ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آيا صوفيه

Editorial-Article- Sadaf Shaikh

ترڪيءَ جي شهر استنبول جي هڪ مشهور عمارت آيا صوفيه جنهن کي تازو رجب طيب اردگان ميوزيم مان تبديل ڪري ان کي وري مسجد ۾ مٽائي ڇڏيو آهي. ان مسجد ۾ رمضان مهيني ۾ جمعي جي رات پهرين تراويح جي نماز جو اهتمام ڪيو ويو.
جڏهن ته ان کي گذريل سال 24 جولاءِ تي عبادت لاءِ کوليو ويو هو. سوال اهو به هو ته پٺيان ٻه سال هي مسجد ڇو بند رهي، ڪورونا وائرس دوران اها مسجد کليل ته هئي پر تراويح جو ڪو به پروگرام نه ٺهي سگهيو، ڇو ته صحت واري شعبي طرفان ڪورونا جا اڻ ڳڻيا ڪيس ظاهر ٿيا هئا، جنهن ڪري ڪجهه مسجدن ۾ (ايس او پيز) تي خاص عمل ڪري تراويح ڪرائي وئي. مون کي ياد آهي ته گذريل سال آئون ترڪيءَ جي هڪ علائقي ۾ مسجد ۾ نماز ادا ڪرڻ ويس ته خبر پئي ته امام رڳو 8 رڪعتون تراويح پڙهايون ۽ هاڻ مسجد بند ٿي چڪي آهي. مان واپس مايوس ٿي هلي آيس ۽ هاڻ مون رمضان ۾ صبح ۽ شام جو جڏهن به مسجد ۾ پير رکيو ته مون کي دل هڪ وسوسو هو ته الائي مون کي نماز پڙهڻ لاءِ جڳهه ملي به يا نه. ان کان سواءِ افطاريءَ جو نور، روشني، مزو ۽ خوشيءَ جو هڪ احساس ٿي رهيو هو ۽ اتي هوا به ٿڌي ڄڻ رمضان جي اچڻ سان هر شيءِ ۾ چمڪ ۽ نور اچي ويو هجي. ان کان سواءِ ترڪيءَ جي هڪ ءِاخبار ۾ خبر ڇپي هئي ته هن مسجد ۾ رمضان لاءِ ڪجهه مختلف تقريبون ۽ پروگرام ڪيا ويندا. آيا صوفيه سن 532ع ۾ تعمير ٿي هئي ۽ هي پهرين چرچ جي حيثيت سان ئي ٺهي هئي. تنهنڪري ان کي چرچ چيو وڃي ٿو. بادشاهه (Justinian) ان وقت عيسائيت قبول ڪئي هئي ۽ هن اهو چرچ تعمير ڪرايو هو. هڪ روايت آهي ته جڏهن اهو چرچ ٺهي تيار ٿيو ته (Justinian) اندر گهڙي اهو چيو ته آئون سليمان کان اڳيان نڪري ويس، جيئن ته حضرت سليمان عليه السلام گهر ٺاهيو هو. ان کان سواءِ اها گرجا عيسائين جي هڪ مذهبي جڳهه هئي. آرٿوڊاڪس فرقي جي اها عمارت هڪ مقدس جاءِ هئي، ايتري قدر جو ان ڪليسا جو سربراهه پنهنجو نالو ان عمارت سان گڏائي لکندو هو. ڇو ته انهن جو ان سان مذهبي ۽ روحاني لڳاءُ هو.
Justinian اول انهي عمارت کي 532ع ۾ پڪو تعمير ڪرايو ۽ ان جي تعمير 5 کان 10 مهينن ۾ مڪمل ڪئي وئي. هڪ ئي وقت ۾ 10 هزار مزدور هن چرچ جي اڏاوت ۾ مصروف هئا. ان وقت هن گرجا گهر تي 10 هزار پائونڊ جو خرچ آيو. ان جي تعمير ۾ بادشاهه سڀ کان مهانگو ترين سنگ مرمر استعمال ڪيو، ان کان سواءِ دنيا جا خاص مصالحه استعمال ٿيا. جڏهن ان عمارت جي اڏاوت ٿي رهي هئي ته سڄي دنيا جي عيسائين گيت ۽ نذرانا پيش ڪيا.
1453ع ۾ عثماني سلطنت جو سلطان محمد بن فاتح قسطنطنيه کي فتح ڪيو ۽ بازنطنين کي شڪست اچي وئي. ان کان سواءِ هتي ڪافي رهنمائن ۽ مذهبي پيشوائن پناهه وٺڻ شروع ڪري ڏني. ان عمارت چرچ طور 916 سال خدمتون سرانجام ڏنيون. تنهن کان سواءِ 1453ع کان 1934ع تائين تقريبن 500 سال هي عمارت مسجد طور ڪم ايندي رهي.
مشهور عثماني ماهر ۽ تعمير ساز ان عمارت جي گنبذ سان گڏوگڏ چار مينار به تيار ڪيا، انهن تي اسلامي خطاطي به ڪئي هئي. مسجد جي مينارن تي اهلبيت جا نالا لکيل آهن.
1934ع ۾ جديد ترڪيءَ جو باني ڪمال اتاترڪ پاشا جنهن جي حڪومت سيڪيولر سمجهي ويندي هئي، هن ان جي مسجد ۽ گرجا گهرواري حيثيت ختم ڪري، ان کي عجائب گهر يعني عجائب گهر قرار ڏئي ڇڏيو.
آيا صوفيه يوناني لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ حڪمت خداوندي آهي. هي هڪ بهترين ۽ دنيا جي مشهور شاهڪارن مان هڪ شاهڪار آهي.
آيا صوفيه جي سامهون هڪ خوبصورت باغ ۽ چشمو آهي، جن جي مرڪزي دروازي تي ٻنهي طرفن کان پٿر لڳل آهن، جتي پهريدار بيهندو هو. اندر گهڙڻ سان هڪ ڪشادو هال آهي، جيڪو چورس شڪل جو آهي. هن سڄي عمارت جا 170 ٿنڀ آهن، چئني ڪنڊن تي مسلمانن جي خطاطي ڪيل آهي ۽ جيڪڏهن مٿي نظر ڪجي ته ڇت وٽ وڏا وڏا روشندان آهن، ان کان سواءِ هن عمارت ۾ سنگ مرمر استعمال ٿيل آهي ۽ ڪئين ٽائلون لڳل آهن، جن کي ڏسي يقين ناهي ايندو ته اهڙو شاهڪار قدرت واري کان سواءِ هڪ انسان به ٺاهي سگهجي ٿو.
هينئر 2022ع ۾ جمع جي رات 88 سالن کان پوءِ هن مسجد ۾ تراويح ڪرائي وئي، گذريل ٻن سالن ۾ اها مسجد (Covid) جي ڪري کليل ته هئي پر تراويح جو ڪوبه انتظام يا ائين چيو وڃي ته پروگرام نه هو.
هن مسجد ۾ ايتري عرصي کان پوءِ باجماعت تراويح ۾ هزارين مسلمانن شرڪت ڪئي ۽ مسلمانن ۾ هڪ خوشيءَ جي لهر ڇانيل هئي. ائين لڳي رهيو هو، جيئن هڪ قدرتي نور هن مسجد ۾ وسي رهيو هجي. ان کان سوا افطاريءَ جي وقت هڪ اهڙُو پرسڪون ماحول نظر اچي رهيو هو، ڄڻ هي اهو لمحو هو، جنهن جو سالن کان انتظار ٿي رهيو هو.
آيا صوفيه فقط استنبول جي نه بلڪه پوري عالم اسلام جي فتح آهي. ڇو ته جيڪڏهن تاريخ تي نظر ڪجي ته ڪجهه اهڙيون اڳڪٿيون به ملن ٿيون، جن جي ڪري اها عمارت فتح ڪرڻ ضروري هئي.
هڪ انگريز لکي ٿو ته عيسائين جو عقيدو هو ته هو ان ڪليسا کي دشمن ڪڏهن به فتح نٿا ڪري سگهن، ڇو ته ڪجهه مذهبي ۽ ڪن ڪي رائج روايتون اهي هيون ته جيڪڏهن دشمن ڪليسا کي فتح ڪرڻ ايندو ته جيئن ئي هن گنبذ، يعني ڪليسا جي اندرين گنبذ وٽ پهچندو ته هڪ فرشتو نازل ٿيندو ۽ انهن سڀني کي بچائيندو. جڏهن سلطان فاتح قسطنطنيه فتح ڪيو. جڏهن ان خوبصورت عمارت جو وارو آيو ته راهبائون، پادري، ٻار ۽ سڀ عيسائي هتي اچي گڏ ٿيا هئا، ائين ئي سلطان فاتح پهچي ان عمارت کي فتح ڪيو ۽ اهڙو ڪوبه معجزو رونما نه ٿيو.
جديد ترڪيءَ جي باني اتاترڪ هن عمارت کي ميوزيم جو درجو ڏنو هو، هن عمارت جي حوالي سان عيسائي توڙي مسلمان پنهنجون پنهنجون دعوائون ڪندا رهيا آهن ۽ هاڻوڪي صدر رجب طيب اردگان اليڪشن دوران آيا صوفيه کي مسجد جي صورت ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو هو. ان فيصلي سان يورپي يونين ۽ ٻيا دنيا جا ڪروڙين ماڻهو ناخوش آهن. پر يونيسڪو پاران آيا صوفيه کي 1985ع ۾ عالمي تاريخي ورثي ۾ شامل ڪيو ويو. ايتري قدر جو اردگان جي ان فيصلي تي يونيسڪو وارا به ناخوش آهن.
تازو ان ميوزيم ۾ مذهبي سرگرمين ۾ اضافو نظر آيو. 2010ع ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردگان هتي قرآن شريف جي تلاوت ڪئي ۽ هزارن جي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي هئي. سلطان احمد کان وٺي لاليلي واري اسٽاپ تائين بيهڻ جي جڳهه نه هئي ۽ اهو ساڳيو منظر هن رمضان به ڏسڻ لاءِ مليو ۽ آيا صوفيه وڏي ءِوقت کانپوءِ پنهنجي ساڳي حالت ۾ بحال ٿي آهي. يقينن هي فيصلو سڀني مسلمانن لاءِ خوشي جهڙو ۽ تاريخي آهي. ڇاڪاڻ ته عبادت جي جاين کي عبادت لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button