ٿر دنيا جو 20ھون وڏو صحرا آھي ۽ نائون وڏو گرم صحرائي خطو آھي. پاڪستان جي حدن اندر ھن صحرائي خطي جو فقط 15 سيڪڙو حصو آھي، باقي ٿر انڊيا جي حدن اندر واقع آھي. ٿر جي جاگرافيائي بيھڪ ھر 20 ميلن تي بدلجي ٿي، جاگرافيائي بيھڪ سان گڏ ٻوليءَ جي لھجو ۽ انداز گفتگو پڻ مختلف محسوس ٿئي ٿو. ڏيپلو تعلقو بدين جي ويجهو ھجڻ جي ڪري لاڙ جي لھجي جو اثر نمايان نظر اچي ٿو، ننگرپارڪر جي ويجهو ايندڙ ٿر جا حصا پارڪري لھجي جي لپيٽ ۾ آھن، جڏھن ته ڍٽ سان تعلق رکندڙ ماڻھو ماروئڙا ۽ ڍاٽڪي لھجي سان ڳالھائيندي نظر ايندا آھن. پارڪري علائقي سان تعلق رکندڙ ماڻھن جو مزاج سامروٽي ۽ مھراڻي واري علائقي ۾ رھندڙ ماڻھن کان مختلف نظر ايندو، مطلب ته ھڪ ننڍڙي علائقي ۾ ايترو مختلف ھجڻ ٿر ۾ ڪميونيڪيشن يعني آمدرفت جي اڻاٺ جي ڪري ھڪٻئي کان پري ۽ ڪٽيل ھجڻ تصور ڪيو ويندو ھو. اٺن ۽ گهوڙن تي ھڪٻئي جي ڏکن ۽ خوشين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سفر 20 ميلن جي دائري ۾ ئي ممڪن ھو ۽ برادريون ۽ تعلق پڻ سفر جي منزل کي ذھن ۾ رکي ڪيا ويندا ھئا.
ڀلو ٿئي ڪوئلي جو ھاڻي ته ٿر جو ھر حصو ھڪٻئي سان ڳنڍجي ويو آھي نه ته ستر ۽ اسي واري ڏھاڪي ۾ ٿر جي ترقي لاءِ ڪا تجويز به ڏني ويندي ھئي ته اھا سواليه نشان ھوندي ھئي، ھن خطي کي فقط دفاعي مورچي طور سانڍي رکيو ويو ھو. روڊ رستا ٺھڻ ترقي لاءِ انتھائي ضروري عمل آھي انھي جي لاءِ ڪا به ٻئي راءِ ناھي پر روڊ رستن جو فائدو گهڻي ڀاڱي سرمائيدار يا جاگيردار کي پوي ٿو ڇو ته روڊ رستا مارڪيٽ تائين پيداوار کي پھچائڻ لاءِ اھم ڪردار ادا ڪندا آھن. ٿر جي ماڻھوءَ کي شھرن تائين رسائيءَ ۾ آساني پيدا ٿي آھي، اڳ ۾ مھيني ۾ ھڪ ڀيرو شھر ايندا ھئا، ھاڻي اٺ جي جاءِ موٽر بائيڪ والاري آھي ۽ شھرن جي ويجھن ڳوٺن وارا نوجوان روزانو شھر پھچن ٿا. موبائيل ٽيڪنالاجيءَ جي ڪري ڏينھن جو شھر ۾ نوجوان انٽرنيٽ تي مصروف ھوندو آهي ۽ رات جو سگنل جي ڳولا ۾ ڀٽن تي چڪر ڪاٽيندو ٿو رھي. ھڪڙي پاسي دوائون مھانگيون، اٽو، تيل، کنڊ ۽ ضرورت جي ھر شيءِ مھانگي ٻئي پاسي ھڪ ڪٽنب لاءِ نوجوانن جي مرضي رکڻ خاطر موبائيل ۽ موٽرسائيڪل جي تيل جو خرچ گلي پئجي ويو آھي.
ٿر جي ڪجهھ غريب برادرين جي نوجوانن گذريل ڪجھه سالن کان پنھنجي تعليمي قابليت کي وڌائڻ لاءِ وڏن شھرن جو رخ ڪيو آھي. اھي نوجوان پنھنجن والدين کان ڪابه مالي مدد نٿا وٺن، شھرن ۾ ننڍيون ننڍيون نوڪريون ڪن ٿا يا ٽيوشن پڙھائي پنھجي خرچ جو پورائو ڪن ٿا ۽ ڪجھه پئسا پنھنجن مائٽن ڏانھن پڻ موڪلين ٿا. ڪراچي، حيدرآباد، لاھور ۽ اسلام آباد ۾ پنھنجي پڙھائي جاري رکن ٿا ۽ ڪميشن جي امتحان جي تياري پڻ ڪن پيا. ڪجھه نوجوان اسڪالرشپ وٺي يورپ ۽ ايشيا جي مختلف ملڪن ۾ پڙھن پيا. گذريل ٽن سالن جي يونيورسٽيءَ جي داخلا واري ميرٽ لسٽ ڏسڻ سان خبر پوندي ته 80 سيڪڙو اھڙا نوجوان ميرٽ تي پاس پيا ٿين. جتي ميرٽ تي نوڪريون ملن ٿيون، اتي وڏين پوزيشن تي پڻ سندن مقرري ٿئي پئي.
ٿر جي نوجوانن ۾ تمام گهڻيون صلاحيتون آھن، اھي ھر ميدان ۾ پنھنجو پاڻ ملھائي سگهن ٿا، صرف موقعا ڏيڻ جي دير آھي. ٿر جي پائيدار ترقيءَ جي حوالي سان ھتي ڪجهھ تجويزون عرض رکندس.
- روڊ رستا ٺھڻ کان پوءِ ٿر سياحن جو مرڪز ٿي ويو آھي، وسڪاري وارن ڏينھن ۾ ته ٿر ۾ سياحن جي ٻوڏ اچي ٿي وڃي. ھزارن جي انگ ۾ روزانو گاڏيون ننگرپارڪر پھچن ٿيون. سياحن جي رھائش ۽ کاڌي پيتي لاءِ تمام محدود سھوليتون موجود آھن. ايتري قدر جو پبلڪ واش روم به اڪثر گهمڻ وارن ھنڌن تي موجود ناھن. اڻ واقف سياحن جي رھنمائي لاءِ ڪي تربيت يافته گائيڊ ناھن ۽ نه ئي وري معلوماتي مرڪز تيار قائم ڪيا ويا آھن. ٽوئرزم کاتي وارن کي انھي ڏس ۾ پنھنجي حڪمت عملي تيار ڪرڻ گهرجي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي سياحت کي وڌائڻ لاءِ رھائشي ريزارٽ تيار ڪيا وڃن ۽ ھڪ معلوماتي مرڪز نئوڪوٽ قلعي جي ڀرسان مٺي روڊ تي قائم ڪيو وڃي. ٿر جي نوجوانن کي ٽوئرسٽ گائيڊ طور تربيت ڏياري ڌنڌي تي لڳايو وڃي.
- ٿر جي گهٽ پڙھيل يا اڻ پڙھيل نوجوانن کي فني تربيت ڏيارڻ لاءِ اسپيشل تربيتي پروگرام شروع ڪيو وڃي. وياج کانسواءِ قرض جي سھوليت ڏئي ننڍا ننڍا ڪاروبار شروع ڪرايا وڃن. سنڌ سمال انڊسٽري ۽ سميڊا پاران ٿر جي مختلف شھرن ۾ ننڍيون صنعتون لڳائڻ لاءِ ڪاروباري ماڻھن کي سھوليتون فراھم ڪري ڏنيون وڃن. ٿر ۾ گهريلو صنعت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن کي گڏجي ڪا حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي.
- وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران اسپيشل اڪانامڪ زون ٺاھڻ وارو ڪم ڌاٻيجي، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ جاري آھي. ميرپورخاص ضلعي سميت ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ۽ ٽنڊو الھيار ضلعن جي ماڻھن کي فائدو ڏيڻ لاءِ ميرپورخاص ۾ اسپيشل اڪانامڪ زون ٺاھڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ اسان جا چونڊيل نمائندا تحرڪ وٺن. اسپيشل اڪانامڪ زون سان صنعتون لڳنديون ۽ ماڻھن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.
- سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاہه ھن سال جي شروع ۾مٺيءَ ۾ ٿر جي ڀاڄين، ميون ۽ کير کي آرگينڪ کاڌي طور معتارف ڪرئڻ لاءِ زراعت جي صلاحڪار منظور وساڻ جي سربراھيءَ ۾ ھڪ ڪميٽي ٺاھي ھئي. انھي ڪميٽي جي ذميداري ھئي ته زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي ماھرن سان گڏجي تحقيق ڪري تجويزون ڏئي ته ٿر ۾ زرعي ڪاروبار کي ڪھڙي طريقي سان ھٿي وٺرائي سگهجي ٿي. اھو اعلان ٿر جي زرعي پيداوار مان ناڻو ڪمائڻ لاءِ زبردست ھو پر ھيستائين ڪا چرپر نظر نه پئي اچي. ٿر جي سول سوسائٽي ۽ چونڊيل نمائندن کي وڏي وزير جي اعلان جي روشنيءَ ۾ پوئواري ڪرڻ گهرجي. ٿر ۾ نج آرگينڪ کاڌو آھي ۽ دنيا ۾ اھڙي کاڌي جي تمام گهڻي گهرج ۽ اھميت آھي.
- ڪجھه سالن کان ٿر ۾ خودڪشين جو لاڙو وڌيو آھي، خاص طور تي غريب برادرين سان تعلق رکندڙ عورتون آپگھات ڪن ٿيون. جن ۾ 40 سالن کان ننڍي ڄمار وارين عورتن ۽ مردن جو انگ وڌيڪ آھي. خودڪشين جي اھم سببن ۾ گهريلو تشدد، معاشي تنگي، جنسي ڏاڍائي، مذھبي رڪاوٽون، اڪيلائپ يا ويڳاڻپ، بي جوڙ شاديون ۽ سماجي ناانصافي سرفھرست آھن. انھي ڏس ۾ اڄڪلهھ سوشل ميڊيا تي اميد گهر جي نالي سان ڪو سينٽر کولڻ لاءِ بحث ھلي پيو. پاڪستان ۾ ذھني بيمارين جي حل لاءِ نفسياتي ماھرن جي تمام گهڻي کوٽ آھي، مقامي سطح تي ڪي ماھر پيدا ڪري سگهجن ٿا، جيڪي نفسياتي مرض ۾ مبتلا ماڻھن جي رھنمائي ڪري سگهن. نصاب ۾ به انھي موضوع کي شامل ڪري سگهجي ٿو.
- سنڌ حڪومت پاران ٿر ۾لوڪل باڊي جون چونڊون جون مهيني ۾ رٿيون ويون آھن، سياسي پارٽين کي جيڪڏهن ٿر ۾ ڪا سماجي ۽ معاشي بھتري آڻڻ جي نيت آھي ته پڙھيل لکيل نوجوانن کي ٽڪيٽ ڏيڻ گهرجي. نوجوانن پنھنجي علائقي جي بھتري لاءِ اھم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ٿر جا نوجوان پنھنجي طور تي بہ اڳتي اچي پنھنجا پينل ٺاھي چونڊن ۾ مقابلو ڪري سگهن ٿا. سياسي پليٽ فارم اھم آھن ۽ جيستائين نوجوان اڳتي نه ايندا تيستائين ڪا تبديلي متوقع ناھي.
- ٿر ۾ تعليمي نظام کي بھتر ڪرڻ لاءِ تازو ميرٽ تي ڀرتي ٿيل نوجوانن مان تمام گهڻيون اميدون آھن. ھنن نوجوانن وٽ جديد طريقي سان پڙھائڻ جو ڪو خاص تجربو يا مھارت نه ھوندي. انھن نون استادن جي تعليم کاتي پاران تربيت جو بندوبست ڪيو وڃي، تربيت کان پوءِ اسڪولن ۾ پڙھائڻ لاءِ موڪليو وڃي.
- ٿر ۾ آر او پلانٽ ڳوٺن ۾ لڳايا ويا پر اھي سمورا پلانٽ ماڻھن جي شموليت کان سواءِ ٺھرائي مختلف ڪمپنين جي مدد سان ھلايا ويا. منصوبن جي پائيدار ماڻھن جي شموليت کان سواءِ ممڪن ناھي. ٻاھريون ڪمپنيون ڪيترا ڏينھن اھو چرخو ھلائينديون. ڳوٺ سطح تي ڪا تنظيم سازي نه ڪئي وئي آهي، پلانٽ ٺاھڻ توڙي ھلائڻ ۾ ڳوٺاڻن کي شامل نه ڪيو ويو آهي، انھي ڪري ڳوٺاڻن مالڪي نه ڪئي. جيڪڏهن سمورا آر او پلانٽ سولر سسٽم تي لڳايا وڃن ھا ته بجليءَ جي ضرورت محسوس ڪانه ٿئي ھا.