جيئن تھ ميخائيل باختين جو تصور مڪالمانگاري ادبي ڊسڪورس ۾ ناول کي سماجي رابطن جي سلسلي ۾ اتي کڻي آيو، جتي روسي ھيئت پسندي يا ساختيات جا تقريبن تصور پسمنظر ۾ ھليا ويا ۽ ادبي تجزيي يا لساني مطالعي جا نوان گس سامھون آيا جن ڪيتريون ئي نيون ڳالھيون کوليون ۽ ادب کي سماج سان جوڙي سموري ڊسڪورس کي ان ۾ شامل ڪري ڇڏيو. اھو عمل ڪو ايترو سادو بھ نھ ھو ۽ ايترو ڪو بنھه نئون بھ نھ ھو پر ان سموري مرحلي کي سمجھڻ لاءِ طاقتور فڪري فلسفي ۽ لسانيات جو مطالعو گھربل ھو. ھڪڙو سبب اھو ھو تھ ساختيات جو سمورو نظام لسانيات تي بيٺل ھو ٻيو اھو تھ اھو مطالعو ٻين سماجي ۽ ثقافتي عنصرن کان الڳ ٿلڳ ڪري بيھاريل ھو، يعني ڊسڪورس کي سمجھڻ لاءِ رڳو ڊسڪورس ئي ڪافي ھو يعني ان جي معنيٰ ۽ مفھوم کي سمجھڻ تي زور ھو، جھڙوڪ فلسفي کان ھٽي لسانيات ۾ جيفري ليچGeoffery Leech¡ ، معنيٰ جا ست قسم ٻڌايا جيڪي متن مان ڪڍيا يا اخذ ڪيا ٿي ويا، اھي ست قسم وري فرئنڪ پامر Frank Palmer ۽ جون ليونس John Lyons جي مد مقابل بيٺا ھئا، جيڪي علم المعنيٰ Semantics ۾ استعمال ٿي ڪيا ويا يا وري علم العمل Pragmatics جي پسمنظر ۾ ڏٺا ٿي ويا. اھي سمورا عمل متن جي اندر رھي ڏٺا ٿي ويا، جيڪي ڪنھن سڌي يا اڻ سڌي ريت ڊسڪورس يعني ادبي متن جي سمجھڻ لاءِ استعمال ٿي ٿيا. ايئن فيئر ڪلوف Fairclough ان کي ڊسڪورس جو تجزيو Discourse Analysis يا تنقيد طرح ڊسڪورس جو تجزيو Critical Discourse Analysis جو حصو ٿي ويا، جيڪو ڪافي اڳتي وڌيل نمونو ھو پر ان جو دائره ڪار وري بھ لسانيات يا ڪنھن ڊسڪورس جو لسانياتي مطالعو ھو يا ان کي آئيڊيالاجيءَ سان ڳنڍيو ٿي ويو، جيڪو گھڻي ڀاڱي سياسي نقطھ نظر جي حوالي ٿي ويو.
جڏھن تھ بين المتني مطالعو يعني انٽر ٽيڪسچوئلٽي وري گھڻ رخو ھو، جنھن ۾ باختين جا تصور جھڙوڪ گھڻ آوازي Polyphony ۽ گھڻ علمي يا ڪثرتِ متن Heteroglossia شامل ھئا پر بين المتني مطالعو باختين جي تصورن کي گھڻي ڀاڱي اڳتي آندو جيڪو ظاھر آھي باختين جي تصورن بنا اڻ پورو آھي. ان ڪري بين المتني تنقيد کي باختين جي تصورن کان الڳ ڪري نٿو سمجھي سگھجي. نھ فقط باختين پر ٻيا بھ ڪيترائي مفڪر ان تصور جي پٺيان موجود رھيا آھن جن ھن مطالعي کي جان بخشيو. جھڙوڪ ڊي بيوگرنڊي De Beaugrande ۽ ڊريسلر Dressler پنھنجي ڪتاب متني لسانيات جو تعارف Introduction to Text Linguistics ۾ متن کي رابطي جو ذريعو جن سببن ۽ معيارن جي ڪري ڪوٺيو آھي انھن ۾ بين المتنيت يعني انٽر ٽيڪسچوئلٽي بھ آھي. انھن پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو آھي تھ متن “As a COMMUNICATIVE occurrence which meets seven standards of TEXTUALITY 1. Cohesion, 2. Coherence, 3. Intentionality, 4. Acceptability, 5. Informativity, 6. Situationality and 7. Intertextuality. يعني متن ۾ جيڪڏھن اھي ست معياري جز نھ ھوندا تھ متن پورو پيغام نھ پھچائي سگھندو. اھو ادبي ڊسڪورس ھجي يا غير ادبي ڊسڪورس. انھن جزن ۾ پھريون جزو ٻوليءَ جي جڙاوت يعني لفظن، جملن ۽ پيرگرافن جو ھڪ ڪرو يا جڙيل ھجڻ، ٻيو جزو خيالن جو تسلسل يا وھڪرو جيڪو پاڻيءَ جي آبشارن وانگر ڳنڍيل ھجڻ، ٽيون ڪنھن پيغام ڏيڻ لاءِ ارادن جو اظھار تھ توھان آخر چوڻ ڇا ٿا چاھيو، چوٿون قبوليت يعني جيڪو توھان چئو ٿا يا چوڻ گھرو ٿا، ان سان وابستگي يا لاڳاپو تھ اھي خيال واقعي سٺا ۽ اظھار لائق آھن، پنجون معلومات جو پورو ھجڻ يعني اوھان جيڪو چئو ٿا ان بابت اوھان پوري طرح واقفيت رکو ٿا ۽ سڀ ڪجھه ڄاڻو ٿا، ڇھون ڪھڙي صورتحال ۾ اوھان آھيو ۽ ڪھڙي صورتحال ۾ ڳالھه ڪريو ٿا يعني ڪانٽيڪسٽ کي ذھن ۾ رکڻ ۽ ستون بين المتنيت يعني اوھان جو متن ٻين متنن سان گفتگو يا مڪالمانگاري جي سگھه رکي ٿو يا نھ. اھي ست معيار ڪنھن بھ ڊسڪورس يا متن جي پيغام رسائي لاءِ اھم آھن. انھن جزن مان باختين يا بين المتني تنقيدنگاريءَ کان پھرين ڇھن جزن تي تمام گھڻو ڪم ٿيو ۽ تجزيا ڪيا ويا پر ستين جز کي ڪونھ ٿي ڏٺو ويو.
بين المتني تنقيد مطالعي ۾ ٻيو اھم حصو مائيڪل ھيليڊي Michael Halliday جو آھي جنھن فنڪشنل لسانيات جا تمام اھم تصور پيش ڪيا، جيڪي اڄ سماجي لسانيات يا تنقيدي ڊسڪورس جي تجزيي ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا. ان جا ڪيترائي لسانياتي تصور تنقيدي مطالعن ۾ ڳڻي سگھجن ٿا پر بين المتني تنقيد ۾ ٻھ اھم تصور Two Axes استعمال ڪيا وڃن ٿا، جنھن ۾ قطبي Horiizontal ۽ افقي Paradigmatic or Vertical چونڊ وارا جزا شامل آھن. متن لکڻ يا تخليق ڪرڻ وقت قطبي ۽ افقي جزا انتھائي لازمي ھوندا جيڪي ليکڪ پاران شعوري يا غير شعوري طور استعمال ڪيا ويندا آھن. قطبي چونڊ ۾ ليکڪ جملن جي جوڙجڪ يا فاعل جو مفعول يا موضوع سان تخاطب وارو عمل ڪارفرما آھي تھ ھو ڇا ٿو چوڻ چاھي يعني چوڻ ۽ ٻڌڻ وارا ڪير آھن. جڏھن تھ افقي لکڻي ۾ ليکڪ ڪھڙن لفظن يا اصطلاحن جي چونڊ ڪري ٿو سو ڏٺو ويندو آھي، Schmitz, 2002 مطابق؛
Horizontally, as a relation between the writing subject and the addressee;
Vertically, as directed toward anterior or synchronic text.
جوليا ڪرسٽيويا Julia Kristevia جيڪا بلغاريھ جي لسانيات ۽ نفسيات جي ماھر ھئي، ان مٿئين چونڊ کي بيان ڪندي چيو آھي تھ فاعل قطبي طرح اھو ڪجھه لکي ٿو يا ٻڌائي ٿو جيڪو ھن پڙھيو ۽ ٻڌو آھي ۽ ھو اھو ڪجهھ ٻڌائي ٿو جيڪو وٽس آھي، يعني بيان يا ڊسڪورس ڪو ھن جو تخليق ڪيل يا خالص اڇوتو خيال نھ آھي، جڏھن تھ افقي طرح واري چونڊ ۾ ھو ٻوليءَ يا تصورن کي ان وقت جي اظھار يا گذريل وقت جي بيانن جي روشنيءَ ۾ بيان ڪري ٿو. اھو تجزيو جوليا ڪرسٽيوا کي باختين جي تصورن کان اڳتي وٺي اچي ٿو. جيتوڻيڪ ٻئي لسانياتي مفڪر بھ ھئا پر ڪرسٽيوا ان کي ناول کان اڳتي وڌي عام ڊسڪورس ۾ پيش ڪيو.
جيئن باختين واري تصور ۾ ڏسجي ٿو تھ ھر ڊسڪورس پاڻ سان گڏ گذريل وقتن يا ثقافتن جو ڊسڪورس پاڻ سان نشانين طور کڻي ايندو آھي، ايئن ھر ڊسڪورس ڪثرتي ڊسڪورس جو حصو ٿي مجموعي انساني متن جو حصو ٿي وڃي ٿو. جيڪڏھن ڪنھن بھ ڊسڪورس کي الڳ ٿلڳ ڪري ڏسبو تھ اھو پنھنجي سماج ۽ ثقافت کان ڏور ڪٽيل لغڙ وانگر ھوندو جيڪو درست مفھوم نھ پھچائي سگھندو.
جوليا ڪرسٽيوا جون 24، 1941ع ۾ بلغاريا ۾ ڄائي جيڪا اڄوڪي دور جي اھم نقادن مان ھڪ آھي جنھن جو اثر سموري دنيا جي ادبي تنقيد ۽ تجزين ۾ شامل آھي، اھا اڳتي ھلي پئرس پڙھائي لاءِ لڏي آئي جيڪا اڄ اتي پڙھائي ٿي پئي. جوليا تي تمام گھڻو اثر باختين جي لکڻين جو آھي. سڀ کان پھرين ڪرسٽيوا باختين جي لکڻين جو ترجمو ڪيو ۽ دنيا خاص ڪري فرانسيسي ليکڪ يا پاٺڪ باختين کان غير واقف ھئا اتي باختين جي تصورن کي متعارف ڪرايو پر اڳتي ھلي ھن انھن لکڻين جي بنياد تي نئون تنقيدي زاويو پيش ڪيو جنھن کي ھن بين المتنيت Intertextuality جو نالو ڏنو، جيڪو باختين جي لکڻين جو فقط ترجمو نھ ھو پر تصور گھڻا اڳتي وڌيل ھئا. اتي جوليا ڪرسٽيوا کي وري رولان بارٿز جھڙا ساختياتي نقاد مليا جن مان پڻ ھن گھڻو اثر ورتو جھڙوڪ بارٿز جا متن کي پڙھڻ يا سمجھڻ لاءِ ڪوڊز سندن رستو ھموار ڪيو. رولان بارٿز Roland Barthes اڻ سڌي ريت اھو اظھار بھ ڪندو رھيو تھ منھنجا شاگرد تنقيدي نقطھ نظر کي بين المتني طرح گھڻو اڳتي وٺي ويا آھن. ڪرسٽيوا ڏٺو تھ مختلف تصور ھڪٻئي سان مڪالمي ۾ موجود آھن، خاص طور تي رولان بارٿز جو ثقافتي ڪوڊ Cultural Code جو بين المتني مطالعي ۾ اھم حصو آھي.
(ھلندڙ(