ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪ ۾”نئين ھٽلر” جا ظلم جاري

Editorial-Article-Mohammad Khan Sial

چيف جسٽس آف لاھور ھاءِ ڪورٽ جسٽس امير ڀٽيءَ تازو تاريخي فيصلو ڏنو آھي سو نه رڳو ملڪ جي گڏيل ڀلائيءَ لاءِ آھي پر ساڳي وقت ملڪ جو سياسي ۽ اقتصادي طرح ٻيڙو ٻوڙيندڙ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان نيازيءَ لاءِ صدمي کان گهٽ ناھي. اھا اچرج جهڙي ڳالھه آھي ته ملڪ جي آباديءَ جي خيال کان، سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ 25 ڏينھن کان لاڳيتو ڪوبه وڏو وزير ڪونھي، جيڪو اتان جي صوبائي سرڪار توڙي عوام سان به وڏو ۽ کليو کلايو تاريخي ظلم آھي. بھرحال، جنھن کي سڄي ملڪ سان ھمدردي آھي، تنھن کي اھڙي انوکي ۽ تاريخي ظلم کي زوردار طريقي سان نندڻ گهرجي نه ته اھو به ممڪن آھي ته اڳوڻو “سليڪٽيڊ وزيراعظم” يا “نئون ھٽلر” اڳتي ھلي پاڪستان ۽ وڏي صوبي پنجاب کانسوا رھيل ٽن صوبن ۽ سڄي ملڪ سان به “ناڪاري سياست” ذريعي وڏي جُٺ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو. اھا به سچائي آھي ته عمران خان نيازي اڳوڻي وزيراعظم طور سنڌ سان وڏو ظلم ڪيو. ٻيو ته ٺھيو پر ھن سنڌ جا جائز رھيل وڏي رقم مان اربين رپيا ڪيترا ڀيرا کائي گهٽ رقم ڏني ھئي.
اڳوڻي وزيراعظم طور ۽ ان کان اڳ دور واريون سندس پراڻيون حرڪتون به دھرائڻ ضروري ٿي پيو آھي. جيڪڏھن سندس وس پڄي ھا ته “سليڪٽيڊ وزيراعظم” بڻجڻ کان اڳ، ھن سنڌ ٽوڙڻ جو به ڪيترا ڀيرا اعلان ڪيو ھو ۽ مون کي ياد آھي ته ھن ڪراچي پريس ڪلب ۾ سندس چواڻي دعوى ڪئي ته “اندرون سنڌ” وارن کي ڪراچيءَ تي حڪومت ڪرڻ جو حق ناھي. منھنجو تبصرو ھو ته وفاق ۽ سڄي ملڪ جي صوبن ۾ اھو دکدائڪ قصو لاڳو ڪونه ٿو ٿئي ڇاڪاڻ ته اتي گاديءَ جي شھرن وارن جون حڪومتون بلڪل ناھن سو رڳو سنڌ تي ميار، نفرت ناھي ته ٻيو ڇا آھي؟
لاھور ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي ڪارڻ حالتن کي بھتر سمجهڻ لاءِ ٿورو پر ڳُوڙھو جائزو به وٺجي. جسٽس امير ڀٽيءَ جو پنھنجي مختصر تبصري ۾ اھو چوڻ ھو ته 25 ڏينھن کان صوبي (پنجاب) جي سرڪار موجود ڪونھي. چونڊيل وڏي وزير طرفان قسم کڻڻ ۾ دير، آئين جي ڀڃڪڙي آھي. حڪم موجب خميس تائين (28 اپريل)، پنجاب جو گورنر يا پنھنجي نمائندي ذريعي پنجاب جي وڏي وزير حمزا شريف کان قسم کڻائي.
اصل ڳالھه نوٽ ڪرڻ جي آھي ته عمران خان جي حامي يعني پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما جو وڏو ناٽڪ رچايل آھي جنھن پنجاب جي چونڊيل وڏي وزير کان 25 ڏينھن اندر قسم ڪونه کڻايو. ٻيو ته ٺھيو پر وزيراعظم شھباز شريف، صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي لکت ۾ مدد جي درخواست ڪئي پر ھن بھانا بڻائي گورنر کي درخواست موڪلي ڏني. نه رڳو ايترو پر صدر جيڪو عمران خان جي پارٽيءَ سان لاڳاپيل رھيو آھي ۽ ڪراچيءَ واسي آھي تنھن ملڪ جي وزيراعظم توڙي وڪيلن کان قسم نه کڻايو پر تازو بولاٽي کائي چئن وزيرن کان قسم ورتو ۽ 27 اپريل تي پاڪستان پيپلز پاٽي (پ پ پ) جي سربراهه بلاول ڀُٽي زرداريءَ کان به پرڏيھي وزير طور قسم کڻايو. ائين لڳي ٿو ته کيس ھاڻي ملڪ جي صدر طور جاري رھڻ جو شوق جاڳيو آھي، سو عمران خان نيازيءَ جي سازشن تي ھاڻي گهٽ عمل ڪرڻ شروع ڪيو اٿس.
بھرحال، انھيءَ چيف جسٽس گذريل ڏينھن ۾ اھي رمارڪس ڏنا ھئا ته ملڪ جو صدر سمھي رھيو ھو سو عدالت پنھنجي فيصلي سان کيس جاڳايو آھي. جسٽس امير ڀٽيءَ رمارڪس ڏنا ھئا ته عدالت صدر کي ياد ڪرايو ته اوھان رياست جا سربراهه آھيو پر شايد اوھان کي سمجھه ۾ نه آيو. عدالت کي اھو ٻڌايو ته ڇا صدر انھيءَ معاملي کي نبيري رھيو آھي؟ صدر کي احساس نه ٿي سگهيو ته صوبي کي ڇا ڪرڻو آھي نه ته ڪو فيصلو ڪري موڪلي ڏئي ھا. ياد رھي ته حمزا شريف عدالتي حڪم جي باوجود کيس قسم نه کڻائڻ وارو فيصلو، لاھور ھاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ھو. بھرحال، عدالت اھو به ڄاڻايو آھي ته آئين ھيٺ پاڪستان جو صدر ۽ پنجاب جو گورنر پنھنجي قسم کڻائڻ تي عمل ڪرائڻ جا پابند آھن. نئين چونڊيل وڏي وزير کان قسم نه کڻائڻ آئين ۽ جمھوريي روايتن جي ڀڃڪڙي آھن.
ٻئي طرف، منهنجي راءِ آھي ته اسان مختلف حڪومتون ڏٺيون آھن، خاص ڪري جنرل ايوب جي دور ۽ ان کان پوءِ جون حڪومتون.انھن حڪومتن ڪڏھن به وڏي پيماني تي اھڙيون حرڪتون ڪونه ڪيون، يعني صوبي جي وڏي وزير جي جائز چونڊن باوجود 25 ڏينھن تائين سندس قسم نه ورتو ھجي. گورنر، لاھور ھاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود نئين چونڊيل وڏي وزير حمزا شريف کان اڳ قسم نه کڻائي سگهيو آھي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي عدالتي ھدايت باوجود قسم کڻڻ لاءِ ڪنھن ٻئي شخص کي ذميداري به نه ڏئي سگهيو.
ٻئي طرف، عمران خان نيازي جنھن جون اعتراِض جوڳيون پاليسيون ھيون تنھن کي ڪجهه سياستدانن کي “ايڊولف ھٽلر” سڏيو آھي. اصل ۾ ھٽلر پاڻ کي فرشتو سمجهي يورپ جي اھم ملڪ جرمنيءَ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو ھو جو اتان جا گهڻي انگ ۾ مرد قتل ٿي ويا ۽ ٻيو ته ٺھيو پر اتي مردن جو انگ ڪيترن سالن تائين لاڳيتو گهڻو گهٽل آھي. جڏھن ته عورتن جو انگ وڌيل آھي. مون جرمنيءَ جي ذاتي دوري دوران، اھا ڳالھه خاص ڪري نوٽ ڪئي ۽ جرمنيءَ ۾ رھندڙ ڪيترين سنڌين مون سان ذاتي ڪچھريءَ ۾ مردن جي گهٽائي ۽ عورتن جي واڌ بابت مختلف داستان ٻڌايا.
بھرحال، ھٽلر ۾ جيڪا ڊڪٽيٽرشپ ھئي سا ڪنھن حد تائين عمران خان نيازيءَ ۾ به آھي جيڪو عوام کي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي، بيروزگاري ۽ غلط پرڏيھي پاليسين باوجود پاڻ کي فرشتو سمجهي ٿو. ھو ڪجهھ وقت کان آمريڪا ۽ يورپ ملڪن خلاف لاڳيتو پروپئگنڊا ڪندو رھي ٿو پر اھو ٻڌائڻ کان بيوس آھي ته ھن پنھنجي ملڪ لاءِ نيٺ ڪھڙا ڀلائيءَ جا مکيه ڪارناما ڪيا ۽ ڇو آمريڪا ۽ يوروپي ملڪ سندس خلاف ٿي ويا. عمران جون پاليسيون ملڪ جي فائدي ۾ ڪونه ھيون، ٻيو ته ٺھيو پر ھو ھندستان جو، پاڪستان خلاف پاليسين جو مقابلو به ڪونه ڪري سگهيو. منھنجي ذاتي ڇنڊڇاڻ موجب عمران خان ۾ وزيراعظم طور بردباري ٽڪو ئي ڪانه ھئي ۽ نه ئي ھاڻي آھي. رڳو بيانن ذريعي پاڻ کي فرشتو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو آھي پر رڳو سُھڻن بيانن تي ھو گهڻو وقت حڪمراني ڪري ڪونه سگهيو ھو ۽ نه ئي اڳتي ھلي ٻيھر حڪمراني ڪري سگهندو آھي، جيتوڻيڪ شروع ۾ ماڻھو سھڻن بيانن کان ڪنھن حد تائين متاثر به ٿيندا آھن.
بھرحال، ملڪ جي مکيه ڀلائيءَ لاءِ اسان جي عوام کي دلي اپيل آھي ته اھي، عمران خان نيازيءَ جي اڳوڻي وزيراعظم طور ۽ عھدي تائين ھٽائڻ کانپوءِ ملڪ توڙي عام دشمن پاليسين جو ڳنڀيرتا سان نوٽيس وٺن ۽ سندس غلط پاليسين خلاف زوردار تحريڪ ھلائين ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازي ماڻھن کي ڏٽا ڏئي وري ملڪ جو وزيراعظم ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ بڻيو ته سڄي ملڪ کي اڃا به گهڻو تباهه ڪري ڇڏيندو ۽ جيستائين سنڌ جو واسطو آھي ته کيس سڄي سنڌ سان نفرت ھئي، ھو رڳو سنڌ جي ھڪ شھر جي ڀلائيءَ لاءِ بيان ڏيندو ھو پر سڄي سنڌ لاءِ کيس ھرگز ڳڻتي ڪانه ھئي ۽ سنڌ جا رھيل جائز اربين رپيا ڪيترا ڀيرا نه ڏئي ھن سنڌ کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.
منھنجي عزت سان راءِ آھي ته سنڌ جا سڀ ماڻهو، عمران خان نيازيءَ جي سنڌ سميت سڄي ملڪ دشمن پاليسين کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڳنڀيرتا سان زوردار ڪوششون ڪندا رھن ته بھتر.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button