ڪراچي نئين ملڪ جي قيام وقت ان جي گادي جو هنڌ ٿي ويو. اهڙي ريت اهو ساڳي وقت سنڌ ۽ پاڪستان جي گادي جو هنڌ هو. خاص طور ان ڪارڻ مهاجرن جي وڏي پئماني تي شهر ۾ اچڻ ۽ هندن جي ڀارت لڏي وڃڻ ڪري شهر جي آبادي ۾ غيرمعمولي واڌارو ٿيو ۽ ساڳي وقت ان جو توازن پڻ بدلجي ويو. هڪ سنڌي گھڻائي وارو شهر غير سنڌي گھڻائي وارو شهر بڻجي ويو. ان سان گڏوگڏ شهر ۾ گھرن جي کوٽ ٿي پيئي ۽ رهائش جا مسئلا پيدا ٿيا. ان جي ڪري ان وقت ٻنهي ملڪن وچ ۾ اچ وڃ جي پابندين نه هئڻ ڪري ڀارت مان آيل گھڻا ماڻهو واپس پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي ويا. ان جي باوجود ڀارت لڏي ويل هندن جا گھرلڏي آيل ماڻهن لا ڪافي نه هئا.
ان ڪري شهر ۽ ان جي پسگردائي ۾ مختلف جاين تي گھڻا ماڻهو جڳهين ۽ ڪچن گھرن وغيره ۾ رهڻ لڳا. اهي گھڻي ڀاڱي اهي ماڻهو هئا جن کي اثر رسوخ وغيره نه هئڻ ڪري هندن جا ڇڏيل گھر وغيره ڪليم ۾ الاٽ نه ٿي سگھيا هئا. ايوب خان جي دور ۾ انهن مان گھڻن ماڻهن کي شهر جي وچ مان تڙي ڪورنگي ۽ لانڍي وغيره جي شهر کان پري وارن علائقن ۾ منتقل ڪيو ويو. ان دور ۾ ئي ايوب خان جي پناهگيرن لا وزير جنرل اعظم خان جي نگراني ۾ يونان جي هڪ آرڪيٽيڪٽ فرم ڪورنگي ٽائون شپ جي رٿا کي هڪ سال جي عرصي ۾ مڪمل ڪيو. هن رٿا جو مقصد هڪ ته مهاجرن کي بهتر رهائشي سهولتون ڏيڻ ۽ ساڳي وقت کين شهر جي مرڪز مان ٻاهر ڪڍڻ هو ته جيئن جهڳين وغيره هئڻ ڪري شهر، جيڪو ان وقت ملڪ جي گادي جو هنڌ هو، جي سونهن ۽ ٻاهر ملڪن جي ماڻهن تي ان جو تاثر خراب نه پئي. ان ۾ گھڻو ڪري پورهيت ۽ غريب طبقي جا ماڻهو هئا جيڪي شهر ۾ محنت مزدوري ڪري پنهنجو گذر بسر ڪندا هئا. شهر کان ٻاهر رهڻ ڪري انهن جي لا اچ وڃ جون ۽ ٻيون ڏکيائون پيدا ٿيون. هڪ ته انهن کي پنهنجي ڪم جي جا تي پهچڻ ۽ اتان موٽڻ ۾ وقت گھڻو لڳندو هو ۽ ٻيو ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن جي صورت ۾ انهن جو خرچ پڻ وڌي ويو هو. ڇاڪاڻ ته ان وقت اڃا ڪورنگي ۽ لانڍي جي علائقن ۾ صنعتن جي قائم ٿيڻ جو عمل شروع نه ٿيو هو.
بهرحال سٺ جي ڏهاڪي ۾ ملڪ جي گادي جو هنڌ به ڪراچي مان اسلام آباد منتقل ٿي ويو. پر ساڳي وقت شهر جي صنعتي ۽ تجارتي ترقي جي ڪري ملڪ جي مختلف علائقن مان وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي هتي اچڻ جو عمل جاري رهيو ۽ ان جي باوجود ته مختلف هائوسنگ اسڪيمون وغيره شروع ڪيون ويون پر گھرن ۽ رهائش جو مسئلو نه رڳو ساڳي ريت رهيو پر اهو اڃا وڌيڪ گنڀير ٿيندو ويو. انهن هائوسنگ اسڪيمن ۾ غريب ۽ پورهيتن لا گنجائش گھٽ هئي ۽ اهي گھڻي ڀاڱي انهن جي پهچ کان ٻاهر هيون. ساڳي وقت گادي جي هنڌ منتقل ٿيڻ ڪري حڪومت جو شهر جي رٿابندي وغيره ڏانهن گھڻو توجھه نه رهيو هو ۽ انهن ماڻهن جي لا ڪورنگي جي طرز تي ڪي اسڪيمون وغيره نه ٺاهيون ويون. ڪراچي ۾ هن وقت گھرن جي صورتحال کي هن ريت ڏسي سگھجي ٿو. هڪ اندازي موجب هن وقت ڪراچي ۾ گھرن جي سالياني گھرج اسي هزار جي آهي جنهن مان رڳو ٻٽيهه هزار رسمي يا قانوني شعبي ۾ تعمير ٿين ٿا جڏهين ته ٻٽيهه هزار ڪچين آبادين ۾ ٺهن ٿا. ڪراچي جي اٽڪل پنجهتر سيڪڙو آبادي کي غريب ليکيو وڃي ٿو ۽ اهڙي ريت اهي ئي اهي ماڻهو هجن ٿا جن کي رهائش ميسر نه ٿي ٿئي.
اها ڳالهه ته طئي شده آهي ته جتي حڪومت ۽ قانوني يا رسمي شعبو ماڻهن جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ ۾ ناڪام ويندو آهي ته اتي گھڻا غير رسمي ڪردار ان خال کي ڀرڻ لا ميدان ۾ ايندا آهن. اهڙي ريت ان خال کي به ڀرڻ ۽ مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ گھڻا ئي مستقل مفاد ۽ ڏوهاري گروهه وغيره داخل ٿي ويا. آرڪيٽيڪٽ ۽ خاص طور ڪراچي جي شهري مسئلن جي حوالي سان لکندڙ عارف حسن پنهنجي هڪ مضمون ۾ ڄاڻائي ٿو ته شهر ۾ ڪچين آبادين جي ڦهلا ۾ مافيائن جو ڪيترو ڪردار رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته شهر ۾ هن وقت جيڪي ڪچي آباديون ٺهي رهيون آهن اهي پراڻين آبادين کان ان لحاظ کان مختلف آهن ته انهن ۾ ڪامورن جي بظاهر شموليت يا انهن پاران تحفظ نظر نه ٿو اچي. ساڳي ريت انهن لا ڪي پلاٽ به نه ٿا رکيا وڃن. اهڙي ريت هاڻي انهن جو ڪردار هڪ سينيئر پارٽنر مان گھٽجي انهن مافيائن جي ملازمن جو ٿي ويو آهي. ٻي ڳالهه ته پلاٽن جي وڪري کان اڳ انهن جي داخل ٿيڻ ۽ ٻاهر وڃڻ جي رستن تي هٿياربند محافظ ويهاريا وڃن ٿا ته جيئن انهن تي چڱي ريت ضابطو رکي سگھجي.
هڪ اندازي موجب ساليانو اٽڪل پندرنهن هزار پلاٽ ٺاهيا وڃن ٿا. اڳ جيڪي آباديون ٺاهيون وينديون هيون انهن ۾ قرض جي سهولت نه هوندي هئي جڏهين ته هاڻي اها سهولت آهي ۽ ان جي اڳاڙي لا هٿياربندن جي مدد ورتي وڃي ٿي. بجائي سماجي دٻا جي قرض واپس نه ڪندڙن جي گھر ۽ ڪاروبار جي ضبطي ۽ انهن کي مالڪن لا بيگر ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو.
آبادين تي ضابطي حاصل ڪرڻ لا مختلف گروهن ۾ ڇڪتاڻ به هڪ عام ڳالهه آهي. ائين ٿيندو آهي ته ڪي ٻاهران ماڻهو آبادين جي ٻاهران اچي پنهنجا گھر ٺاهيندا آهن ۽ پو آبادي جي رهواسين کي سندن گھرن جي ٻيڻي ٽيڻي قيمت آڇيندا آهن. جيڪڏهين گھرن جا مالڪ ان تي راضي نه ٿيندا آهن ته زور زبردستي کان ڪم ورتو ويندو آهي ۽ ڪنهن به ريت گھرن کي خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. انهن آبادين کي ليز ملڻ سان انهن جي قيمت ۾ واڌارو اچي ويندو آهي. ان ڪري ڪوشش اها ڪئي ويندي آهي ته جيترو ٿي سگھي ليز جي عمل کي اينگھائڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ ان دوران انهن آبادين تي قبضو ڪجي.
هڪ اندازي موجب ڪراچي جا سٺ سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو ڪچين آبادين ۾ رهن ٿا. ڪچي آبادي اٿارٽي پاران 2019 ۾ چيو ويو هو ته شهر ۾ اٽڪل 1414 ڪچي آباديون آهن جن مان حڪومت پاران 1006 سان انهن کي باقاعدي قانوني حيثيت ڏيڻ لا رابطو ڪيو ويو آهي. ڏٺو وڃي ته اهو ڪچين آبادين جو مسئلو رڳو ڪراچي سان لاڳو ناهي. اهو پاڪستان جي هر وڏي ننڍي شهر جتي ترقي جو عمل شروع ٿيو آهي انهن سان لاڳو آهي اسلام آباد ۾ اٽڪل ٻاونجاهه ڪچي آباديون آهن جن مان سي ڊي اي رڳو ڏهه کي مڃي ٿي. انهن ۾ گھڻو ڪري اهي پورهيت ۽ انهن جا پونيئر آهن جن کي سٺ جي ڏهاڪي ۾ گادي جي هنڌ جي تعمير وقت هتي آندو ويو هو. ڪم لٿو ڊکڻ وسريو جي مطابق جڏهين تعمير جو ڪم گھڻي ڀاڱي مڪمل ٿي ويو ته سي ڊي اي پاران انهن وستين کي ختم ڪرڻ ۽ ماڻهن کي بيدخل ڪرڻ جو عمل شروع ٿيو. ماڻهن جي مزاحمت ۽ سول سوسائٽي جي پٺڀرائي جي ڪري انهن کي پوئتي هٽڻو پيو. انهن ۾ مختلف ٻولين، نسل ۽ مذهبن جا ماڻهو شامل آهن. سي ڊي اي پاران ان بنياد تي انهن کي شهر جي مختلف سيڪٽرن ۾ ورهايو ويو.
ڪراچي ۾ اورنگي ٽائون کي ايشيا بلڪ دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڪچي آبادي ليکيو وڃي ٿو. اها 1965 ۾ قائم ڪئي ويئي. ڀر واري بلديا ٽائون کي ملائي ان جي آبادي چوويهه لک ٻڌائي وڃي ٿي جڏهين ته دنيا جي هڪ ٻي وڏي ڪچي آبادي ميڪسيڪو جي ڪليودد نيزا جي آبادي ٻارنهن لک ۽ ڀارت جي شهر ممبئي جي جڳ مشهور دراوي جي آبادي ڏهه لک آهي. دراوي 1884 ۾ انگريزن پاران ڪارخانن وغيره جي ڪري وچ شهر مان تڙيل ۽ ملڪ جي مختلف علائقن مان روزگار خاطر آيل ماڻهن قائم ڪئي هئي.
انهن ڪچين آبادين ۾ گھڻائي غريب ۽ بيروزگار ماڻهن جي هوندي آهي جيڪي سولائي سان ڏوهاري گروهن ۽ مافيائن جو شڪار ٿي ويندا آهن. اهڙي ريت انهن وستين ۾ ڏوهن جو تناسب به شهر جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو آهي. خاص طور ڀارت ۾ ڏوهن جي دنيا جي وڏن نالن جو واسطو انهن ئي علائقن سان رهيو آهي.
ڪراچي جي حوالي سان اها ڳالهه مشاهدي ۾ آئي آهي ته پراڻيون ڪچي وستيون انهن ئي علائقن ۾ قائم ٿيون آهن جتي پوش ۽ امير ماڻهن جون هائوسنگ سوسائٽيون وغيره آهن. مثال طور محمود آباد، قيوم آباد، اختر ڪالوني ۽ اعظم بستي وغيره پي اي سي ايچ ايس، سنڌي مسلم سوسائٽي ۽ ڊيفنس جي ڀرپاسي ۾ ئي قائم ٿيون جيڪي هاڻي پڪيون ٿي ويون آهن. جيتوڻيڪ انهن آبادين ۽ انهن ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڪري پوش علائقن جي سونهن ۽ اتان جي ماڻهن جو مرتبو متاثر ٿيندو آهي پر هڪ لحاظ کان اهو ضروري به هوندو آهي. انهن آبادين جي هئڻ جو مقصد پوش علائقن لا هڪ ليبر ريزرو قائم ڪرڻ هوندو آهي ته جيئن انهن کي خاص طور گھرو ڪم ڪار لا گھر جي ويجھو ۽ سستو پورهيو ملي سگھي. اهڙيون آباديون شهر جي ٻين گھڻن علائقن ۾ هن وقت موجود آهن.
ڏٺو وڃي ته اهو مسئلو هڪ دفعي ۾ حل ٿيڻ جوڳو ناهي. شهر جي آبادي جي لاڳيتو وڌڻ سان گڏوگڏ سرڪاري ۽ خانگي زمينن تي قبضا هڪ معمول بڻيل آهي. ان ڪري ڪنهن رٿابندي کانسوا شهر جي ڦهلا ۽ آبادي ۾ واڌاري سڀني شهري سهولتن پاڻي، صفائي، ٽرانسپورٽ ۽ صحت وغيره تي دٻا وڌائي ڇڏيو آهي. ان مقصد لا شهر ۽ ان جي ماڻهن جي ڀلائي ۾ دلچسپي رکندڙ سياسي ڌرين کي ڪجھه اهم ڳالهين تي اتفاق ڪرڻو پوندو.