گرمي پد ۾ واڌ جي ڪري ايشيا ۾ هيٽ ويو (گرمي جي لهر) جو خدشو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هندو ڪش هماليه ۾ گليشيئر ڍنڍن جي ڦاٽڻ جو به خدشو آهي.
21هين صديءَ جي وچ تائين امو درياهه، گنگا ۽ سنڌو درياهه ۾ موسمي تبديليءَ جي ڪري پاڻيءَ جي سخت کوٽ ٿي سگهي ٿي ۽ عالمي گرمي پد ۾ واڌ جي ڪري هن صديءَ جي آخر تائين ايشيائي ملڪن ۾ ڏڪارن ۾ وڌيڪ پنج کان ويهه سيڪڙو واڌ ٿي سگهي ٿي.
موسمي تبديليءَ جي ڪري ٻوڏ ۽ ڏڪارن ۾ واڌ ۽ ان سان گڏوگڏ گرميءَ ۾ واڌ سان خوراڪ جي فراهميءَ ۾ کوٽ ۽ قميت ۾ واڌ ٿيندي، ان ڪري ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ انڊر نورشمينٽ ۾ واڌ ٿيندي، گرميءَ ۾ واڌ سان ايشيائي ملڪن ۾ توانائيءَ جي طلب وڌي ويندي، ايشيا ۾ 13 ملڪ اهڙا آهن، جتي توانائيءَ جو استعمال گهڻو آهي ۽ انهن 13 ملڪن مان 11 اهڙا ملڪ آهن، جتي توانائيءَ جو عدم تحفظ ۽ صنعتي نظام کي نقصان پهچڻ جو خطرو آهي.
اهي سڀ ڳالهيون گڏيل قومن جي اداري انٽر گورنمنٽل پينل آن ڪلائميٽ چينج (آءِ پي سي سي) پنهنجي هاڻوڪي رپورٽ ۾ ڄاڻايون آهن.
آءِ پي سي سي موجب گلوبل وارمنگ ايتري تيزيءَ سان ٿي رهي آهي جو اسين هڪ ڏهائي 5 ڊگري جي گرمي پد ۾ واڌ جي حد کي 2030ع تائين پار ڪري وينداسين. ان کان اڳ اهو چيو پئي ويو ته هي حد 2040ع تائين پار ڪنداسين. 2019ع ۾ ماحول ۾ ڪاربن ڊاءِ اڪسائيڊ گذريل 20 لک سالن کان وڌيڪ هئي ۽ گذريل 50 سالن ۾ گرمي پد ۾ ايتري تيزيءَ سان واڌ ٿي آهي جيڪا گذريل گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار سالن ۾ ناهي ڏٺي وئي ۽ ان جا ذميوار ڪو ٻيو نه پر اسين پاڻ آهيون.
دنيا ۾ تيزيءَ سان تبديلي اچي رهي آهي ۽ موسيمي تبديليءَ جا اثر نمايان ٿيندا پيا وڃن. ڪجهه سال اڳ جنهن دنيا ۾ اسين رهياسين پئي، هن وقت اسين ان کان ڪافي مختلف دنيا ۾ رهون پيا. موسمي تبديليءَ جا اثر نمايان ٿيڻ ۾ سال لڳي ويندا آهن ۽ هڪ ڀيري جڏهن اهي اثر نمايان ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن ته ان جو مطلب اهو هوندو آهي دير ٿي چڪي آهي.
ماحوليات تي تحقيق ڪرڻ واري پروفيسر ڊين بلسٽين جو چوڻ آهي ته موسمي تبديلي بوتل جي جن وانگر آهي، جيڪو هڪ ڀيرو ٻاهر نڪري آيو ته وري واپس نٿو وڃي سگهجي. هن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اڄ ئي پوري دنيا ۾ ڪاربن جو خارج ٿيڻ مڪمل طور بند ٿي وڃي، تڏهن به جيڪا ڪاربن اڳ ئي اسان جي ماحول ۾ موجود آهي، ان جا اثر ڪافي سالن تائين رهندا.
آءِ پي سي سي جو چوڻ آهي ته اسان کي ڪاربن جي خارج ٿيڻ کي ايندڙ اٺن سالن ۾ قابو ڪرڻو آهي، ۽ جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته سن 2030ع ۾ موسم جي تبديليءَ جا اهڙا واقعا پيش ايندا جيڪي اسان ڪڏهن اڳ ڪونه ڏٺا هوندا.
سائنسدان ڊاڪر ڊيبرا بروسنن جو چوڻ آهي ته اسان جو سيارو 20 سال اڳ وارو نه رهيو آهي ۽ موسمي تبديليءَ جي ڪري ان ۾ تيزيءَ سان تبديليون اچي رهيون آهن.
اڄڪلهه سخت موسمي واقعن کي ڏسون ته ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته موسمي تبديليءَ جي ڪري دنيا ۾ تبديلي اچي رهي آهي ۽ ان جو اثر مستقبل ۾ ٿيندو.
پاڪستان ۽ ڀارت کي ئي ڏسو، هن وقت ٻنهي ملڪن لاءِ گهڻا علائقا سخت گرميءَ جي وڪڙ ۾ آيل آهن ۽ سنڌ جي شهر جيڪب آباد ۾ گرمي پد 50 ڊگري سيلسيئس تائين پهچڻ جو امڪان آهي. پاڪستان 2015ع ۾ ايندڙ سخت هيٽ ويو (گرميءَ جي لهر) جي نتيجي ۾ 1200 کان وڌيڪ ماڻهن گذاري ويا هئا، اهڙي ريت 2010ع کان پوءِ ڀارت ۾ به 6 هزار 500 کان وڌيڪ ماڻهو هيٽ ويو جي ڪري مري ويا هئا.
پاڪستان جي موسميات کاتي چيو آهي ته هن سال مارچ جو مهينو 1961ع کان پوِءِ گرم ترين مارچ رڪارڊ ڪيو ويو. اهڙي ريت ڀارت ۾ به هلندڙ سال مارچ جو مهينو گذريل 122 سالن جو سڀ کان وڌيڪ گرم مهينو رڪارڊ ڪيو ويو هو ۽ ان ڪري سائنسدان هن سال کي “بهار کان سواءِ جو سال” چئي رهيا آهن.
صحت جي عالمي اداري موجب هيٽ ويو هڪ لڪل سخت موسم هوندي آهي ۽ ان کي گهڻو ڪري ايتري اهميت ڪانه ڏني ويندي آهي، پر سچ ان جي ابتڙ آهي ته هيٽ ويو هزارين حياتيون کسي سگهي ٿي.
وقت سان گڏوگڏ هيٽ ويو ۾ وڌيڪ شدت ايندي ويندي ۽ ان جو مدو به ڊگهو ٿيندو ويندو. جنهن سان پاڪستان جي حياتين کي ان جي روزگار ۽ معاشي ترقيءَ کي خطرو آهي.
سخت گرمي مزدورن تي جسماني ۽ ذهني طور اثرانداز ٿيندي آهي، جنهن جي ڪري ان جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت گهٽ ٿي ويندي آهي. هڪ اندازي موجب فقط 33 ڊگري سيلسيئس ۾ ماڻهن جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت 50 سيڪڙو گهٽجي ويندي آهي. جيڪڏهن ان موسمي تبديليءَ کي سنجيدگيءَ سان نه ورتو ويو ته 2030ع تائين سڄي دنيا ۾ 8 ڪروڙ فل ٽائيم نوڪريون ڪندڙ هيٽ ويو جي ور چڙهي ويندا.
پاڪستان جي، جي ڊي پي ۾ زراعت جو 50 سيڪڙو ۽ 42 سيڪڙو ليبر فورس (ڪم ڪندڙ) زراعت سان لاڳاپيل آهي. هيٽ ويو جهڙي سخت موسم ۾ فصلن کي نقصان پهچندو آهي. جنهن جي ڪري 2019ع ۾ پاڪستان ۾ ڪپهه جي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي هئي، جڏهن سنڌ ۾ فقط 2 ڀاڱي 3 ڪپهه ٿي سگهيو هو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اسان وٽ وڌيڪ وقت ڪونهي. اسان وٽ ٽيڪنالاجيءَ به آهي ۽ سائنس به. مسئلو سائنس جي نه هجڻ جو ڪونهي پر ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ قوت ارادي جي کوٽ آهي.
**
(انڊپينڊنٽ اردو جي ٿورن سان)