ڪراچي شھر جو نالو بھ سنڌين لاءِ ھڪ پيراڊاڪس بڻيل آھي ھڪ طرف تمام وڏي شھر ھجڻ جو دھمان ۽ خوف ھيانءُ کائي ٿو وڃي تھ ٻئي پاسي سنڌ جي دل ھجڻ ناتي فخر سان ڳاٽ اونچو ٿيو وڃي تھ اسان وٽ دنيا جو 12 ھون نمبر وڏو شھر آھي جيڪو ميٽا Meta نھ پر بيٽا Beta Global City طور ڳڻيو وڃي ٿو. ڪراچي جو پيراڊاڪس سادن سودن، پيڙھيل ۽ دٻايل سنڌ واسين سادن سنڌين لاءِ ھڪ اڻ تڻ ۽ ڳڻتي وارو شھر بھ آھي جنھن جي گوناگونيت ڳوٺاڻن سنڌين کي شايد ڀانءِ نٿي پوي يا ان شھر کي انھن سادن سودن سنڌين کي حڪمراننِ ڳوڙھو ۽ ڪورک ڌنڌي جيان بڻائي ڇڏيو آھي. مٿان وري ورھاڱي کانپوءِ مھمان ٿي آيل مھاجرن يا اردو ڀائرن اھڙو ڊسڪورس تخليق ڪيو آھي جو لڳي ٿو تھ واقعي ڪراچي ڪو شھر ھوئي ڪونھ رڳو انھن اچي اوڏڪين ڀتين تي سرون ۽ سيمنٽ لڳائي شھر ٺاھيو آھي نھ تھ سنڌ واسي ان کان پھرين رڳو مٽي پئي کاڌي. اھو ڊسڪورس ايترو تھ گھڻو ۽ پاورفل رھيو آھي جو سموري سنڌ مان چونڊجي آيل سنڌي وڏيرا بھ ڪو ڪائونٽر ڊسڪورس تخليق ڪرڻ بدران ڄڻ تھ انھي ڊسڪورس ۾ ھا ۾ ھا ملائي چپ پئي رھيا آھن. اھو تاريخي جرم ناھي؟
ڀلي اڄوڪي تاريخ جا لکندڙ يا سنڌ سان فريب ڪري سنڌ جو سودو ڪندڙ حڪمران طبقو اھو چئي ان تاريخي جرم مان مڪتي حاصل ڪن تھ شاھه لطيف جو سر گھاتو يا مورڙو ميربحر ھڪ فرضي داستان آھي جنھن جو حقيقي تاريخ سان ڪو واسطو ناھي، ڀلي شاھه سائين جي سُر سامونڊي کان بھ انڪار ڪن ۽ چون تھ اھو رڳو شاعراڻو تخيل آھي، ڀلي شاھه جي شعر
سيوا ڪر سمنڊ جي، جت جر وھي ٿو جال،
سوين وھن سير ۾ ماڻڪ موتي لعل،
جي ماسو ملئي مال، تھ پوڄارا پُر ٿئي.
يا هي شعر،
کاري کيڙائو، ٿي مٺي موٽيا،
سودو ڪن نھ سون جو، وڏا وھائو،
موتي جي مھراڻ جا، تن جا طامائو،
سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آئيا.
ڀلي اڄوڪو مورخ اھو سمجھي تھ اھو سمورو خيالي ھو، کاري کي کيڙڻ وارا سنڌي نھ ھئا، نٻل، سست، بيڪار، ڪاھل، تھذيبن کان اڻ واقف، وڻج واپار کان پري، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان غير واقف ھئا يا سسئي جا ڪيچ مڪران ڏانھن پنڌ بھ فرضي آھن جيڪا ڪراچي يا ڪلاچي جي پاسي مان ئي نھ لنگھي ھئي، شاھه جا ماڳ يا مارئي جا پٽ بھ فرضي آھن يا شاھه جا تڪيا بھ مفروضھ آھن ڀلي اڄوڪا مڪار حڪمران ڊاڪٽر رُخمان پالاري جي تحقيق سسئي جي پيچرن کي بھ فرضي ادبي ڊسڪورس قرار ڏين پر جديد دور جي انٽرنيٽ يا گوگل سرچز ۾ مختلف سورسز ۾ ٻڌايل آھي تھ ڪراچي شھر ارڙھين صدي جي ابتدا يعني 1720 کان باقاعده ھڪ شھر طور آباد آھي. جڏھن برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپني آئي تھ انھن جون نظرون ٻن بندرن تي ھيون ڪراچي پورٽ ۽ بن قاسم پورٽ تي ھيون. جڏھن ورھاڱو ٿيو تڏھن بھ ڪراچي جي آبادي سنڌ جي باقي تقريبن سمورن ضلعن کان آبادي وڏي ھئي. جڏھن ورھاڱو ٿيو تھ ان وقت لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي سنڌي ھندن جي ھئي جيڪي مذھبي ملڪ ٺھڻ جي نالي تي لڏ پلاڻ ڪرائي ھندن کي لڏايو ويو ۽ پڙھيل لکيل شاھوڪار سنڌين کي تڙائي ايڏو وڏو خال پيدا ڪيو ويو جيڪو ڪڏھن ڀرجڻو نھ ھو نھ آھي. سنڌي ھندو جيڪو لڳ ڀڳ ڪراچي جي اڌ آبادي جو حصو ھئا پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اھو تناسب ڏيڍ سيڪڙو مس بيٺو يعني ھندو جيڪي لڳ ڀڳ پنجاھه سيڪڙو ھئا اھي 2 سيڪڙو بھ نھ رھيا ۽ نتيجي طور مذھبي آڙ ۽ ھڪڙي قانون اويڪيو ٽرسٽ جي نالي تي اردو ڳالھائيندڙن حوالي شھر ٿي ويو جن وٽ بنهھ ڪنھن محنت ۽ ڪمائي جي ارتقا جي فلسفي جي وٽن محل محلاتون، مارڪيٽون، بازارون، گھر، گھٽيون، ڊرينيج، آب نڪاسي، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽين سميت اھي سموريون سھوليتون آيون جيڪي ڪنھن بھ دنيا جي انتھائي سڌريل شھرن ۽ تھذيبن جي ماڻھن وٽ ٿي ٿي سگھيون سي آيون ۽ اچڻ ساعت ھڪڙو ٺھيل ٺڪيل وڻج واپار، بندرن ۽ ڪيٽين وارو شھر ملي ويو. مٿان سون تي سھاڳو تھ سندن سڌريل يا اڻ سڌريل عملن ۽ افعالن جو نھ ڪو پڇڻ وارو نھ ڪو آکڻ وارو، پنھنجون موج مستيون عروج تي کڻي اچي وارد ٿيا ۽ اچي ايڪڙ ٻيڪڙ بچيل سنڌي، پارسي ۽ ٻين ٻولين ڳالھائيندڙن کي سوگھو ۽ تنگ ڪرڻ لڳا تھ “ملڪ ھم ني بنايا قربانيان ھم ني دين”، وفاقي حڪومت کان ويندي صوبائي حڪومتن ۾ سندن ڪرمنل ريڪارڊ رکندڙ ماڻھن کي حصو پتي ڏئي ھن رياست کين پالي مواڙ ڪري ڇڏيو، جنرل ضيا پنھنجن ڪرم نوازين سان ايم ڪيو ايم جھڙي تنظيم ٺھرائي لساني تفرقو پيدا ڪري ايندڙ اڌ صدي تائين خون ريزي جو اھڙو ٻج پوکيو جو اھي سلا اڄ زھر قاتل ٿي اٻوجھه سنڌين کي ريڊ انڊين جيان بڻائي پيا شھرن مان نيڪالي ڏين.
ڪراچي صرف سنڌ نھ پوري ملڪ جو پاليندڙ شھر آھي شھر جي جي ڊي پي GDP تقريب 164 بلين ڊالر ۾ آھي، سموري ملڪ جي گھڻ قومي ڪمپنين مان 95 سيڪڙو ڪمپنيون ڪراچي سان لاڳاپيل آھن. ملڪ جو 30 سيڪڙو واپار ۽ ڪمائي ڪراچي مان آھي ايئن ڪراچي ملڪ جي معاشي ڪرنگھي جي ھڏي مثل آھي. دنيا ۾ شايد ڪو اھڙو شھر ھجي جنھن ۾ ايتريون گھڻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ رھندا ھجن، شايد ڪو اھڙو شھر ھجي جتي وفاقي يا ٻاھرين مداخلت ايتري ھجي، شايد ملڪ جي ڪنھن بھ رياست يا صوبي جو ڪو اھڙو راڄڌاني ھجي جتي ان صوبي جا رھواسي ايڏا لاچار بيوس ھجن. جتي پنھنجي صوبي جا رھواسي نھ وڃي سگھندا ھجن جتي پنھنجي ٻولي ڳالھائيندڙ کي يونيورسٽين ۾ داخلا نھ ملندي ھجي، دنيا جو ڪو اھڙو بندرگاھه ھجي جتي ڀرتين ۾ ٻين سڀني صوبن جي ماڻھن جو ڊوميسائل تھ قابل قبول ھجي پر انھي صوبي جا وارث ڊوميسائيل رکندڙ نااھل ھجن. جنھن جي نتيجي ۾ آبادي توڙي لسانياتي سڃاڻپ ايتري مسخ ٿيل آھي جو ڪراچي امداد حسيني چواڻي “منھنجو شھر نھ ڄڻ دشمن جو شھر ھجي” جو ڏيک ڏئي رھيو آھي.
تازو 23 فيبروري 2022 تي ھڪڙي اخبار ۾ خبر شايع ٿي آھي تھ سموري سنڌ مان 5000 پوليس ڪانسٽيبل ڪراچي لاءِ ڀرتي ڪيا ويا جنھن جي لاءِ شرط ھو تھ گھٽ ۾ گھٽ 5 سال ڪراچي ۾ رھندا، ياد رکو تھ اھو 5 سال اتي رھڻ ضروري ھو نھ ڪي پنج سالن کانپوءِ نيڪالي ضروري ھو. جيڪڏھن سنڌ جو رھواسي پنھنجي مرضي سان پنھنجي راڄ ڌاني ۾ رھڻ چاھي ٿو تھ ان کي فل پروٽوڪول ڏيڻ ضروري آھي نھ ڪي ان لاءِ حالتون ايتريون تنگ ڪيون وڃن جو اھو مجبور ٿي پنھنجي اباڻي ضلعي ۾ ھليو وڃي. جيڪي دوست اھو معاھدو ڪوٽ ڪن ٿا انھن کي انھن نوجوانن جي رھڻ دوران حالتن ۽ صورتحال جو جائزو بھ وٺڻ گھرجي. انھن ڪانسٽيبلن کي اھو پيغام ڏنو ويو تھ جيڪڏھن توھان پنھنجي ضلعي ۾ وڃڻ نٿا چاھيو تھ توھان کي ھتي پروموشن يا سينارٽي نھ ملندي، جن دوستن کي اھو ڪنفرم ڪرڻو آھي تھ اھي 23 فيبروري واري اخباري رپورٽ ضرور پڙھن. جڏھن تھ ھي راوي ذاتي طرح انھن پوليس اھلڪارن سان مسلسل رابطي ۾ رھي ڪري اھو ڄاتو آھي تھ اھا ھڪ تمام گھري نظرياتي رٿا طور ٿي رھي آھي جڏھن تھ اسان جا نوجوان رڳو مٿاڇري لکپڙهھ يا معاھدي کي ڏسن ٿا تھ اھو ظاھري طور ايئن ٿي رھيو آھي پر ان جي پٺيان ڪيتريون ڪنسپائريسي ٿيوريز ڪم ڪن ٿيون ۽ ڪھڙا حالات تخليق ڪيا وڃن ٿا اھي ھتي ڪوٽ ڪرڻ ضروري ناھن سڀ ڪو ڄاڻي ٿو. ڪجھه وقت پھرين پورٽ قاسم ۾ خالي آسامين لاءِ اشتھار وائرل ٿيو ھو جنھن ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ڊوميسائل وارا اھل ڄاڻايا ويا ھئا پر سنڌ جو ڊوميسائل رکندڙ نا اھل ھو، اھو ڪھڙو معاھدو ھو؟ اڄ ڪراچي جي ڊيموگرافي ٻڌائي ٿي تمام وڏي آبادي افغاني پناھگيرن جي آھي انھن سان گڏ برميز، روھينگيا، ڪي پي ڪي ۽ ٻين ھنڌن جا ماڻھو نھ صرف ڪچيون آباديون ٺاھيون ويٺا آھن پر ڪرائيمز ۾ اڳتي وڌيل آھن جن ڪچين آبادين کي پڪو ڪرڻ جو بھ رٿيل آھي. پ پ پ ايم ڪيو ايم ٺاھه تحت ڪراچي جون واڳون وري بھ انھن نسل پرستن جي حوالي ٿي رھيون آهن جن اڌ صدي کان وڌيڪ ڪراچي جو رت پئي وھايو آھي، ملڪ جي پھرين وزيراعظم کان ويندي 12 سال گورنر رھندڙ عشرت العباد تائين ڪراچي جي حڪمراني انھن حوالي ڪري عملي طور ڄڻ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڪراچي ديار غير بڻايو ويو آھي، ڪراچي جي مالڪي ليکڪ مختيار ملاح ۽ عوامي راڄ پارٽي لاءِ نھ پر سنڌ لاءِ سوچيندڙ ھر سنڌي جو خواب آھي جيڪو پنھنجي ساڀيان لاءِ تڙپي رھيو آھي، رت جا نير پيو وھائي. جيڪڏھن اڃا بھ سنڌي ۽ سنڌ واسي سجاڳ نھ ٿيا تھ ظاھر آھي ھن وقت تائين ملڪ جا سمورا آمر ايوب خان کان ويندي ضيا الحق تائين، مشرف کان عمران خان تائين سمورن جون ھمدرديون، واسطا ۽ پ پ پ جا معاھدا بھ صرف ان بنياد تي آھن تھ ڪيئن بھ ڪري اھڙو ماحول تيار ڪجي جو سنڌي ڳالھائيندڙن لاءِ ڪراچي ۾ ڪا نرمي يا آسائش نھ ھجڻ گھرجي تھ جيئن ھيڏي وڏي شھر ۽ سڌريل سرزمين تي منگولي، ترخاني ۽ ارغوني چنبا کوڙي ڌرتي کي ريزه ريزه ڪري پنھنجون منشائون پوريون ڪن اڄ جو پ پ پ حڪمران بھ تجريدي طرح يا علامتي طرح ڪراچي کي سنڌ جو راڄڌاني بڻايو ويٺو آھي پر حقيقي طور اھي پنھنجا ھٿ ۽ چنبا ڪپايون ويٺا آھن. ھاڻي صرف عوامي سجاڳي ۽ عوامي پريشر ئي حالتن تي ڪنٽرول آڻي سگھي ٿو ٻي صورت ۾ صورتحال اسان سڀني جي اڳيان آھي.