جرارڊ ڊي نروال:
19هين صدي ۾ جيڪڏهن انگريزن وٽ رچرڊ برٽن جي لکڻين جي وڏي اهميت هئي، اهڙي ئي نموني وري فرانس ۾ جرارڊ ڊي نروال جي جادوئي حقيقت نگاري ۽ سررئيلزم سان ڀريل لکڻين جي اهميت هئي، پر برٽن جيان جرارڊ جاسوس نه هو. هو هڪ سياح هو جنهن 19هين صدي جي وچ واري ڏهاڪي تائين دنيا جا اهم ملڪ گهميا ۽ اتان جي تهذيب، ثقافت، مذهب ۽ لوڪ داستانن کي قلم بند ڪيو. نورمن گلاس هن جي حوالي سان لکي ٿو ته: نروال قائره شهر جا در پار ڪري مڪي کان موٽندڙ حاجين جي قافلي کي ڏٺو، اهي لڳ ڀڳ 30000 حاجي هئا، جن جي آجيان لا پورو شهر گڏ ٿيو هو ۽ هنن لا دهل ۽ شرنايون وڃايون ويون هيون، کين توبن جي سلامي ڏني وئي هئي. انهي حاجين جي قافلي جي خاص ڳالهه اها هئي ته اهي پاڻ سان گڏ نبي پاڪ (صه) سان منسوب ٿيل قميص به کڻي آيا هئا، جنهن کي مهامل سڏيو ٿي ويو. وقفي وقفي سان سموري شهر کي مهامل جي زيارت ڪرائي وئي، ان کي ڏسڻ لا شهري ڇتا ٿي پيا.
هو وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته جرارڊ جي لکڻين مان صاف ظاهر آهي ته ڇو اڳيان هلي سمبلزم، سررئيلزم ۽ ميجڪ ريئلزم جهڙين تحريڪن لا نراوال اهم حوالو ٿي پيو. هن جي لکڻين جو پنهنجو هڪ سحر آهي ۽ هو افسانوي ۽ غيرمنطقي ڳالهين کي به اهڙي نموني بيان ڪري ٿو جو پڙهندڙ انهن تي ويساهه ڪرڻ لڳي ٿو.
جڏهن ته نروال جي لکڻين جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جڳ مشهور نقاد پروفيسر ايڊورڊ سيعد پنهنجي ڪتاب “اورينٽلزم” جي شروعات جرارڊ جي ذڪر سان ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته: 1975_1976 جي گهرو ويڙهه دوران هڪ فرانسيسي صحافي بيروت ڏانهن ويو ۽ برباد ٿيل شهر کي ڏسي افسوس ڪندي لکيائين هي Chateaubriand ۽ Nerval جي اورينٽ هئي جيڪا تباهه ٿي رهي هئي.
هن خوبصورت سررئيلسٽ ۽ جادوئي حقيقت نگار شاعر ۽ نثر نويس جو جنم 22 مئي 1808ع ۾ پيرس ۾ ٿيو. هن جو پيءُ لبريني فوجي ڊاڪٽر هو ۽ هو آسٽريا ۽ پولينڊ وارن محاذن تي فرانسيسي فوج سان گڏ هو. جرارڊ مورٽي فائونٽين ۾ پنهنجي مامي اينتوني بوشر وٽ رهڻ لڳو، جنهن وٽ هڪ شاندار لائبريري هئي ۽ ان ۾ ڪيترائي شاهڪار ڪتاب رکيل هئا. اتي هو 1814ع تائين رهيو، جڏهن هن جو پيءُ جنگ تان موٽيو ته جرارڊ پيءُ سان پيرس ۾ اچي رهڻ لڳو. 1820ع ۾ هن ليسي ڪمارلينگ مان ڪلاسڪ ۾ ڊگري ورتي ۽ ادب سان واسطو پيس. 1826ع ۾ هن جي پهرين لکڻي ڇپي، جڏهن ته 1828ع ۾ ويهن سالن جي ڄمار ۾ هن هڪ ليکڪ ۽ ترجمي نگار طور تڏهن مشهوري ماڻي، جڏهن هن جرمنيءَ جي مشهور ليکڪ گوئٽي جو جڳ مشهور ناول “فائوسٽ” جو فرانسيسي ۾ ترجمو ڪيو، هن ان جو اهڙو ته خوبصورت ترجمو ڪيو جو گوئٽي پاڻ به ان جي ساراهه ڪئي. هاڻي هن جا پنهنجا ڊراما پڻ اسٽيج ٿيڻ لڳا ۽ ائين هو 1833ع ۾ هڪ ڳائڻي جيني ڪولن سان مليو جنهن سان کيس عشق ٿي ويو. ان سان گڏ هو هڪ ادبي تنظيم جو ميمبر ٿيو جنهن ۾ پطرس بورل ۽ وڪٽر هوگو جهڙا ليکڪ به ميمبر هئا. سال 1834ع ۾ نروال جي زندگي ۾ هڪ اهم موڙ تڏهن آيو، جڏهن سندس ناني گذاري وئي ۽ خانداني ملڪيت مان کيس 30000 فرينڪ مليا، انهن پيسن اچڻ سان هو ڏکڻ فرانس، اٽلي، فلورنيس، روم ۽ نيپلز جي سير تي نڪري پيو، هو ٽن سالن تائين سير ڪندو رهيو جنهن جي نتيجي ۾ هن جا پيسا کپي ويا ۽ معاشي تنگي ڪارڻ هن لا فگيرا ۽ لا چارٽي ڊي اخبارن لا لکڻ شروع ڪيو، اهڙي ريت هو وري پنهنجي هڪ دوست سان بليجم جي سفر تي نڪري پيو ۽ ويتر معاشي تنگي جو شڪار ٿيڻ لڳو ۽ ذهني طور بيمار به ٿيڻ لڳو.
جرارڊ پنهنجي سامونڊي سفرن جي حوالي سان هڪ هنڌ لکي ٿو ته: “ڀلي ڪهڙيون ئي حالتون ڇو نه هجن، پر سامونڊي سفر هڪ خاص وقت کانپو هڪجهڙائي ۾ وڪوڙجيو وڃي، ماڻهو هڪ عجيب قسم جي بيزاري ۽ اڻ يقيني ۾ وڪوڙجيو وڃي، هر هر پنهنجي وطن جي ياد اچڻ لڳندي آهي ۽ اهو به لڳندو آهي ته هي سفر پورو ڪري نه سگهبو.”
ان وچ ۾ هن جا ڪيترائي ڊراما جهڙوڪر “ليو بروڪارٽ” ۽ “الڪمستيا” اسٽيج ٿيندا رهيا ۽ 1840ع ۾ هن پيرس موٽي اچي فائوسٽ جي ترجمي جي ٻين ڇاپي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، پر ان کي اڌ ۾ ڇڏي هو برسلز ڏانهن نڪري ويو ۽ اتي کيس پهرين نفسياتي مونجهاري کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ان سال جي فيبروريءَ کان وٺي نومبر تائين هو اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو، پر هي نفسياتي مونجهارن جو اهو سلسلو هو جنهن کي نروال سندس موت تائين منهن ڏيندو رهيو. هو جڏهن ڪجهه هوش ۾ آيو ته وري 1843ع ۾ هو ايشيا جي سير لا نڪتو، سندس ان سفر جي حوالي سان گراس لکي ٿو ته:
“On 1 January 1843, when Gerard, leaving for the East, boarded the Mentor at Marseille, the literary and artistic atmosphere of Paris was impregnated by Orientalism.”
هو وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته جرارڊ 1781ع ۾ هڪ انگريز وليم بيڪفورڊ جي لکيل فرانسيسي ۾ ڪتاب Orientalism Vathek جيڪو ان وقت تائين ان موضوع تي هڪ شاهڪار ڪتاب هو، کان ڏاڍو متاثر هو ۽ ان کي پڙهڻ کانپو سندس دل ۾ اهڙي خوبصورت ۽ سحر ۾ وجهندڙ دنيا کي ڏسڻ جو شوق ٿيو.
1842ع ۾ پنهنجي پيءُ کي لکيل ٻن خطن ۾ جرارڊ ڄاڻيو ته هن اونهارو بيزاري ۾ گذاريو ۽ ان عرصي ۾ ايترو لکي به نه سگهيو جنهن مان کيس هر وقت اهو ڀئو رهڻ لڳو ته هن جون لکڻيون پڙهندڙن جي ذهنن تي ڪو خاص اثر نه ڇڏي سگهنديون. انهن خطن ۾ هن لکيو ته هي سامونڊي سفر سندس ذهن مان ماضي جي هر خراب ياد کي تڙي ڪڍندو ۽ پنهنجي دوستن لا هڪ سٺو ناول لکڻ ۾ مدد ڪندو. هن سفر دوران هن مصر، سڪندريه، لبنان، شام، سائپرس، مالٽا، بيروت جهڙا تاريخي ماڳ مڪان گهميا ۽ اتان جي لوڪ داستان کي گڏ ڪري فرانسيسي ٻولي ۾ “جرني ٽو دي اورينٽ” نالي ڪتاب لکيائين، جنهن کي ان دور جي ادبي حلقن خوب ساراهيو ۽ جرارڊ جي سڃاڻپ جادوئي حقيقت نگار ۽ سررئيلسٽ ليکڪ طور ٿي. جنهن جا عڪس هن جي ٻين لکڻين جهڙوڪر “شيڊو شيلوز”، “ميمريز آف دي ولويس” ۽ “انريل سٽيز” ۾ پڻ ملن ٿا.
پر ان سفر جي ڪري به هن جي ذهني حالت نه سڌري ۽ معاشي تنگيءَ جي ڪري ويتر ڊپريشن جو شڪار ٿيڻ لڳو. نيٺ پنهنجي اهڙي ذهني حالت کان تنگ ٿي، هن 25 جنوري 1855ع ۾ 47 سالن جي ڄمار ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي، هن جو ڦاهو کاڌل لاش پيرس جي هڪ علائقي مان مليو.
جادوئي حقيقت نگاري:
ميجڪ رئيلزم جي حوالي سان Anne C. Hegerfeldt ڪتاب Lies that tell the truth: Magic Realism Seen through contemporary Fiction from Britain ۾ ڄاڻايو آهي ته: سال 2002ع نيوز ويڪ جي هڪ شماري ۾ وليم ڪينڊي هڪ آمريڪي ليکڪ جيڪو پاڻ به جادوئي حقيقت نگاريءَ جو ليکڪ آهي، پاران سوال اٿاريو ويو ته ڇا جادوئي حقيقت نگاري مري چڪي آهي؟ ترت سندس ان سوال تي جوابي آرٽيڪل اچڻ لڳا جنهن ۾ هي جملو پڙهڻ لا مليو:
“Remedios the beauty is alive and well…”
ان ڪتاب ۾ وڌيڪ ڄاڻايل آهي ته گذريل چاليهه سالن کان جادوئي حقيقت نگاريءَ تي سخت تنقيد ٿيندي رهي آهي، ڪڏهن ان کي فراري ادب سڏيو ويو آهي ته ڪڏهن وري ان کي ادب ۾ پيسي ڪمائڻ جو سستو طريقو به چيو ويو آهي، ڪي نقاد ته اهڙا به آهن جن ان کي لاطيني آمريڪا جي ليکڪن لا مخصوص ڪري ڇڏيو آهي. جادوئي حقيقت نگاريءَ جو تصور ڪن نقادن لا وري ايترو مبهم رهيو آهي جو انهن ان کي ادبي ڌارا طور قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
جيتوڻيڪ شروعات ۾ جادوئي حقيقت نگاريءَ کي لاطيني آمريڪي ادب لا مخصوص ڪيو ويو پر پو ان کي بيٺڪيت پڄاڻان ليکڪن لا هڪ اهڙي ذريعي طور ڏٺو ويو جن سان انهن اولهه جي نقطه نظر کي ٽڪر ڏنو. هاڻي ته جادوئي حقيقت نگاريءَ کي پوري دنيا ۾ هڪ اهم ادبي ڌارا طور قبوليو پيو وڃي.
ان لا هن ڪتاب ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته:
“The mode comes from the political, economic and cultural margins to revitalize metropolitan literatures.”
پر جادوئي حقيقت نگاري رڳو بيٺڪيت پڄاڻان وارن ليکڪن تائين محدود ناهي، يورپ ۾ ڪافڪا جهڙن ليکڪن وٽان جادوئي حقيقت نگاريءَ جون پاڙون ملن ٿيون.
اهڙي ريت Brenda Cooper ڪتاب”Magical Realism in West African Fiction: Seeing with a third eye” ۾ لکيو آهي ته:
“Magical realism strives, with greater or lesser success, to capture the paradox of the unity of opposites; it contests polarities such as history versus magic, the pre-colonial past versus the postindustrial present and life versus death. Capturing such boundaries between spaces is to exist in third space.”
www.masterclasses.com جي هڪ مضمون موجب جادوئي حقيقت نگاري واري لکڻي جنهن ناول، ڪهاڻي يا ٻي ڪا صنف اچيو وڃن، ان جي سيٽنگ ته حقيقي دنيا ۾ رکيل هوندي آهي پر ان ۾ جادو ۽ فينٽيسي وارن جزن کي نمايان رکيو ويندو آهي. ان ۾ ڪردار هڪ پل ۾ حقيقي دنيا ۾ ڏيکاريل هوندو ته ٻئي پل اهو ڪردار وري ڪنهن افسانوي دنيا ۾ هليو ويندو آهي.
جادوئي حقيقت نگاري جا ڪجهه اهم جز هيٺ ڏجن ٿا:
1- حقيقي دنيا ۾ سيٽنگ: ناول يا ڪهاڻيءَ جي سيٽنگ حقيقي دنيا ۾ رکي ويندي آهي.
2- جادو: ان حقيقي دنيا کي جادو ۽ فينٽسي سان جوڙيو ويندو آهي.
3- واقعن جي مختصر ڄاڻ: ڪنهن به شيءِ جي تفصيل ڏيڻ بدران ان جي مختصر ڄاڻ ڏني ويندي آهي ۽ اهو ڄاڻي واڻي ڪيو ويندو آهي جيئن ڪهاڻي سحر برقرار رکيو وڃي.
4- تنقيد ۽ ٺٺول: جادوئي حقيقت نگاري جو اهم جز سماج، سياست ۽ معاشي اڻبرابري تي تنقيد ۽ ٺٺول ڪرڻ آهي.
5- ناول يا ڪهاڻي جي پلاٽ، جوڙجڪ ۽ راوي جي حوالي سان نواڻ: هن ۾ ڪهاڻي کي اهڙي انداز ۾ ترتيب ڏنو ويندو آهي جو پڙهندڙ کي لڳندو آهي ٻه دنيائون گڏ گڏ هلي رهيون آهن، ڪهاڻيءَ جي وچ ۾ راوي مٽجي ويندو آهي.
جڏهن ته اي ڪمپينين ٽو ميجڪيل ريئلزم جي ايڊيٽرن اسٽيفن هارٽ ۽ چن اوينگ موجب جادوئي حقيقت نگاري وارا لفظ پهريون ڀيرو 1925ع ۾Franz Roh نالي جرمنيءَ جي نقاد استعمال ڪيا ۽ ان کي گهڻي ڀاڱي لاطيني آمريڪا جي ادب سان منسوب ڪيو ويو. )هلندڙ)