ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ايران-سعودي عرب لاڳاپن ۾ بهتري جو خواب

ايراني صدر ابراهيم ريئسي پاران اها وڏي واڪي دعوا هڪ عرصي کان ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي ته نار وارين رياستن سوڌو پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن ۾ بهتري تهران جي ترجيحن ۾ شامل آهي. پر اهو ڪڙي سچائي آهي ته ان سلسلي ۾ هيستائين سامهون ايندڙ بنيادن تي رڳو سهڻي نموني زباني جمع خرچ لڳي رهيا آهن.
ايران جي اسلامي فوج پاسداران انقلاب جي اڳوڻي ڪمانڊر ۽ سپريم ليڊر جي اعليٰ اختيارين فوجي مشير ميجر جنرل يحييٰ رحيم صفوي به پنهنجن اعلانن ۾ اهو تاثر ڏيندڙن ۾ پيش پيش رهيو آهي ته تهران پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن ۾ بهتري جهڙن سفارتي اپائن بابت سنجيدگيءَ سان غور ڪري رهيو آهي.
تهران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان سعيد خطيب زاده به هڪ هاڻُوڪي بيان ۾ چيو آهي ته مسلم دنيا ۽ خطي جي ٻن اهم ملڪن سعودي عرب ۽ ايران علائقائي امن استحڪام ۽ ترقي خاطر تعميري ڳالهين جو سلسلو شروع ڪري سگهن ٿا.
ان سلسلي ۾ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان جو بيان سامهون رهڻ گهرجي، جنهن ۾ هن چيو هو ته هن جو ملڪ يعني سعودي عرب صدر ريئسي جي انتظاميه جي ڪاوشن کي زميني حقيقتن ۾ تبديل ٿيندي ڏسڻ چاهي ٿي.
ڳالهين جا لاها چاڙها:
ڇڪتاڻ وارا لاڳاپا رکندڙ ٻنهي پاريسري ملڪن جي وچ ۾ گذريل سال اپريل کان ڳالهين جو سلسلو جاري هو ۽ هن سال 13 مارچ تي بنا ڪنهن سبب جي ڳالهيون ختم ٿي ويون آهن. ڳالهين ۾ رنڊڪ جو اهو مرحلو رياض پاران مختلف سنگين ڏوهن ۾ ملوث 81 ماڻهن جا سر قلم ڪرڻ واري واقعي جي هڪ ڏينهن کان پوءِ پيش آيو آهي. مملڪت ۾ ايتري وڏي انگ ۾ ڦاهين جي سزا تي عملدرآمد کان پوءِ ايران سوڌو مختلف حڪومتن پنهنجا نڪ ۽ ڀرون چاڙهي چڏيا آهن.
ايران مملڪت ۾ اجتماعي ڦاهين کي انساني حقن جي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو، جنهن تي ٻنهي ملڪن ۾ هڪ ڀيرو وري لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا ٿي ويا آهن.
ماضي ۾ ٻنهي ملڪن جا سفارتي لاڳاپا ان وقت بگاڙ جو شڪار ٿيا هئا، جڏهن هڪ سرگرم شيعه عالم دين شيخ نمر نمر کي 2016ع ۾ موت جي سزا ڏني وئي هئي، جنهن تي ايران جي مخلتف شهرن ۾ تشدد وارا مظاهرا ڪيا ويا هئا. ڦاهي جي مذمت ۾ تهران ۽ مشهد جي اندر واقع سعودي عرب جي سفارتي مشنز تي حملا ڪيا ويا.
لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ جاري ڳالهين ۾ رنڊڪ جو هاڻوڪو مرحلو گذريل مهيني ان وقت پيش آيو، جڏهن عراقي وزير اعظم مصطفيٰ الڪاظمي ترڪي جي انطاليه علائقي ۾ ٿيندڙ هڪ سفارتي فورم کي ٻڌايو ته تهران ۽ رياض جي وچ ۾ ڳالهيون، پنجون ڀيرو ڏور بغداد جي ميزباني ۾ ٿيڻ واريون آهن.
جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ جي تازي دور ايران پاسداران انقلاب پاران عراقي شهر اربيل ۾ اسرائيل جي مبينه ٺڪاڻن تي 13 مارچ تي حملي کان پوءِ ڏسڻ ۾ آيو آهي ۽ امڪاني طور سعودي عرب ايران وچ ۾ ڳالهيون ان سبب ئي معطل ٿيون آهن.
ڳالهين جي گذريل دورن ۾ ايران سعودي عرب وڌي حد تائين پنهنجن اختلافن کي ختم ڪيو هو ۽ ٻنهي ملڪن سفارتي لاڳاپن جي بحال جي ويجهو پهچي ڇڪا هئا.
بدقسمتي سان اڳوڻي ايران صدرن بشمول نام نهاد اعتدال پسند، حسن روحاني به نار وارين رياستن سان لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ اهڙيون دعوائون ڪيون.
پر جناب روحاني جي حڪومت دور ۾ نار وارين رياستن سان لاڳاپا ابتري جو شڪار ٿيا، ڇاڪاڻ ته ايران خطي ۾ پنهنجي تباهي ٿي، فوجي مهم جوئي بنا ڪهن رنڊڪ جي جاري رکي اهڙين حالتن ۾ لاڳاپا بهتر هجڻ جي فقط دعوا هڪ خواب ئي رهيو.
خطي ۾ ٻين قومن سان گڏ لاڳاپن ۾ بهتري جي دعوائن جي ابتڙ صدر ريئسي جي انتظاميه تهران جي پاليسي ۾ تبديلي لاءِ اڃا تائين ڪو عملي روڊ ميپ نه ڏنو آهي. ايراني پاسدران انقلاب اًڄ به يمن جي حوثين جي جنگ کي اسپانسر ڪري رهيو آهي. يمن ۾ سرگرم باغي گروپ کي تهران پاران هٿيارن جي فراهمي جهڙن اپائن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ اچي رهي آهي.
سعودي عرب ۽ امارات جي حساس هدف کي نشانو بنائڻ واري جديد ڊورنز ۽ ميزائيل ممڪنه طور ايران مان ئي فراهم ڪيا پيا وڃن. ايران دهشتگرد حوثي گروپ سان يمن جي سرڪاري حڪومت طور معاملن ڪري رهيو آهي.
تهران پاران يمن کي هٿيار اسمگلنگ جو سلسو به بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري آهي. حوثي انهن هٿيارن کي سعودي عرب ۽ امارات خلاف پنهنجي جارحاڻن اپائن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. هوڏانهن شام جو صدر ريئسي انتظاميه عرب قوم ۽ ان جي سرزمين کي اسرائيل سان پنهنجو حساب چڪائڻ لاءِ پراڪسي ميدان جنگ طور استعمال ڪري رهي آهي. ان جنگ جو مقصد ايران جي عسڪري ٺڪاڻن کي ليوانٽ ريجن تائين پکيڙڻ آهي.
شام ۾ عدم استحڪام مان فائدو وٺي ايراني پاسدران انقلاب ۽ انهي گروپ جي پرڏيهي ملڪ فوجي آپريشن جي نگران القدس برگيڊ اسرائيل سرحد جي ويجهو پنهنجي عسڪري موجودگي يقيني بنائي ورتي آهي. پاسداران انقلاب شامل ۾ مستقل فوجي اڏا به ٺاهي رکيا آهن، ان کان سواءِ اهي گروپ شام جي ڪيئي اهم هوائي اڏن کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي رهيا آهن.
صدر ريئسي انتظاميه پاران پاسداران انقلاب عراق جي سرزمين کي پراڪسي ميدان جنگ طور ڪاميابي سان استعمالا ڪري رهيو آهي ته جيئن پنهنجي انقلابي مقصدن ۽ توسيع پسنداڻي ارادن کي ڪاميابي سان اڳيان وڌائي سگهي.
عراق ۾ سرگرم ايراني مليشيا مذهب کي به خاص فرقيوارڻن مقصدن لاءِ هٿي طور استعمال ڪري رهيا آهن، ايراني حڪومت جي نگراني ۾ سرگرم مليشيائين شهرين جي وچ ۾ مختلف تڪرارن ۽ ڏوهن کي هٿي ڏيڻ ۾ به ملوث نظر اچن ٿيون.
جيستائين ايران جي ائٽمي پروگرام جو تعلق آهي ته صدي ريئسي ڪو اهڙو اشارو ڪونه ڏنو آهي، جنهن مان خبر پوي ته هن جي حڪومت ائٽمي سرگرمين ۾ ڪمي آڻي رهي آهي، اها صورتحال خطي ۾ ملڪن لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي.
صدر روحاني جي حڪومتي دور ۾ ايران وٽ ائٽمي هٿيار تيار ڪرڻ جي صلاحيت هڪ سال جي فاصلي تي هئي پر گذريل سال ايراني منصب صدارت تي جناب ريئسي جي فائز ٿيڻ کان پوءِ هاڻ ايران مڪمل ائٽمي هٿيار تياري مان فقط ڪجهه هفتن جي فاصلي تي آهي.
ايراني صدر جيڪڏهن پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن ۾ بهتري چاهي ٿو ته هن کي پاڙيسرين جي ڳڻتي جو جواب ڏيڻو پوندو ۽ ان مقصد لاءِ تهران جي پرڏيهي پاليسي ۾ بنيادي نوعيت جي تبديلي کان سواءِ اهو اپاءُ ممڪن ناهي.
هتي ان ڳالهه ڏانهن اشارو ضروري آهي ته ايران ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ بهتر لاڳاپا خطي جي جيو پوليٽيڪل، معاشي ۽ سيڪيورٽي منظرنامي تي هاڪاري اثر ظاهر ٿيندا.
ايراني حڪومت ملائيت تي ٻڌل سوچ ۽ نظرياتي فڪر ڇڏي جيڪڏهن عرب قوميتن سان بهتر لاڳاپن کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۾ شامل ڪري ٿي ته ان جا اثر تهران تائين خاص طور تي پوري خطي تائين پهچڻ جا عام امڪان آهن.
زميني حقيقتن جي صورت ۾ اهو سهڻو منظرنامو ان صورت ۾ ظاهر ٿي سگهي، جڏهن ايران شيعه، مليشيا ٽولن ۽ پوري علائقي ۾ پنهنجي پراڪسي جي مالي مدد بند ڪري ڇڏي.
تهران جيڪڏهن خليجي رياستن ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو، ته ايران رجيم کي زباني جمع خرچ کان اڳيان وڌي پنهنجي علائقائي پاليسين کي حقيقي تبديلي آڻڻي پوندي.
**
(انڊپينڊنٽ اردو جي ٿورن سان)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button