ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ناظم جوکئي جو خون لوڙهڻ جي سازش

Editorial-Article- Dastgit Bhatti

سرداري نظام خلاف تن تنھا، اڪيلي سر جدوجهد ڪندڙ نوجوان شهيد ناظم جوکيو ڪراچيءَ ۽ ٺٽي ضلعي جي بارڊر تي صدين کان قائم ڳوٺ سالار جوکيو ۾ ڄائو ھو. جنھن زماني ۾ منهنجو انھي ڳوٺ جي وڏڙن علي خان جوکيو، حاجي اڪبر جوکيو، امين جوکيو ۽ ٻين زميندارن سان واسطو ھو. 1972 کان ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ روزاني اخبار ھلال پاڪستان شهر جي پسگردائيءَ ۾ پکڙيل ھزارين ڳوٺن جي ماڻهن جي دردن جو درمان بڻجي ويئي ھئي. لياري، ملير، ابراهيم حيدري، لانڍي، ڪورنگي، چنيسر ڳوٺ جھڙين وڏين سنڌي بلوچ وسندين کان سواءِ گبولن، ڄاموٽن، ٻاٻرن، ميمڻن، خاصخيلين، بروھين، جوکين، واڍيلن، ڀاڱورين، ملاحن ۽ ٻروچن جا سھسين ڳوٺ پاڻي، بجلي، رستن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي اڻهوند سبب ڳوٺاڻا اسان جي دفتر ۾ اچي دانھن پڪار ڪندا هئا. مان ان زماني ۾ رپورٽنگ ڪندو ھئس. اسان جو ايڊيٽر سراج ميمڻ مرحوم ھميشه اھا ھدايت ڪندو ھو ته فوٽو گرافر ظفر نثار کي ساڻ وٺي وڃان ۽ ھرھڪ ڳوٺ جي سروي ڪري، تفصيلي رپورٽ ٺاهي ڇاپيان.
انھيءَ رپورٽنگ جي ڪم ڪار سانگي جڏهن بار بار ڳوٺاڻن سان ملڻ ٿيندو هو ۽ اسان جي لکڻين ۽ تصويرن ڇپجڻ ڪري ٻن سنڌ دشمن ادارن ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) ۽ ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي) جا تعصبي ڪامورا قديم سنڌي ڳوٺن کي يا ته ڊاھي نه سگهيا يا وري ٿورو پرتي کين سندن ڳوٺ جيتري زمين الاٽ ڪري ڇڏيندا ھئا. ديھه ڌاٻيجي جو گھڻو حصو ڪراچي ضلعي ڪونسل ۾ ھوندو ھو ۽ پريون پاسو ٺٽي ضلعي ۾، اڪبر خان جوکيو ضلعي ڪونسل ٺٽي جو وائيس چيئرمين ھوندو ھو جڏھن ته سندس سئوٽ علي خان جوکيو ضلعي ڪونسل ڪراچيءَ جي تعليمي ڪميٽيءَ جو چيئرمين چونڊيو ويو. ھنن ٻنھي ڄڻن جي مائٽي پنهنجي جاءِ تي پر مقابلو ضرور ھوندو ھئن ته ڪير ٿو وڌ ۾ وڌ اسڪول، رستا ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ کوهھ ٺھرائي. باراني علائقو ھئڻ ڪري ھتان جي ماڻهن جو جياپو برسات جي پاڻيءَ تي ھوندو آھي. ھاڻي لڳي ٿو ته گھارو فلٽر پلانٽ مان پيئڻ جو صاف پاڻي به واٽر سپلاءِ اسڪيم ذريعي سالار ڳوٺ ۽ آسپاس جي ٻين ڳوٺن کي ملي رهيو آهي. اسان جڏهن ڌاٻيجي ويندا ھئاسون ته رات جو علي خان جوکئي وٽ ترسندا ھئاسين. ان دور ۾ شھيد ناظم جوکيو بانبڙا پائڻ وارو معصوم ٻارڙو ھو. سندن ڳوٺن ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا اسڪول ھئڻ ڪري ناظم ھائي اسڪول تائين پڙهيو هو. پر ھڪڙو ناظم ھڪ لک ماڻهن کان وڌيڪ باشعور ۽ سگھارو ثابت ٿيو، جنهن پنهنجي علائقي کي ماحولياتي بربادي کان بچائڻ خاطر پکين جي شڪار خلاف اڪيلي سر جھاد ڪيو ۽ انھي جھاد ۾ پنھنجو سر گھوري ڇڏيائين.
جڏهن اھو چئبو آهي ته فلاڻو شخص لک آهي ته ان مان مراد ھوندي آھي ته ھو پنھنجي ذات ۾ ھڪ ادارو آهي. ناظم قدرتي ماحول کي تباهيءَ کان بچائڻ خاطر ھڪ اداري جيان سالن کان ڏينهن رات ڪم ڪندو رهيو جيڪو سندس ويڊيوز کي چڱي طرح پرکڻ سان معلوم ٿيو آهي. ھو ڪيترائي ڀيرا وڏيرن ۽ سندن شڪاري مھمانن سان جھيڙيندو رهيو. ھن کي قتل ڪرڻ جو سبب فقط عرب شيخن جي شڪار ۾ رنڊڪ وجهڻ نه ھو. کيس اذيتون ڏيئي ان ڪري ماريو ويو جو ناظم جوکيو پنهنجن سردارن جي نجي جيلن، مسڪين ماڻهن جي زمينن تي سندن ناجائز قبضن ۽ جوکين کي غلام بڻائي رکڻ واري سندن ڏاڏاڻي روايت کي ٽوڙڻ لاءِ جاکوڙ ڪندو رهندو هو. ناظم کي رسول بخش پليجي جا مارڪسي ترجمن وارا ڪتاب پڙهڻ جو ننڍي وھي کان شوق هو. ڄام عبدالڪريم جو ڏاڏو ڄام مراد علي جوکيو جنھن کي ڄام آف ملير جو لقب انگريزن ڏنو ھو سو ڪنھن غريب جوکئي جي مرڻي پرڻي ۾ شريڪ ٿيڻ پنھنجي گھٽتائي سمجهندو هو. ملير ضلعي ۾ سندس ڳوٺ جو نالو ڄام ڪنڊو خان آهي. ڄام ڪنڊو، جيڪو سندن وڏڙو ھوندو ھو. ھنن ماڻھن پنهنجي ڳوٺ ۾ به ترقياتي ڪم ڪڏهن ڪونه ڪرايا.

ناظم جوکئي کي انھيءَ ظالماڻي سرداري نظام کان سخت نفرت ھئي. سندس گھرواري ادي شيرين جو چوڻ آهي ته سندس ور ڪتابن پڙهڻ کي گھڻو وقت ڏيندو هو. مون کي حيرت آهي اسان جي سماج ۽ خاص ڪري سنڌ جي ليکڪن، صحافين، اديبن ۽ پاڻ کي ساڃاھه وند سڏائيندڙ دانشورن جي ھيڏي وڏي ظلم خلاف ساندھه خاموشيءَ تي ڇاڪاڻ ته جنھن شانائتي پروٽوڪول سان ناظم جوکئي شهيد جي قتل ڪيس جي جوابدار ڄام عبدالڪريم کي دبئي اماڻي گرفتاريءَ کان بچايو ويو ۽ سندس پڪي ضمانت ڪرائي جنهن شان شوڪت سان کيس سنڌ ھائوس اسلام آباد ۾ آصف زرداري صاحب جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم ميان شهباز شريف جي چونڊ مهل ووٽ جو حق ڏياريو ويو ته سنڌ جي ڪنهن ھڪڙي به ادبي تنظيم يا انساني حقن جي ڪنهن به اداري ڪا دانھن نه ڪئي ۽ نه ڪو احتجاج ڪيو ويو!

ھي ظلم ۽ جبر جمھوري نظام کي بچائڻ جي آڙ ۾ ٿيندو رهيو ۽ انصاف جا ايوان ھيڏي ناحق تي ايئن ماٺ ڪري ويهي رهيا ڄڻ کين ڪنهن نانگ سنگهي ڇڏيو ھجي.
آئون قدر ڪريان ٿو سنڌ جي انھن لاطمع ۽ بي لوث وڪيلن جو جن شهيد ناظم جوکيو جو ڪيس شاندار نموني وڏي جوش جذبي ۽ سچائي سان ھلايو ۽ ايف آئي آر ۾ نامزد جوابدار ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ سندس ننڍي ڀاءُ ڄام اويس گھرام تي عدالت کان دھشتگردي جا قلم لڳرائڻ ۾ به سوڀ حاصل ڪئي. انھن انسان دوست وڪيلن ۾ محمد خان شيخ، خليل احمد شاهه ۽ ٻيا شامل آهن جيڪي اڃا تائين پنهنجي قانوني جدوجهد جاري رکندا اچن.
ھنن وڪيلن عزم ڪيو آهي ته شهيد ناظم جوکئي جو ڪيس لوڙهڻ واسطي سرڪاري سطح تان جيڪي گھاٽ گھڙجن ٿا پيا، انھن کي مٿين عدالتن ۾ ناڪام بڻائي ڇڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button