ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پ پ ۽ ن ليگ جو داءَ تي لڳل سياسي مستقبل!

هينئر مڙني ڳالهين جي باوجود پراڻو راڳ ته، اڳوڻن حڪمرانن سڀ ڪجهه برباد ڪري ڇڏيو،گهڻو ٻڌڻ ۾ نٿو اچي، هي راڳ پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ حسب ذائقي کان وڌيڪ ڳاتو ويو. ان مان اندازو ٿيو پئي ته اڳوڻا حڪمران سٺي حڪمراني واري آرٽ کان وانجهيل هئا، ان جو اعتراف هنن ڪيترائي ڀيرا ڪيو به. پر هاڻ ٻن سينئر پارٽين، جن تي اڻ ڳڻيا الزام آهن، ان سان گڏ انهن جو تجربو به تمام گهڻو آهي، ٻئي پارٽيون پ پ ۽ ن ليگ الڳ الڳ اقتدار جا مزا به ماڻي چڪيون ۽ انهن جي حصي ۾ ڪاميابيون ۽ ناڪاميون به آيون، پر اتفاق ان ڳالهه تي آهي ته جيتري تباهي عمران خان جي حڪومت ڪئي، ان جو ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ ڪڏهن مثال نٿو ملي. ٻنهي سينيئر سياسي پارٽين جو هي تجربو انڪري نئون يا انوکو آهي ته اهي ڪڏهن به هڪ ڇت هيٺان حڪمران نه رهيون، جنهن وقت ٻنهي پارٽين جو مستقبل داءَ تي لڳايو ويو ته پراڻي جنگي حڪمت عملي تحت گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويون. هاڻ ٻنهي اهم پارٽين جو امتحان هي آهي ته جيڪڏهن ڏيڍ سال جي مختصر عرصي ۾ اهي ناڪام ٿي ويون ته نفعي توڙي نقصان ۾ ٻئي ڌريون برابر جون ڀاڱي ڀائيوار هونديون. انڪري ٻنهي ڌرين کي ڪجهه اهڙو ڪري ڏيکارڻو آهي، جنهن سان عام ماڻهوءَ جي زندگي تي هاڪاري اثر نظر اچن.
هي ڳالهه ته مڃڻ جهڙي آهي ته موجوده حڪومت ايندي ئي پيٽروليم شين جي اگهه ۾ جيڪا عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ واري روش هئي، اها ختم ڪئي يا عارضي طور تي بند ٿي وئي آهي، ان سان ڪافي فائدو پهتو آهي. پر هي حاصلات ايتري گهڻي ناهي، جنهن تي خاموشي اختيار ڪري سگهجي. ان حوالي سان ٻيا به اڻ ڳڻيا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هينئر تائين بصرن، پٽاٽن، اٽي ۽ ٻين کاڌي جي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ته پري جي ڳالهه آهي، پر استحڪام به نظر نٿو اچي، پ پ توڙي ن ليگ جي صفن ۾ اهڙا معاشي ماهر موجود آهن، جيڪي مارڪيٽ مڪينزم کي سمجهن ٿا، انهن کي طلب ۽ رسد کي ڏسڻو پوندو. ان ڳالهه جي کوج لڳائڻي پوندي ته زرعي فصل ڀلا لهڻ جي باوجود عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ڇو نه اچي رهي آهي؟ ان سان گڏ ڪجهه زرعي شيون هڪ صوبي ۾ سستيون ته ٻين ۾ مهانگيون آهن، ان حوالي سان اٽي ۽ ڪڻڪ جو مثال ڏئي سگهجي ٿو. سنڌ ۽ پنجاب ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، ساڳي طرح سان اهي شيون، جيڪي اسان ٻاهران امپورٽ نٿا ڪريون ۽ اهي ججهي مقدار ۾ موجود آهن، اهي به مهانگيون آهن، انهن ۾ کنڊ جو مثال ڏئي سگهجي ٿو، ملڪ ۾ کنڊ جا ذخيرا سرپلس ۾ موجود آهن ۽ جيڪي 60 سيڪڙو کنڊ پيدا ڪندڙ آهن، انهن جو واسطو به موجوده حڪومت سان آهي يا وري ان جا اتحادي آهن. گهٽ ۾ گهٽ انهن کي عوام تي رحم ڪرڻ گهرجي. ان سان گڏ حڪومتي سطح تي جائزو وٺڻ گهرجي ته ديسي شين جي اگهن ۾ استحڪام نه اچڻ جو سبب ذخيرا اندوزي آهي يا ڪو ٻيو. جيستائين عام ماڻهو کي ڪو ريليف نٿو ملي، ايستائين حڪومت جي تبديلي جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو. هي هر ماڻهو سوچي ۽ سمجهي ٿو ته آخرڪار “ادو مئو، ادي ڄائي، اسان اوتري جا اوترا” ڇو آهيون؟ ان حوالي سان سنڌ حڪومت کي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي. ڇاڪاڻ ته پرائس ڪنٽرولنگ صوبائي معاملو آهي ۽ ذخيرا اندوزي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ شهري سطح تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
سٺي حڪمراني لاءِ ٻيون ڳالهيون به اهم آهن، هڪ طرف عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته ٻئي پاسي وري پاليسين ۾ تبديلي ڪرڻ به ضروري آهن. ان حوالي سان ڏيهي توڙي پرڏيهي فرنٽ تي تمام گهڻا مسئلا آهن، پارلياماني معاملا به ٺيڪ ڪرڻا آهن ۽ سڌارن جو پيڪيج به ضروري آهي، جيڪڏهن عمران خان کي اڪيلو ڇڏي ڏين ۽ پنهنجا ڪم ڪن ته ان سان ڪافي توانائيون بچي وينديون. حڪومت ۾ شامل ن ليگ، جيڪا وڌيڪ فائدي ۾ آهي، ان جو فوڪس عوام کان وڌيڪ عمران خان آهي، جيڪا بهتر پاليسي ناهي. سمورين ڌرين کي جمهوري حق ته هڪجهڙا مليل آهن، پر جيڪڏهن ڪو رياست کي چيلينج ڪري ٿو ته ان کي پاسيرو ڪرڻ ڪنهن به حڪومت لاءِ مشڪل ڪم نه هوندو. هينئر شيخ رشيد جهڙن ماڻهن جي بيانن جي جواب ۾ قدم کڻڻ جي به ضرورت ناهي. ڪجهه اهڙا معاملا آهن جن کي ڏسڻ جي ضرورت آهي. جيئن فرح گوگي جو مسئلو آهي، ان جي ذريعي جنهن ڪرپشن جو ذڪر ٿي رهيو آهي، ان جي کوج لڳائڻ لاءِ ادارا موجود آهن. هي انهن جو ڪم آهي ته اهي معاملن کي شفاف انداز ۾ هلائين، حڪومت جو ڪم ڊليوري آهي. ان کي پاليسي گائيڊ لائينز ڏيڻيون آهن.
هينئر ڪجهه معاملا اهڙا آهن، جن کي ٺيڪ ڪرڻ سان سمورو سياسي ۽ معاشي نظام بهتر ٿي سگهي ٿو، پر ان لاءِ حڪومت وٽ Will هجڻ ضروري آهي. هڪ طرف پارليامينٽ جو اجلاس گهرائي انهن قانونن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، جن جو اڳوڻن حڪمرانن ٻيڙو ٻوڙيو آهي. خاص ڪري وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ پاڻي، ناڻي ۽ قدرتي وسيلن جا معاملا آهن. هينئر 18 هين ترميم ٽو، ميثاق جمهوريت کي نئين شڪل ڏيڻي آهي. نيب سميت مختلف ادارن کي ڏسڻو آهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن جهڙا ادار موجود آهن، ته انهن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي ته جيئن اهي موثر انداز ۾ ڪم ڪري سگهن. اهڙي صورت ۾ شايد ڪنهن اهڙي اداري جي ضرورت نه هوندي، جيڪو فوجي آمريت جي نشاني هجي. اسان کي انصاف جي فراهمي لاءِ وڌيڪ عدالتن، ججن، قانوني ماهرن ۽ عملي جي به ضرورت آهي، ته جيئن انصاف جو نظام اثرائتو ٿي سگهي ۽ انصاف جي فراهمي ترت يقيني ٿئي. ان حوالي سان عدليا ۽ انتظاميا توڙي جو ٻه الڳ الڳ سبجيڪٽس آهن، ان باوجود هي پارليامينٽ جو ڪم آهي ته عدليا ۾ ججز جي مقرري لاءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي پارلياماني گڏيل ڪميٽي هجڻ گهرجي. هي ڪم جيڪو پ پ جي اڳوڻي دور ۾ ان وقت جي چيف جسٽس جي ڌمڪين سبب اڌ ۾ ڇڏيو ويو هو، ان کي مڪمل ڪرڻ گهرجي، ته جيئن عدالتن ۾ جيڪي لکين ڪيس موجود آهن، انهن کي اڪلائي سگهجي.
معاشي فرنٽ تي به سڌارن جي ضرورت آهي، ڪارخانيدارن ۽ پورهيتن جي وچ ۾ نئين مڪينزم قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن معاشري جي ڪمزور طبقي کي معاشي طور تي پنهنجن پيرن تي بيهاري سگهجي. ان حوالي سان پورهيتن جي ڀلائي لاءِ جيڪي ادارا موجود آهن، انهن کي فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ انهن ۾ پورهيتن جي نمائندگي به ضروري آهي. حڪومت جو ڪم ريفري جو ڪردار ادا ڪرڻ آهي. حڪومتي نمائندن کي ڪمزور جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. ان سان گڏ ڏيهي توڙي پرڏيهي واپار، وياج جي شرح ۽ ٻين شعبن تي به نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيئن ڪاروباري برادري به موجوده تبديلي مان فائدو حاصل ڪري سگهي. ملڪ ۾ اهڙي ماحول جي ضرورت آهي، جنهن ۾ وڌ کان وڌ موڙي سيڙائي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ گهرجن.
پرڏيهي فرنٽ تي سڀ کان وڏو معاملو ملڪ جي Isolation آهي، هي چئن سالن جي اڪيلائپ آهي، جنهن کي ختم ڪري نفسياتي طور تي سهي تاثر ڏئي سگهجي ٿو ته اسان به عالمي برادري جو حصو آهيون. جيتري موثر پرڏيهي پاليسي هوندي، اوتري ئي ملڪ جي مختلف ادارن ۾ say هوندي. ان حوالي سان سڀني جون نظرون نوجوان پرڏيهي وزير ۽ ان جي سينئر نائب پرڏيهي وزير ڏانهن آهن. جيڪڏهن هن فرنٽ تي ڪا وڏي ڪاميابي ملي ٿي ته مستقبل ۾ موجوده سياسي ماڊل کي ورجائي سگهجي ٿو.
هينئر پهريان ته ڏيهي توڙي پرڏيهي پاليسين جي حوالي سان وڏي ڊائلاگ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ حڪومت جي حامين توڙي مخالفن کي گڏائي ويهارجي، ان سان گڏ اڳوڻن ۽ موجوده سفارتڪارن جون خدمتون حاصل ڪرڻ گهرجن، ان سان گڏ ماهرن کي به حڪومتي آربٽ ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. جيئن collective wisdom کي ڪتب آڻي، ملڪ جو عالمي سطح تي احترام ۽ عزت بحال ڪري سگهجي. اهي سموريون قوتون، جن جي سرگرمين سبب دنيا اسان کان پرڀري ڀڄندي هئي، انهن کي به هڪ ڀيرو ٻيهرو حدن ۾ رکڻ جي ضرورت آهي، جن ۾ انتهاپسند تنظيمون ۽ انهن جو نيٽ ورڪ آهي. پي ٽي آءِ جي حڪومت کان اڳ ۾ انهن قوتن کي نيوٽرلائيزڊ ڪيو ويو هو، پر هاڻ اهي ٻيهر جمع ٿي ويون آهن، جيڪي سيڪورٽي چيلينج بڻجي سگهن ٿيون.
ملڪي سطح تي سڀ کان اهم معاملو بلوچستان جو آهي، جتان جا نمائندا حڪومت جو حصو آهن، انهن جي تجويزن جي روشني ۾ پنڊي جي پاليسين کي ڪجهه وقت لاءِ معطل ڪرڻ يا پنڊي کي پنهنجي ليکي معاملو سياسي قيادت حوالي ڪرڻ گهرجي ته جيئن ان کي نئين سر حل ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي سگهجي. جيڪڏهن هي مسئلو حل ٿئي ٿو يا وري ڪا هاڪاري تبديلي اچي ٿي ته ان سان انهن قوتن ڏانهن واضح پيغام ويندو، جيڪي پنهنجي ليکي هٿياربند ويڙهه ۾ يقين رکن ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button