ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياست، سمجهوتو يا سرنڊر؟

Editorial-Article-Ajaz Mangi

هاڻي آصف زرداريءَ کي ڪوئي ڪهنه مشق سياست گر جو اعزاز نه ٿو ڏئي. ڇو ته هو بظاهر پاڪستان جي سياسي ٽڪريءَ تي پنهنجو سڀ کان وڏو داءُ هارائي ويٺو آهي. هن جيڪو ڪجهه به ڪيو، ان مان هن کي وڏيون اميدون هيون. هن جو اهو خيال هو ته پاڪستان ۾ اهو اعزاز هن کي ملندو ته هن عمران خان جهڙي وزيراعظم کي پنهنجو آئيني مدو به پورو ٿيڻ نه ڏنو. پر ڇا اهو هن جو ڪمال هو؟
هن وقت جيڪي تفصيل اڳيان اچي رهيا آهن، انهن مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته عمران خان جي حڪومت جو سر چٽ ٿيڻ ۾ آصف زرداريءَ جي چالن جو ڪمال نه پر عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ تعلقات جو زوال ئي هن جي اقتداري سج کي وقت کان اڳ لاهڻ جو سبب بڻيو. جيتوڻيڪ هن مهل تائين ان سلسلي ۾ ڪا چٽي اسٽوري ميڊيا جي زينت نه بڻي آهي ته آخر اهي ڪهڙا سبب هئا، جن جي ڪري عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جا رستا الڳ ٿيا؟ پر ان حقيقت نه رڳو پي ٽي آءِ وارا پر خود ن ليگ وارا به تسليم ڪري رهيا آهن ته اهو عمران ۽ اسٽيبلشمينٽ تعلقاتي بگاڙ هو، جيڪو هن جي حڪومت جي پڄاڻيءَ جو ڪارڻ بڻيو. ممڪن آهي ته عمران خان جي اسٽيبلشمينٽ ۾ مداخلت اهو سبب هجي. پر جيڪو ڪجهه به ٿيو اهو عمران خان جي حق ۾ بهتر ثابت نه ٿيو. ان ڪري عمران خان کي آئوٽ ڪرڻ جو ڪريڊٽ ڪڏهن به آصف زرداريءَ کي حاصل ٿي نه ٿو سگهي. اها آصف زرداريءَ جي چال نه هئي، جنهن جي ڪري عمران خان آئوٽ ٿي ويو. هن اقتداري گيم ۾ ته آصف زرداري پاڻ هڪ مهرو ثابت ٿيو. آصف زرداريءَ خواب ته وڏو ڏٺو هو پر هن جي هٿ ۾ ڇا آيو؟ هن کي پوري پڪ هئي ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر ”جيئي ڀٽو“ جو نعرو هڻي ايوان صدر ۾ پلٿي هڻي ويهندو پر هن کي ته صرف ايوان صدر ۾ هڪ ڪلاڪ ئي حاصل ٿيو. هن جي آڏو صدر عارف علوي مسڪرائيِندو رهيو ۽ هن جي پٽ کان حلف کڻائيندو رهيو.
بلاول جو پرڏيهي وزير ٿيڻ پيپلز پارٽيءَ جي سوڀ آهي؟ سڀ کان اهم سوال اهو آهي. ڇو ته پيپلز پارٽيءَ جا اهي حلقا جيڪي بلاول جي باري ۾ اڄ به جذباتي آهن، انهن جو خيال هو ته اهو عمل جناب بلاول جي شايان شان نه هوندو ته هو شهباز شريف جهڙي بدنام سياستدان جي ٽيم جو ادنيٰ کلاڙي بڻجي. اڪثر حلقن جو خيال هو ته اها بلاول جي بيعزتي هوندي ته هو پرڏيهي وزير ٿئي. پر هن کي جڏهن اهو سمجهايو ويو ته هن جي ناني به عملي سياست جو آغاز پرڏيهي وزير ٿي ڪيو هو ته هو آخري ڀيرو زيڊ اي ڀٽو ٿيڻ جي ڪوشش جي حوالي سان ان ڳالهه تي راضي ٿيو ته ٺيڪ آهي، مون کي پرڏيهي وزير بڻايو وڃي. پر سوال اهو آهي ته ڇا اهو عمل جنهن جي فريم ۾ پيپلز پارٽي فٽ ٿي وئي آهي، اها هن جي سياست آهي يا سمجهوتو آهي يا بنهه سرنڊر آهي؟
آصف زرداري ته پي ڊي ايم جي آخري اجلاس ۾ ميان نواز شريف جي آڏو ان حقيقت جو اظهار ڪري ويٺو هو ته هن جو ڊوميسائل هن کي اها اجازت نه ٿو ڏئي ته هو اسٽيبلشمينٽ مخالف سياست ڪري سگهي. پر اها سياست ته هن مهل ميان نواز شريف جي به ناهي. ميان نواز شريف کي اسٽيبلشمينٽ خلاف تقريرون ڪرڻ بعد به ڀاءُ جي صورت ۾ اقتدار حاصل ٿي ويو پر ايتري گهڻي اسٽيبلشمينٽ آڏو پنهنجي سياسي انڪساري ڏيکارڻ کان پوءِ آصف زرداريءَ کي ڇا حاصل ٿيو؟ پنهنجي ان پٽ لاءِ پرڏيهي وزارت؟ جنهن پٽ جي هن سياسي پرورش ان طرح سان ڪرائي هئي ته هو نواز شريف جي پوري خاندان کي سياست مان آئوٽ ڪري ملڪ جي تاريخ ۾ نئون ڀٽو ثابت ٿيندو. پر اهو ڪجهه نه ٿي سگهيو. ۽ نه رڳو اهو ڪجهه نه ٿي سگهيو پر جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ان جي ابتڙ ۽ افسوس جوڳو ٿيو. هونءَ ته پرڏيهي وزارت ڪا گهٽ ڳالهه ناهي پر جنهن وزيراعظم جو هو پرڏيهي وزير ٿيو آهي، اهو وزيراعظم پيپلز پارٽيءَ جي پوين جيالن کان اڄ به ڪنهن طرح سان هضم نه ٿو ٿئي. جنهن جنهن کي نئين سرڪار مان فائدو حاصل ٿيو آهي، اهو ته ان صورتحال کي ايپريشيئٽ ڪري ٿو پر جنهن کي ڪجهه به حاصل نه ٿيو آهي، ان جي لاءِ ته تنقيد جو تمام گهڻو مواد موجود آهي. هو پڇي ٿو ته ايتري ساري سياسي محنت آخر ڇا لاءِ ڪئي وئي؟
ڇا بلاول ايترن ڏينهن جو مارچ صرف ان جي لاءِ ڪيو هو ته هن کي پرڏيهي وزارت حاصل ٿي سگهي؟ اها پرڏيهي وزارت به ڪيترن ڏينهن جي؟ هاڻي به عمران خان هن حڪومت جي پويان هٿ ڌوئي پيل آهي ۽ هو ڪنهن به طور تي هڪ پل به برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته هن حڪومت کي وڌيڪ وقت ملي سگهي. هو پوري تياري ڪري رهيو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان جلد کان جلد چونڊون ٿي وڃن ته جيئن ملڪ ۾ هڪ ڀيرو هن جي حڪومت اچي سگهي. اهڙي صورت ۾ پيپلز پارٽيءَ کي آخر ڇا حاصل ٿيو؟ اها حڪومت جيڪا ڪنهن به وقت ختم ٿي سگهي ٿي؟ اها حڪومت جيڪا عوام کي ڪنهن به طرح سان خوش ڪري نه ٿي سگهي. خوش ڪرڻ ته الڳ رهيو پر هيءَ حڪومت هن ڀيري آءِ ايم ايف کان جن شرطن تي قرض قبول ڪري رهي آهي، اهي شرط عمران خان پاران عوام جي معاشي وجود مٿان لڳايل مهانگن زخمن مٿان لوڻ ٻرڪڻ جيان ثابت ٿيندا.
عمران خان ته سياسي داءُ هڻي پنهنجي حڪومت جو سموريون سرڪاري ناڪاميون لڪائي ويو پر اصل سوال وري به اهو اهي ته هن حڪومت مان پيپلز پارٽيءَ کي ڇا حاصل ٿيو؟ جيڪڏهن شريف فيملي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ ويجهڙائي ٿي ته ان جو فائدو پيپلز پارٽيءَ کي ڇو پوندو؟ پيپلز پارٽيءَ جي سياست ته ان تي بيٺل هئي ته ڪنهن به طرح سان شريف فيملي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ معاملا بگڙيل هجن. پر انهن جا جهيڙا نبري ويا ۽ هن وقت آصف زرداريءَ کان ڪوئي پڇا ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي ته اوهان جي سياسي طبيعت ڪيئن آهي؟ نه فقط ايترو پر ميان نواز شريف کي تمام گهڻي تڪليف هئي ته هن جو پاسپورٽ ايڪسپائر ٿي چڪو هو ۽ عمران خان هن کي ڪو ڪاغذ ڏيڻ جي لاءِ به تيار نه هو پر هن کي گهر ويٺي نئون پاسپورٽ به ملي ويو ۽ هو ڪنهن به وقت پاڪستان پڌاري سگهي ٿو. پر آصف زرداري ۽ هن جي خاندان کي ڪجهه به حاصل نه ٿيو آهي. جڏهن ته شهباز شريف جو اهو ديرينا مطالبو به پورو ٿيو آهي ته هن جي نالي سان سابق ئي سهي پر پنهنجي وڏي ڀاءَ وانگر وزيراعظم جو ٽائٽل به لڳي ۽ هو لڳائي ويو ۽ پنهنجي پٽ کي پنجاب جو وڏو وزير به بڻائي ويو. اهڙي گهڻ طرفي ڪاميابي آصف زرداريءَ کي ته نه ملي سگهي. هن کي ڪجهه به حاصل نه ٿيو. سواءِ صبر جي!!
پيپلز پارٽيءَ جي ان سياسي ايڊوينچر کان پوءِ هاڻي جڏهن ڪوئي سياسي تجزيانگار ان پارٽيءَ جي مستقبل تي ڪو ويچار ونڊي ٿو ته هو گهڻي کان گهڻي سياسي سخاوت جو مظاهرو ڪندي به پيپلز پارٽيءَ جي پانڌ ۾ وري به اها سنڌ ئي وجهي سگهي ٿو، جيڪا پڻ پيپلز پارٽيءَ مان بيزار آهي ۽ اها ڪنهن به وقت هن جي هٿن مان ترڪي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ هن مهل تائين سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي نعم البدل ڪا پارٽي پيدا نه ٿي سگهي آهي پر جهڙي قسم جي سياست پيپلز پارٽي ڪري رهي آهي ۽ جهڙي طرح هن سنڌ جي ماڻهن کي ڊليور ڪيو آهي، ان حوالي سان اسٽيبلشمينٽ هن جي مخالف هڪ نيٽ ورڪ جوڙي کيس آسانيءَ سان اپوزيشن ۾ ويهاري سگهي ٿي. هونءَ به پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ اقتدار سندس سياسي حق کان وڌيڪ ملي ويو آهي. آخر ڪنهن پارٽيءَ کي ٽي ڀيرا اقتدار سان نوازي نه ٿو سگهجي. آخر اسٽيبلشمينٽ جا ٻيا به سياسي ٻانها ويٺا آهن. پيپلز پارٽي مخالف وڏيرا جيڪي اقتدار جي اڃ سبب هن وقت تڙپي رهيا آهن، انهن جو به اسٽيبلشمينٽ کي ئي خيال رکڻو آهي. ان حوالي سان پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجي دل مضبوط ڪرڻي پوندي ته هن کي هن ڀيري سنڌ ۾ به سرڪار مشڪل ملي.
اهو احساس پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي ڀرپور طرح سان محسوس ٿي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته پيپلز پارٽي جي قيادت اسٽيبلشمينٽ جي لائين کي فالو ڪرڻ ۾ ٻين کي پوئتي ڇڏڻ جي پوري تياري ڪري رهي آهي. جڏهن ته هن کي اهو احساس به هجڻ گهرجي ته هن سياست ۾ صرف ٻڌن ٻانهن کي سڀ ڪجهه نه ملندو آهي. سياست ۾ چيڪ اينڊ بيلنس جو به وڏو عمل دخل هوندو آهي. ان رخ کان پيپلز پارٽيءَ وٽ اهڙو ڇا آهي، جنهن کي هوءَ ڪيش ڪرائي سگهي؟
پيپلز پارٽي توڙي نواز ليگ ۾ هن وقت ايتري سياسي سگهه ناهي جو عمران خان جي اڀري آيل سياست جو مقابلو ڪري کيس مات ڪري سگهي. عمران خان پنهنجي پوري قوت سان مخالف پارٽين کي پوئتي ڇڏي رهيو آهي ۽ هن وقت به جيڪڏهن عمران خان جي خلاف ڪا پارٽي مقابلي جو ميدان سجائي سگهي ٿي ته اها مسلم ليگ ن آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ مسلم ليگ ن جي حق ۾ عمران خان جي مخالفت ڪري اهو آپشن به وڃائي ڇڏيو ته هوءَ ايندڙ وقت ۾ عمران خان سان گڏ بيهي سگهي ها. پيپلز پارٽيءَ اهو سڀ ڪجهه يقيني طور تي پنهنجي مرضيءَ سان نه ڪيو هوندو. هن کي ڪٿان نه ڪٿان اهو ڪجهه ڪرڻ جي هدايت حاصل ٿي هوندي پر پيپلز پارٽي هڪ پراڻي سياسي پارٽي آهي، هن کي اهو علم هجڻ کپندو هو ته جيڪي هن کي آسرو ڏئي رهيا آهن، اهي هٿ ڪڍڻ ۾ دير نه ڪندا آهن ۽ اهڙا آسرا ته هو سڀني کي ڏيندا آهن. انهن آسرن تي جيڪو به لڳو آهي، اهو رلي ويو آهي. هن مهل پيپلز پارٽي پڇتاءَ جي ان ڪيفيت مان گذري رهي آهي، جنهن جو هوءَ اظهار به ڪري نه ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button