ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڻي بنا سنڌ

گذريل ڪجهه مهينن کان سنڌ سخت پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن جي ڪري نه رڳو سنڌ جي زراعت متاثر ٿي رهي آهي پر ان سان گڏ ماڻهو پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ به پريشان لڳا پيا آهن، جنهن جي ڪري پاڻيءَ جي کوٽ هن وقت بحراني شڪل اختيار ڪري وئي آهي. ان ڳالهه کي مڃي به وٺجي ته ملڪ ۾ مجموعي طور پاڻيءَ جي کوٽ لڳي پئي آهي پر ان کوٽ کي سدائين سنڌ ئي ڀوڳيندي آهي، جنهن جي ڪري سنڌ جي زرعي معيشت به تباهه ٿي رهي آهي. هي معاملو رڳو آبپاشي کاتي جي ڪوتاهيءَ جو ڪونهي پر ان سان گڏ ارسا جي لاپرواهي جو پڻ آهي، جيڪا پاڻيءَ کي منصفاڻي نموني ورهائڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته منصفاڻي ورڇ ان وقت ئي ممڪن آهي، جڏهن ارسا پنهنجو ڪردار ذميواريءَ سان نڀائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي پر هتي ته حالت اها آهي جو ارسا سنڌ جي حصي جي پاڻيءَ مان ته ڪٽوتي ڪندو آهي پر ان سان گڏ اهو ڪنهن به ريت کوٽ وارن ڏينهن ۾ پنجاب جي پاڻيءَ جي ڪٽوتي نه ڪندو آهي. جنهن جي ڪري پنجاب جا واهه تار پيا وهندا آهن. هن وقت سنڌ جو ڪوبه اهڙو ضلعو ڪونهي، جتي پاڻي کوٽ نه هجي. خاص طور تي بدين ۽ ٺٽو ٻه اهڙا ضلعا آهن، جتي پاڻيءَ جي سخت کوٽ لڳي پئي آهي، جنهن جي ڪري ماڻهو سخت پريشانيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن. تازو ئي آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شوري جو جيڪو بيان سامهون آيو آهي، ان مان به اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته سنڌ پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻيءَ جي کوٽ کي ڀوڳي رهي آهي.
آبپاشي واري کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو آهي ته سنڌ صوبي ۾ شديد پاڻي کوٽ جو خدشو آھي، جڏهن ته ارسا اختيارين پاران سسٽم ۾ پاڻي گھٽتائي جو سبب ڄاڻائي سنڌ کي پاڻي جي مقرر ڪيل حصي کان محروم ڪيو پيو وڃي. ھن چيو ته سنڌ ھن وقت 42 سيڪڙو پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، گذريل سال اپريل 2021ع ۾ سنڌ صوبي کي پاڻي معاھدي مطابق 22 سيڪڙو گھٽ پاڻي فراھم ڪيو ويو. پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته صوبي سنڌ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ سبب زراعت جو شعبو سخت متاثر ٿيندو، هزارين ايڪڙن تي بيٺل زرعي فصل تباهه ٿيڻ جو خدشو پڻ آهي. صوبائي وزير ڄام خان شوري وڌيڪ چيو ته پاڻي بحران سبب ڪراچي سميت صوبي جي ٻين شھرن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي جو بحران به پيدا ٿيندو. ھن وڌيڪ چيو ته ارسا اختيارين پاران 1991ع جي پاڻي ٺاهه تي عملدرآمد نه ڪرڻ سبب شديد پاڻي کوٽ پيدا ٿي رھي آهي ۽ پاڻي ٺاهه تحت سنڌ صوبي کي فوري پاڻي فراھم ڪيو وڃي ته جيئن پاڻيءَ جي کوٽ تي ضابطو اچي سگهي. هي صورتحال واقعي به ڳڻتي جوڳي آهي. ارسا سنڌ جي پاڻيءَ جي جيڪا ڪٽوتي ڪندو آهي، سا گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪندو پيو اچي، پر ڇا جنهن حساب سان ارسا پاران سنڌ جي پاڻيءَ جي ڪٽوتي ڪئي ٿي وڃي، اها جائز آهي؟ يا اها واقعي به ايتري ڪٽوٽي ڪرڻ جو حق رکي ٿو. خريف واري مند شروع ٿيندي ئي سنڌ ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ ٿي ويندي آهي، جنهن جي ڪري سنڌ ۾ پوکيل فصل به متاثر ٿيندا آهن ته ان کانسواءِ واهن ۾ پيئڻ جو پاڻي به اڻ لڀ ٿي ويندو آهي، پر وفاق توڙي ارسا جي ڪن تي جونءِ به ڪانه سرندي آهي. تنهنڪري ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ هن وقت ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ان کان سواءِ جتي جتي به وڌيڪ کوٽ آهي، پهرين ان کوٽ کي پورو ڪيو وڃي پوءِ ٻين ضلعن کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ آبپاسي کاتو به پنهنجو ڪردار نڀائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button