ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عاصم آخوند هڪ مارڪسي انقلابي ۽ دوست

ڪلهه 6 مئي عاصم آخوند جو جنم ڏينهن ھو عاصم جيڪو خوشحال گهراڻي جو فرد هو پر علم ۽ مارڪسزم سان سندس وابستگي کيس مظلومن، پورهيتن ۽ غريبن سان ڳنڍي ڇڏيو.
عاصم اسان جي اڳيان ان وقت ظاهر ٿيو جڏھن سوويت يونين ٽٽي چڪو هو ۽ هر طرف اهو هل هئو ته مارڪسزم ختم ٿي ويو پورهيت طبقي جي سياست ختم ٿي وئي هي ان وقت نوجوان ٽھي ۾ انهن چند فردن مان هڪ هو جن مارڪسزم جو دفاع پئي ڪيو هو هر ان ماڻھو سان گفتگو ڪندو هو جيڪو سندس ڳالهه ٻڌڻ پسند ڪندو هو پو ڀلي هو ساڻس قطعي متفق نه ٿئي تمام گهڻي ڌيرج ۽ مدلل انداز سان کيس پنهنجي نقطئه نظر کان آگاهه ڪندو هو. مارڪسزم جي فڪري ترويج فلسفي تي ڪچهريون سندس زندگي جو اڻ ٽٽ حصو هئا.
هن پاڻ کي ڪافي حد تائين ڊي ڪلاس ڪري ڇڏيو هو. هن جي مزاج ۽ طبعيت ۾ سادگي هوندي هئي. هو وڏ گهراڻي جو هوندي به پنهنجي رعب يا پئسي جي نمائش نه ڪندو هو. نه ئي فڪري طرح تمام وڏي اعليٰ مقام جو ڪو رعب وجهندو هو. هارين عام سادن ماڻھن سان ڪچهريون ڪندو هو. مون کي ياد آھي هڪ ڀيري سندس ڊرائيور عزيز ترڪ هن کان پڇيو ته اسان جا دشمن ڪير آھن. ڪٿان کان اسان کي شروعات ڪرڻ گهرجي ته ان تي عاصم کيس سمجهايو ته اسين پهرين فڪري ۽ عملي طرح جاگيردار ۽ وڏيري سان پهرين جنگ ڪنداسين پو انهي کي شڪست ڏينداسين ته فورسز ۽ آخر ۾ آمريڪا پاڻ اچي ميدان تي لهندو، ان جو مطلب مقامي گماشتي سرمايدار جاگيردار وڏيري ۽ پو سندس طاقت فورسز ۽ آخر ۾ سامراج کي شڪست ڏئي هڪ عزت وارو آزاد سماج قائم ڪنداسين سنڌي قوم جي قومي تشڪيل جو ڪم به هتي جو پورهيت طبقو ڪندو، ڇو ته وڏيرو ۽ سرمايادار ڪلاس مڪمل طرح کدڙو بڻجي چڪو آھي.
عاصم ذاتي دوستي نڀائڻ وارو به هوندو هو سندس دوستي پنهنجي ڪامريڊن سان هوندي هئي جنهن کي هو وس آھر نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو هو، هو هڪ سٺو دوست به هو. پو ڪچهريون اسٽيڊي سرڪل هئا ۽ ننڍيون جدوجهدون.
سوشلزم تي ليڪچر جو سلسلو سندس زندگي جي آخري گهڙي تائين هلندو رهيو. اها 2008 جي منجهند هئي جو هو اسان کان وڇڙي ويو. فقط 33 سالن جي عمر ۾. ھن وقت به منهنجي ڪيفيت اها آھي جو جيئن جيئن وقت گذري پيو سندس يادگيريون ۽ ڪچهريون وسرڻ بدران تازيون ٿينديون رهن ٿيون. سندس اوچتو وڇڙي وڃڻ جو ڏک مرڻ گهڙي تائين رهندو.
اسان گڏجي عاصم جي ايڊيٽر شپ ۾ آدرش ميگزين جاري ڪيو ته جيئن وري سنڌ ۾ مارڪسزم جي آبياري ڪجي. 2005 کان 2008 تائين اهو سلسلو جاري رهيو افسوس ته عاصم مارڪسزم تي تمام گهٽ لکيو ۽ اهو به فقط آدرش ميگزين جي ڪري. اسان ۽ ٻيو دوستن جو فڪري نظرياتي حلقو سندس محنتن جو نتيجو آھي.
عاصم آخوند جو خواب هڪ خوبصورت سماج جو سپنو نيٺ ساڀيان ماڻيندو. ظلم استحصال جبر جون سڀ صورتون نيٺ ختم ٿينديون. سنڌ ۾ جاگيرداري وڏيراشاهي کي جيستائين ختم نه ڪبو ڪنهن قسم جي ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهندي. هڪ جمهوري سماج به تڏھن قائم ٿي سگهندو. عاصم اڪثر ورجائيندو هو هن جو چوڻ هو ته عالمي ۽ مقامي سامراجي قوتن جو ڀرجهلو جاگيردار سردار ۽ وڏيرو آھي، ان کي ڪمزور ڪرڻ جي هر سياست اسان جي سياست آھي. وڏيري سان وڙھڻ معنيٰ آمريڪا ۽ ھتان جي قابض ھر حاڪم سان وڙھڻ. عاصم تمام ٿورو لکيو پر اهو اسان جي آدرش سٿ ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو. ڪامران جتوئي ان ڪتاب آزادي جو فڪر تي رويو لکيو آھي جيڪو پڙھي عاصم جي فڪري سطح جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
“آزاديءَ جو فڪر” ڪتاب ڪامريڊ عاصم آخوند جي چونڊ لکڻين، ترجمن، انٽرويو ۽ سوالن جوابن تي مشتمل آهي. مارڪسي فڪر سان وابسطا ڪامريڊ عاصم صرف 33 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، پر ٿورڙي عرصي ۾ هُو وڏو ڪم ڪري ويو. سنڌ جي ڏاهي، دانشور محمد ابراهيم جويو عاصم جي مرتئي پڄاڻان لکيو هو ته “هڪ ڏينهَن جو آزادُ جيئڻُ، سڄِيءَ عمر جي غلامُ جيئڻَ کان بهتر آهي، ڇو ته آزاديءَ جو جيئڻُ سجايو ۽ سَڦلُ ۽ غلاميءَ جو جيئڻُ اجايو ۽ بي ثَمُر هجي ٿو. آئون پنهنجي سڀَ پَرئين سُپاهتي دوست عاصم آخوند جي 33 سالن جي ننڍيءَ وهيءَ کي، سندن نِبار اُمنگن ۽ سُرتوان ارادن ۽ ڪمن کي ياد ڪندي، حياتِ انسانيءَ جِي گذاريِلَ هڪ مثالي وَهيِ سمجهان ٿو.” ڪتاب جي مهاڳ ۾ لطيف لغاري لکي ٿو ته “عاصم به سنڌ جو هڪ اهڙو ئي بي انت ڪردار هو، جنهن جي سڄي شعوري زندگي هڪ خاص اعليٰ مقصد کي وقف ٿيل هئي. جنهن جي حاصلات لاءِ هو، هر پل هر گهڙي، سوچ ۽ لوچ ۾ محو ۽ مشغول هو. مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به هن شخص جي واتان نااميدي ۽ مايوسيءَ جو لفظ نه ٻڌو، ڪڏهن به مارڪسي فڪر ۽ عمل کان غافل نه ڏٺو. عاصم سنڌ جي موجوده تاريخ ۾ ننڍڙي ڄمار ۾ اهو نالو ڪمائي ويو، جيڪو ڪن ٿورڙن ماڻهن کي نصيب ٿيو هوندو.”
ڪتاب جي پهرين حصي ۾ طبع زاد لکڻيون شامل ڪيون ويون آهن. انهن مضمونن ۾ عاصم آخوند جي ڳوڙهي اڀياس، ڏُور رس نظر ۽ فڪري پُختگي پَسي سگهجي ٿي. مثال پهرين مضمون ۾ ماديت (جڙواد) ڇا آهي؟ ماديت ۽ تصوريت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ماديت ۽ اگنان واد ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ جهڙن فڪري گُٿين کي سرل ۽ سولي نموني سلجهايو ويو آهي. صفحي نمبر 28,27,26 تي لکن ٿا ته “فلسفي جو بنيادي سوال انهيءَ ڳالھه جو جواب لهڻ گهري ٿو ته مادو اول آهي يا روح. انهيءَ سوال جو جواب هر هڪ مڪتبه فڪر پنهنجي انداز سان ڏئي ٿو، پر مادي وادين جو چوڻ آهي ته مادي جو وجود پهرين آهي ۽ روح انهيءَ جي ترقيءَ جي اعليٰ شڪل آهي. سوچيندڙ روح، مادي وادين مطابق، انهيءَ وقت نروار ٿي آيو جڏهن خود انسان، ارتقا جي طويل سفر کان پوءِ، ڌرتيءَ تي نمودار ٿيو. فلسفي جي بنيادي سوال سان ڳنڍيل هڪ ٻيو سوال پڻ آهي. جنهن جي جواب جي بنياد تي ماديت کي انسان جي بيوسي ختم ڪرڻ جو فلسفو چئي سگهجي ٿو. اُهو سوال اِهو آهي ته، ڇا انساني ذهن، جنهن کي فلسفي جي دنيا ۾ شعور به سڏيون ٿا، هِن گوناگون ڪائنات جي ڳجهارت ڀڃڻ جي قابل آهي؟ اِنهيءَ سوال جو جواب مادي وادين وٽ اِهو آهي ته، انساني ذهن سماج ۾ رهندي، ايتري ته اعليٰ سطح تي پهچي چڪو آهي، جو ان لاءِ ڪابه ڳجهارت اڄ ناقابل سمجهه ڳجهارت نه رهي آهي ۽ جيڪڏهن ڪا ڳالهھ ڄاتل نه آهي ته ان کي اهو نيٺ به ڄاڻڻ جي سگھه رکي ٿو.” تصوريت ۽ ماديت وچ ۾ فرق بابت لکن ٿا ته “تصوريت جو چوڻ آهي ته انسان بنيادي طور هڪ رانديڪو آهي، جنهن کي هلائڻ واريون فطرت کان اوچيون قوتون آهن ۽ انسان رڳو انهن جي حڪم جي پوئواري ڪري رهيو آهي. گويا انسان “تقدير” جي قبضي هيٺ قدرت جي حوالي ٿيل آهي. ماديت اِن جي ابتڙ اِها دعويٰ ڪري ٿي ته فطرت کان اوچيون ڪي به قوتون موجود ناهن ۽ انسان هن گوناگون فطرت جو هڪ ننڍڙو حصو آهي، پر انسان ۾ اِها صلاحيت موجود آهي، جو هو پنهنجي بيوسي ختم ڪري سگهي.” هُو وڌيڪ لکن ٿا ته “ماديت ۽ تصوريت جي وچ مان هڪ ٽيون فلسفو ڦُٽي نڪتو، جنهن کي اگنان واد سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ جو چوڻ آهي ته ماديت ۽ تصوريت ٻئي پنهنجي ڄاڻ تي پڪ ڏيکارين ٿيون، پر اِهي دعوائون صرف خام خياليءَ کان سواءِ ڪجهھ به نه آهن، تنهن ڪري انساني ذهن فطرت کي پوريءَ طرح سمجهڻ کان قاصر آهي.”

ٻئي مضمون ۾ سنڌي ٻوليءَ جي دفاع کي مارڪسي نقطي نگاھه سان بيان ڪيو ويو آهي. لينن بابت ٽئين مضمون ۾ لينن ۽ اڄوڪي دؤر ۾ اڀرندڙ سوالن تي بحث ڪيو ويو آهي. مثال لينن ۽ ترميم پسندي، لينن ۽ ٽراٽسڪائيت، لينن جو فڪر ۽ اڄوڪي دور ۾ اُن جي افاديت ڇا آهي؟
چوٿين مضمون ۾ جدلياتي ماديت ۽ اڄوڪي سائنس کي پيرائتي نموني کولي سمجهايو ويو آهي. اهم سوالن جهڙوڪ جدلياتي ماديت ڇا آهي؟ ڇا مادو ختم ٿي ويو آهي؟ بقول بورجوا دانشورن جي، ڇا مارڪسزم فلاپ ٿي ويو آهي؟ ڇا مادو ۽ توانائي هڪ ٻئي سان اٽوٽ رشتي سان ڳنڍيل آهن؟ ڪوانٽم مڪئنڪس جي سمجهاڻي ڇو ضروري آهي؟ وغيره تي سٺو لکيو ويو آهي.
“اينگلس جي مضمون سوشلزم: يوٽوپيائي ۽ سائنسي” تي تبصرو” مضمون ۾ هڪ هنڌ لکن ٿا ته “فوريي جي مطابق انساني سماج جا چار بنيادي ڏاڪا آهن- وحشت، بربريت، پدر شاهي ۽ تهذيب. تهذيب جو دور فوريي سرمايداري نظام کي چئي ٿو. فوريي وٽ ابتدائي انداز ۾ هيگل جو جدلي انداز ملي ٿو، جنهن جي مطابق، انساني سماج وحشت جي دور کان تهذيب تائين ڦيرو پورو ڪري ٿو. فوريي لاءِ تهذيب؛ يعني سرمايداري نظام وحشت جي دور جو نئون دُهراءُ آهي. هن جي نقطي نگاھه موجب وحشت ۽ بربريت جي دور جون سڀ برايون سرمايداري نظام ۾ پاڻ کي مهذب ۽ شريفاڻي انداز ۾ اظهارين ٿيون. هن نظام ۾ هيٺين طبقن جو استحصال انتهائي بري شڪل ۾ موجود آهي.” اڳتي لکن ٿا ته “رابرٽ اوون جي نقطي نگاھه موجب سماجي سڌاري جي عمل ۾ ٽي بنيادي حقيقتون رڪاوٽ آهن- ڌرم، ذاتي ملڪيت ۽ شاديءَ جو اڄوڪو نظام.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button