ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيو

سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. جنهن خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڊگهي عرصي کان احتجاجن جو سلسلو هلندڙ آهي پر واڳ ڌڻين جي ڪنن تي اڃا تائين ڪا جون به نه چري آهي. تازيون خبرون اهي آهن ته سنڌ ۾ گڊو ڊائون، روهڙي ڪئنال، نارا ڪئنال ۽ ڪوٽڙي بئراج تي 60 سيڪڙو کوٽ برقرار آهي. سنڌ ارسا کان 80 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي گهر ڪئي، جنهن ۾ هن وقت تائين 32 هزار ڪيوسڪ ڏنو پيو وڃي. مليل ڄاڻ موجب سنڌ کي زرعي پوکائي ۽ پيئڻ لا پاڻي نه مليو آهي. جڏهن ته هن وقت گرمي پد وڌڻ سان تربيلا کان سنڌو دريا ۾ پاڻي اچڻ شروع ٿي ويو آهي. چشما لنڪ ڪئنال تي 50 هزار ڪيوسڪ کان مٿي پاڻي اسٽوريج ڪيو پيو وڃي. آبپاشي کاتي جي ماهرن ٻڌايو آهي ته چشما لنڪ تي روزانو 7 هزار ڪيوسڪ پاڻي جمع ڪيو پيو وڃي، اهو پاڻي سنڌ ۾ ڇڏيو وڃي ته گڊو بئراج کي گهربل پاڻي ملي ويندو. هن وقت پاڻي جي سخت کوٽ موجود آهي. پاڻي نه هجڻ جي ڪري سکر، نارا ۽ ڪوٽڙي بئراج تي ووئنڻ جي پوکائي نه ٿي سگهي آهي. جڏهن ته خميس تائين گڊو ڊائون ۾ 32 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. جتي گهرج 80 هزار ڪيوسڪ آهي. اهڙي ريت روهڙي ۽ نارا ڪئنال تي ساڍا 9 هزار ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بئراج تي 5 هزار 2 سئو ڪيوسڪ پاڻي جي الوڪيشن رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جيڪو پاڻي تمام گهٽ آهي. جتي 13 کان 14 هزار ڪيوسڪ پاڻي هجڻ گهرجي. ان ڏس ۾ ڪوٽڙي بئراج جي چيف انجنيئر ٻڌايو ته سنڌ ۾ پاڻي جي 60 سيڪڙو کوٽ موجود آهي. اسان کي 80 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهرجي. جيڪو نه پيو ملي. هن چيو ته ڦٽي جو سيزن نڪري وئي آهي. هاڻي مئي ۾ سارين جي پوکائي لا به پاڻي ناهي. کوٽ برقرار رهي ته پوکائي متاثر ٿيندي. هن ٻڌايو ته ڪوٽڙي تي ساڍا 5 هزار ڪيوسڪ مان ڪراچي کي 13 سئو ڪيوسڪ پاڻي پيئڻ لا ڏيون پيا، لطيف آباد پمپ لا سنڌو درياهه ۾ روزانو اڍائي سئو ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويندو آهي. 15 سئو ڪيوسڪ ڦليلي، 900 ڪيوسڪ پنڃاري ۽ 15 سئو ڪيوسڪ ڪي بي فيڊر ۽ اڪرم واهه کي ڏنو ويندو آهي. هن چيو ته گڊو لا چشما لنڪ کان پاڻي ڇڏيو ويو آهي. جنهن پاڻي کي بئراجن ۾ پهچڻ لا 15 ڏينهن لڳي ويندا. عام حالتن ۾ 13 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهربل هوندو آهي. بئراجن جي ڊزائن 16 هزار ڪيوسڪ جي پاڻي جي آهي، پاڻي چشما لنڪ تي جمع نه ڪيو وڃي ته هتي پاڻي جلدي پهچي ويندو ۽ پاڻي جي کوٽ ختم ٿي ويندي. جڏهن ته مئي مهيني ۾ سکر رائيٽ تي ۽ ڪوٽڙي بئراج تي سارين جي پوکائي ٿيندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته لطيف آباد وٽ سنڌو دريا ۾ پاڻي ڇڏڻ لا جيڪي 250 ڪيوسڪ ڏيندا آهيون، ان لا ڪمشنر کي لکيو آهي ته ان پاڻي لا متبادل ڳوليو وڃي. جيئن اهو پاڻي اسان ڪئنال ۾ ماڻهن کي پوکائي لا ڏئي سگهون.
سنڌ سرڪار جو موقف آهي ته سنڌ صوبي کي هن وقت شديد پاڻي جي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ سنڌ کي ٿري ٽيئر فارمولي جي ڪري پنهنجي حصي جو گهٽ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته پاڻي معاهدي 1991 تحت اپريل ۾ سنڌ کي خريف سيزن جي لاءِ 2 ڏهائي 408 ايم اي ايف پاڻي فراهم ڪرڻو آهي پر 1 ڏهائي 388 ايم اي ايف پاڻي ڏنو ويو آهي.
اسان سمجهون ٿا ته اها صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. نيٺ سنڌ سان پاڻي ورڇ جي معاملي تي ٿيندڙ اهڙي نا انصافي ڪڏهن ختم ٿيندي؟ ان کان وڌيڪ نا انصافي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته هڪ تڪراري 91ع پاڻي ٺاهه تحت به سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه پيو ڏنو وڃي. اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آهي ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻ ڏئي زراعت کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button