ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ پاڻي بحران يا استحصال

سنڌ ۾ پاڻي جو بحران آهي يا سنڌ سان پاڻي جي ورڇ ۽ ان جي حق جو استحصال ٿي رهيو آهي بحران عام رواجي تشريح ۾ گھڻو ڪري قدرت جي طرفان پيدا ٿيل ڪمين سبب ٿيندو آهي مثال برسات جو نه پوڻ، گليشيرز جي نه پگھرڻ ڪري دريائي وهڪرن ۾ قدرتي ڪمي ٿيندي، جنهن سبب پاڻي جي ذخيري ڪرڻ جي لاءِ قائم ڪيل ڊيم نه ڀرجي سگھبا ۽ پوءِ درياهه جا ڇوڙ لازمي طور انهيءَ ڪمي جو اظهار ڪندي گھٽ ٿيندا، جنهن کي اسان بحران چئون ٿا پر جڏهن جيڪو به پاڻي آهي انهيءَ جي ورهاست يعني ورڇ يا طئي ٿيل اصول اورانگهي طاقتور ۽ جابر قوتون يا گروھه پنهنجي حصي پتيءَ کان وڌيڪ پاڻي کڻن ڪنهن به قانون ۽ اصول جي پرواھه نه ڪن، انهيءَ قدم، انهيءَ رويي ۽ انهيءَ ڦرلٽ کي استحصال چئبو آهي (هونئن به استحصال جي سادي تشريح اهائي آهي ته جڏهن ٻئي جو جائز ۽ قانوني حق غصب ڪري ڦريو وڃي انهيءَ کي استحصال چئبو آهي.)
سنڌ سان اهو جبر ۽ استحصال ٻٽو ٿئي پيو سنڌ سان پهريون استحصال وفاقي سطح تي پاڻي جي ورڇ لاءِ قائم ڪيل اداري ارسا جي پاران باربار ٿيندو رهيو آهي پاڻي جا جيڪي به معاهدا جيڪي خود ارسا پنهنجي وفاقي طاقت ۽ مرضيءَ مطابق ڪيا انهيءَ تي ڪڏهن عمل ناهي ڪيو، خاص ڪري ان عمل جو امتحان تڏهن شروع ٿيندو آهي، جڏهن پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيندي آهي، ارسا جي انهن روين تي سنڌ جي پاڻي ماهرن هر وقت دانهون ڪوڪون ڪيون آهن نه رڳو ايترو پر سنڌ حڪومت به ان احتجاج ۾ خاص ڪري اڳيان اڳيان تڏهن هوندي آهي جڏهن سنڌ حڪومت ۽ وفاقي جي وچ ۾ سياسي وڇوٽيون رهيون آهن هن وقت پهريان ئي پاڻيءَ جو بحران ٻڌايو ٿي ويو ته چاليهن کان اٺيتاليهھ پرسنٽ تائين آهي سنڌ حڪومت جي ٽيلينٽيڊ وزير شرجيل ميمڻ وري هي ساڳيو ئي مطالبو دهرايو آهي ته 91ع ٺاهھ هيٺ پاڻي ڏنو وڃي.
ڪالهھ کان پورو لاڙ پاڻي جي کوٽ سبب سراپا احتجاج آهي اخبارن ۾ آيل رپورٽن مطابق لکن ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهھ پيو ٿئي سوين خاندان پاڻي کوٽ سبب لڏ پلاڻ ڪري رهيا آهن ڪيترن ئي علائقن کان احتجاج ڪندي ماڻهو روڊن تي نڪري آيا آهن، خاص ڪري ڇتو چنڊ، ملڪاڻي شريف، کوسڪي ۽ ٽنڊي باگي ۾ سوين ماڻهو روڊن تي احتجاج ڪري پنهنجي روزگار ۽ جياپي جو حق پيا گھرن. هي به ٻڌايو پيو وڃي ته ٻه لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمينون مڪمل بنجر ٿي چڪيون آهن، انهن علائقن ۾ خاص ڪري لاڙ پٽيءَ ۾ سمنڊ ويجھي هجڻ ڪري تقريبن جر کارو ۽ ڪڙو آهي، جيڪڏهن دريا جو پاڻي اتي نه پهچندو ته پيئڻ لاءِ پاڻي نه ملندو. آبپاشي کاتي جي وزير ڄام خان شوري چيو آهي ته 91ع پاڻي معاهدي تحت اپريل کان سنڌ کي 2.408 ايم اي ايف پاڻي ملڻ گھرجي گذريل مهيني سنڌ کي رڳو 1.388 ايم اي ايف پاڻي فراهم ڪيو ويو جيڪا ناانصافي آهي.
هوڏانهن ارسا جي طرفان ٻڌايو ٿو وڃي ته 28 هزار ڪيوسڪ پاڻي اضافي ڇڏيو ويو آهي سندن هي به چوڻ آهي ته سنڌ کي پاڻي فراهمي 32 هزار مان وڌائي 60 هزار ڪيوسڪ ڪئي آهي چشما کان سنڌ تائين واڌو پاڻي پهچڻ تائين بقول ارسا جي ته چار کان پنج ڏينهن لڳندا ممڪن آهي ته اهو سڀ ڪجھه سچ هجي پر پاڻ پاڻي کوٽ جي متعلق ارسا جي اداري کان هي سوال پڇڻ جو پورو پورو حق رکون ٿا ته جيڪڏهن قدرتي کوٽ ڪهڙي به ڏينهن ۾ پيدا ٿئي ٿي ته ان کوٽ ۾ جيڪي به ڀاڱي ڀائيوار آهن اهي سڀئي گڏجي ڪري ان کوٽ کي هڪ جيترو منهن ڏيندا، پوءِ ائين ڇو ٿو ٿئي ته هر سال پاڻي کوٽ جو عذاب وڌ کان وڌ سنڌ پئي ڀوڳي مون کي ياد ناهي جو بد ترين بحرانن ۾ ڪڏهن پنجاب جي اندر پاڻي جي کوٽ ٿئي عوامي احتجاج رپورٽ ٿيا هجن. جيڪڏهن پاڻي کوٽ ٿيندي ماڻهن جا فصل سڪڻ ۽ سهڻ شروع ٿيندا ته انهن تي احتجاج لازمن ٿيندو پر اسان کي ڪڏهن پنجاب ۾ احتجاج ٿيندي نظر ناهي آهيو اڄ جي جديد انفارميشن جي دور ۾ اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪو احتجاج ٿئي ۽ اهو رپورٽ نه ٿئي جڏهن بک نه هوندي ته دانهن به نه ٿيندي.
پنجاب ڪڏهن به پاڻي جي حوالي سان بدترين بحران جو شڪار ناهي ٿيو ڀل اهو دور ڪهڙي به پارٽي جي حڪمراني جو هجي. پنجاب پاڻي سان هر وقت آب وتاب ۽ چمڪدار رهيو آهي سنڌ سان هڪ عذاب وفاقي سطح تي ارسا جي پاران جنهن ۾ سڌو سنئون اسلام آباد جي گادي ملوث رهي آهي ڇو ته وفاقي سرڪار جي مرضي ۽ طاقت کان سواءِ اهو ممڪن ئي ناهي ته ارسا من ماني ڪري ۽ جيڪي ٽيلي مينٽري سسٽم لڳايا ويا اهي سڀ جو سڀ ناڪارا بڻايا ويا ۽ انهن خلاف سنڌ جيتري به واويلا ڪئي اها سڄي واويلا لڙهندي رهي ارسا جو عمل ۽ طاقت هر دور ۾ ساڳيا رهندا پيا اچن، توڙي جو اهو دور ن ليگ جو هجي يا پ پ پ جو يا پي ٽي آءِ جو آمريتن جو ته مثال ئي الڳ آهي وڏو ڀاءُ ته وڏو ڀاءُ آ جنهن جي طاقت وڏي هجڻ واري نه انهيءَ سان گڏوگڏ هن جي ٻئي هٿ ۾ هڪ لٺ نه آهي.
سنڌ جو برو حشر هر طرف وفاقي سرڪار ۽ ارسا اداري جي طاقت جي بنيادن تي ٿئي پيو ته ٻئي طرف يعني سنڌي عوام جي استحصال جو ٻيو هٿيار سنڌ جي اندر سنڌ حڪومت جي جاگيرداري روين سبب پيدا پيو ٿئي، جنهن ۾ طاقتور سياسي ڀوتار ايريگيشن جو نظام سنڀاليندڙ ڪامورا جبر ۽ استحصال جي گڏيل اتحاد سان سنڌ حڪومت جي سڌي حمايت سان پوري سنڌ کي بدترين استحصال جي پنجوڙ ۾ ڀيڪوڙي برباد پيا ڪن. سنڌ ۾ نام نهاد بااثر پاڻي جا ماڊول مقرر مقدار کان وڌائي واهن ۽ شاخن ۾ دڪا لڳرائي بي دريغ پاڻي جو نه رڳو استعمال ٿا ڪن پر بي پناھه زيان به ڪن پيا، ڪير به کين چوڻ وارو ناهي. پوري سنڌ ۾ پڇڙي جا آبادگار ته بحران جو شڪار آهن پر انهن سان گڏوگڏ ڪمزور ۽ رياستي طاقت کان پري رهندڙ آبادگار جنهن به جاءِ تي آهن اتي پاڻي استحصال جو شڪار ٿين پيا جيستائين ڀوتار پنهنجون زمينون آباد نٿا ڪن ۽ ڍورا پاڻي جا نٿا ڀرائن تيستائين ڪمزور آبادگار ۽ هاري کي پاڻي جي سپ به نٿا ڏين. اوهان هي ڏسي حيران ٿيندو ته جيڪڏهن ٻن طاقتورن ڀوتارن جي وچ ۾ ڪو ڪمزور آبادگار آهي ته اهو ان وقت تائين پاڻي نٿو استعمال ڪري جيستائين ٻنهي جا ڀڀ نه ڀرجن. مجال آهي آبپاشي جي ڪاموري کي جو اهو مداخلت ڪري شاخن تي ۽ ماڊولن تي ڀوتارن جا هٿياربند جٿا بيٺل نظر ايندا، اهو سبب هو جو سنڌ ۾ هاءِ ڪورٽن ۾ پڇڙي جا آبادگار دانهون ڪندي پهتا جو هي ڪيس اسان سڀني کي ياد آهي جو هاءِ ڪورٽ پاڻي جي ماڊولن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ۽ پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي ڏيڻ جي لاءِ رينجرز کي مقرر ڪيو ۽ هاڻي به لاڙ جي پٽي ۾ پڇڙي جا آبادگار اهي ئي دانهون پيا ڪن ته جيڪو ٿورو گھڻو پاڻي آهي اهو بااثر کنيون ٿا وڃن ۽ اهي هن وقت به اهو مطالبو پيا ڪن ته رينجرز کي مقرر ڪيو. اخباري رپورٽن مطابق راهوڪي شاخ ۾ پاڻي چوري خلاف آبادگار اجلاس سڏائي احتجاج ڪندي رينجرز جي مقرري جو مطالبو ڪيو آهي ڇا سنڌ حڪومت جي ٽيلينٽيڊ وزير اعليٰ کان وزيرن ۽ مشيرن تائين اسيبملي ميمبرن تائين ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ پارٽي جي بگ باس مسٽر آصف علي زرداري تائين کين خبر ناهي ته پاڻي کوٽ جو نقصان رڳو اهو ناهي ٿيندو ته آبادگارن ۽ هارين جو نقصان ٿئي پر غير آباد زمين ٿيڻ سان پوري پيداوار جو هڪ وڏو حصو گھٽ لهڻ ڪرڻ پيداوار جي ڪمي ٿيندي پيسي جي گھٽ آمد سبب شهر جي مارڪيٽن ۾ معاشي بحران پيدا ٿيندو، فصل جي گھٽ آبادي سان چوپايو مال گاھه کان محروم ٿيندو جڏهن سنڌ جي وڏي اڪثريت يعني سنڌي ماڻهن جي اسي سيڪڙو جو دارومدار زراعت سان آهي ته اها بدترين بحرانن جو شڪار ٿيندي پوري سنڌ ۾ معاشي بحران وڌي زوال جي طرف سفر ڪندو هاڻي پاڻ جيڪڏهن هي سوال ڪريون ته ويچاري سنڌ حڪومت ان سڄي ساري ورهاست ۾ چاهڻ جي باوجود ڪجهھ نٿي ڪري سگھي ته پوءِ به آساني سان اهو چئي سگھجي ٿو ته اها مفلوج ۽ معذور حڪومت هوندي سنڌ ۾ انتهائي ايماندار، باصلاحيت محب الوطن ۽ عوام دوست فرد موجود آهن جيڪي پاڻي ماهر هجڻ سان گڏوگڏ بهترين انتظامي صلاحيت جا مالڪ پڻ آهن هي ڀوتارڪي نوازش ڪرڻ جي بجاءِ هاڻي ضرورت ان شي جي آهي ته سنڌ ۾ پاڻي ورڇ جي لاءِ هڪ مستقل بنيادن تي خودمختيار ڪميشن قائم ڪئي وڃي جنهن ۾ اهڙن ماڻهن کي مقرر ڪيو وڃي مثال محترم ادريس راڄپوت انجنيئر اڀايو خشڪ ۽ ڪجھه ٻيا مقرر ڪيا وڃن جيڪي روز جي بنيادن تي پاڻي صورتحال متعلق هر شاخ جي مانيٽرنگ رپورٽ ۽ ڊيٽا ميڊيا ۾ شو ڪن خاص ڪري سوشل ميڊيا تي ڏني وڃي ۽ انهيءَ کان وڌيڪ اها ڪوشش ڪئي وڃي ته پوري ويب سائيٽ هر روز جي بنيادن تي اپ ڊيٽ ٿئي. اها پوري سنڌي ۾ هجي ته جيئن سنڌ جو آبادگار ۽ هاري چيڪ ڪري سگھي ساڳئي انداز سان سوشل ميڊيا ڪمپلين سينٽر جوڙيو وڃي جنهن تي ماڻهو پنهنجي ڪمپلين موڪلي سگھن ۽ ان جو جلد ازالو ٿئي پاڻ سمجھون ٿا ته پاڻي کوٽ جي باوجود جيڪڏهن ناانصافيون ۽ استحصال بند ٿئي ته سنڌ بدترين زرعي بحران، سوڪهڙن ۽ عذابن کان بچي سگھي ٿي پر هي ڀوتار جيڪي انتهائي چالاڪ ۽ اسمجھدار آهن، اهي سڀ ڪجھه ڪرڻ نه ڏيندا انهيءَ جي لاءِ ضروري آهي ته سنڌ جون سياسي ڌريون خاص ڪري ترقي پسند ۽ کاٻي ڌر پوري شعور کي آرگنائيز ڪري پاڻي استحصال خلاف اهڙي تحريڪ هلائن جهڙي ڪالا باغ جي خلاف هلائي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button