل شنوائي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر عمران جي وڪيل کي چئي ڇڏيو ته بيشڪ اسان جي خلاف نعرا هڻن يا سوين، ھزارين يا لکين ماڻهو وٺي اچو، ڪونه پرواهه ڪنداسين. فيصلو حق ۽ سچ تي آئين مطابق ٿيندو.
پاڻ شروع ۾ ملڪ اندر ڏينهون ڏينهن وڌندڙ دھشتگردي جو ذڪر ڪيو جنهن لاءِ داعش، تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ٻيون شدت پسند ڪٽر فرقي پرست تنظيمون ذميدار آهن. سندن موتمار حملن جي ڪري پاڪستان اندر عام رواجي ڪار وهنوار ۽ واپار توڙي زرعي ۽ صنعتي پيداوار تي خطرناڪ حد تائين منفي اثر پئجي چڪو آهي. عام ماڻهن جي معاشي حالت به خراب کان خراب تر ٿيندي وڃي. خدا جي خلق مھانگائي، بيروزگاري ۽ پوليس جي ظلمن، چورين، ڌاڙن، قبضامافيا جي بدمعاشين ۽ ٻين ڪيترين ئي سماجي بيمارين جي ڪري پنھنجي حياتيءَ مان به بنهھ بيزار ٿي پيئي آهي. اھڙي ڀوائتي ماحول کي عوام لاءِ خوشگوار بڻائي، کين سک جو ساھه کڻڻ جو موقعو نئين مسلم ليگ سرڪار ھٿان نه ملندو ته ماڳھين ملڪ اندر انارڪي ۽ بغاوت پکڙجي ويندي. مٿي ذڪر ڪيل ڪٽر فرقي پرست دھشتگرد تنظيمن جي ڀيٽ ۾ بلوچستان جي باغين جو ڪيس بنھه سياسي ۽ معاشي آزاديءَ جو حق حاصل ڪرڻ آهي. مون اڳ ۾ ئي لکيو آهي ته هي باغي بلوچ مدرسن مان پڙھي نڪتل کٿابي ناھن. تمام گھڻا پڙھيل ڪڙھيل سندن صفن ۾ موجود آهن جن سان پاڪستان ٺهڻ کان وٺي سنڌين وانگر بيواجبيون ۽ سنڌين کان گھڻيون بي انصافيون ۽ باقاعدي ظلم ڪيا ويا آهن تنهن ڪري ضروري آهي ته ميان شهباز شريف نه رڳو پارليامينٽ ۾ موجود بلوچ اڳواڻن وسيلي باغين سان ڳالهه ٻولهه ڪري بلڪ 1940 واري قرارداد پاڪستان ۾ طئي ٿيل صوبائي خودمختياري تي اتفاق راءِ پيدا ڪري، ملڪ کي وڌيڪ ڏچن ۾ وجھڻ کان بچائي سگهي ٿو. مون کي وزير اعظم شھباز شريف جي سياسي ڏاھپ ۽ دور انديشي بابت ڪا به ڄاڻ ناهي پر 2013 وارين عام چونڊن کان مھينو اڳ سيد ظفر علي شاهه جي دعوت ۾ نواز شريف سان ڪلاڪ کن ڳالهائڻ جو موقعو مليو جنهن مان اندازو لڳايم ته هو صوبن جي مڪمل خودمختياريءَ جي حق ۾ آهي. سندس انھيءَ سوچ جو ھڪڙو زنده مثال آهي پنجاب بينڪ جيڪا 1989 ۾ وزير اعظم بينظير ڀٽو جي سخت مخالفت باوجود چيف منسٽر پنجاب جي حيثيت ۾ قائم ڪئي ھئائين. ان وقت بينظير صاحبه جي وزير داخلا اعتزاز احسن منھنجي روبرو صحافين سان ڳالهائيندي ھي لفظ چيا ھئا جيڪي مون ڏھه سال اڳ ڇپيل ھڪ ڪالم ۾ لکي ڇڏيا ھئا.
Nawaz sharif has declared unilateral independence by opening the Bank of Punjab with out seeking permission from the federal authorities.
مطلب ته وفاقي سرڪار جي اجازت بنا پنجاب جي چيف منسٽر نواز شريف بينڪ آف پنجاب ٺاھي، يڪطرفي آزاديءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
اچون ٿا بلوچستان جي ماڻهن سان جنرل ايوب خان جي مارشل لا کان وٺي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي چونڊيل عوامي سرڪار تائين ٿيل ظلم ۽ زورآوري تي جنهن بابت نئين ٽهيءَ جي جوانن کي اھا ڄاڻ نه ھوندي ته جنرل ايوب بلوچ ليڊر نواب نؤروز خان کي ڳالهين جي دعوت ڏيئي گهرايو ۽ کيس سندس ڀائرن سوڌو ڦاسي تي چاڙهي ڇڏيائين. ڀٽو صاحب ته 21 ڊسمبر 1971 تي اقتدار ۾ اچڻ شرط پنهنجي محسن جنرل گل حسن کي برطرف ڪري جنرل ٽڪا خان کي فوجي سپهھ سالار مقرر ڪيو. بنگال ۾ ڪيل قتلام سبب عالمي ميڊيا ٽڪا خان کي The butcher of Bengal يعني بنگالين جو ڪوس ڪندڙ ڪاسائي لقب ڏيئي ڇڏيو هو جنهن جي به ذوالفقار علي ڀٽي پرواهه نه ڪئي ڇاڪاڻ ته بنگلاديش ۾ ڪرايل فوجي آپريشن ۾ ڀٽو صاحب تڏهوڪي فوجي قيادت سان ٻٽ ھو.
بھرحال ھن وقت پي ڊي ايم جي گڏيل حڪومت آهي جنهن ۾ تجربيڪار سياستدان شامل آهن. جيڪڏهن ھڪ دفعو گڏيل راءِ سان آئين مطابق ھرھڪ ادارو پنهنجي پنهنجي دائري اندر رهي ڪم ڪري ۽ ماڻهن تي غداري جو ليبل لڳائڻ وارو پراڻو فيشن ختم ڪري ڇڏجي ته ان ۾ ملڪ جي ڀلائي آهي. انساني فطرت آهي ته جيڪڏهن اوهان ماڻهن کي فڪر جي آزاديءَ کان محروم ڪندا ته ھو اھا آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پھرين ته پرامن احتجاج ڪري پنهنجو ڏک درد ظاهر ڪندا پر جڏهن سندن پرامن سياسي احتجاج تي ايئن ظلم ڪيو ويندو جيئن نوابشاھه پوليس ايس ٽي پي جي اڳواڻن جي مائرن ۽ ڀينرن سان ظلم جي انتها ڪئي آهي ته پوءِ ماڻهو باغي ٿيندا ۽ ھٿيار کڻندا آهن. آئون سدائين سنگت وارن کان پڇندو آهيان ته، ڇا ڌاڙيل ماءُ جي پيٽان ڄمندا آهن؟ جواب ڏيندا آهن ته ھرگز نه.
پوءِ سوچيو ته يونيورسٽي ۾ تعليم پرائيندڙ ھڪ پرامن شاگرد کي باغي ڪرڻ لاءِ ذميوار ڪير آهي؟ ٻنيءَ تي ھارپو ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ پاليندڙ ھڪ ھاري کي ڪير ٿو ھٿيار کڻائي ۽ ڏوھاري بڻائي؟