ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آمريڪي غلامي، عمران نيازي ۽ نئين حڪومت

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

عمران نيازي گذريل چونڊن ۾ نئين پاڪستان جي نعري هيٺ پنهنجي چونڊ مهم شروع ڪئي هئي، هن ان نعري ئي ايترو ته ورجايو هو جو ماڻهن کي لڳو ته واقعي به اهي پراڻي پاڪستان ۾ پيا رهن ۽ هاڻ انهن لاءِ نئون پاڪستان اڻٽر آهي. پر نئون پاڪستان ڪو دڪان جو وکر ته ڪونه هو جو اهو انهن کي ملي وڃي ها. جڏهن عمران خان نيازي چونڊون کٽي آيو ۽ حڪومتي معاملا هن جي حوالي ٿيا، حڪومت ڪجهه عرصو هلڻ لڳي ته نئين پاڪستان جي جهلڪ ڪٿي به نظر ڪانه آئي. پوءِ ماڻهن سوال ڪيو ته نئون پاڪستان ڪٿي آهي ته ان وقت عمران خان نيازي چوندو هو ته نئون پاڪستان بٽڻ دٻائڻ سان ڪونه نظر ايندو بلڪه ان لاءِ ڊگهو سفر ڪرڻو پوندو. پر پنهنجي حڪومتي دور ۾ هو نه ته عوام لاءِ نئون پاڪستان اڏي سگهيو ۽ نه ئي عوام کي اها تبديلي ڏئي سگهيو، جنهن جا خواب هن عوام کي ڏيکاريا هئا. پر هن نئين پاڪستان جا بنياد ئي لوڏي رکيا. جنهن ۾ عوام کي ڪجهه نه ڪجهه سهولتون مليل هيون.
هاڻ جڏهن هو اقتدار مان تڙجي چڪو آهي ته هو ملڪ کي آزاد ڪرائڻ واري نعري پويان عوام کي لڳائي رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته ملڪ هن وقت آمريڪي غلاميءَ ۾ آهي ۽ هاڻ ملڪ تي هڪ امپورٽيڊ حڪومت مڙهي وئي آهي. پر هو انهن حقيقتن کي بيان ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جن موجب کيس جمهوري طريقي سان اقتدار کان ٻاهر ڪيو ويو آهي. هو ان سڄي عمل کي نه رڳو غيرجمهوري قرار ڏئي ٿو ته ان کي پنهنجي خلاف سازش به قرار ڏئي ٿو. جڏهن ته سازش يا مداخلت جي حوالي سان اڳ ئي معاملو واضح ٿي ويو آهي ته اهڙُو ڪجهه به ناهي ٿيو. پر جيئن ته کيس وري اقتدار ماڻڻو آهي، تنهنڪري هو ان قسم جا نعرا ڏئي عوام کي منجهائي رهيو آهي.
جڏهن هو آمريڪي غلاميءَ جي ڳالهه ڪري ٿو يا ڪي به اهڙا فيصلا جيڪي ملڪ جي پرڏيهي پاليسيءَ جي حوالي سان سلهاڙيل آهن ته اهي فيصلا ڪنهن به ريت ملڪ جي سيڪيورٽي ادارن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ کان سواءِ ڪونه ٿيندا آهن. ڪوبه حڪمران اڪيلي سر اهڙا فيصلا نٿو ڪري سگهي. ان لاءِ ادارن جو هڪ هجڻ ۽ ان کان سواءِ پنهنجو پاڻ ۾ راضي هجڻ ضروري هوندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي آمريڪي غلامي ملڪ ۾ موجود آهي ته ان جو شڪار فوج به ٿي سگهي ٿي. هتي سويلين حڪومت ايتري بااختيار ناهي. جيڪڏهن بااختيار هجي ها ته عمران خان نيازي ڪڏهن به اقتدار ۾ نه اچي سگهي ها. ڇاڪاڻ ته سويلين حڪومتن کي ماضي ۾ ڊاهڻ ۽ انهن خلاف سازشون ڪرڻ جو سلسلو سڀئي ڏسندا رهيا آهيون.
عمران خان نيازي ماڻهن کي اسلام آباد تي ڪاهه ڪرڻ جي دعوت ڏئي رهيو آهي. هڪ ڀيرو وري عوامي ميڙ کي اڪسائي ان پاران اهو فيصلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته هاڻ اهو فيصلو ڪڏهن به ۽ ڪٿي به عوامي ميڙ ڪري سگهي ٿو ته اهو هڪ چونڊيل حڪومت کي اقتدار کان ڌڪي ٻاهر ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن اهو فيصلو ائين ئي ڪرڻو آهي ته فرض ڪجي ته سڀاڻي هڪ ڀيرو وري عمران خان اقتدار ۾ اچي ٿو وڃي ۽ ڪجهه لک ماڻهو اسلام آباد پهچي عمران خان نيازيءَ کي اقتدار تان لاهڻ لاءِ احتجاج ڪن ٿا ته ڇا هو واقعي به اقتدار ڇڏي ڏيندو. جڏهن ته سندس ئي حڪومت ۾ مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪيو هو پر هو اقتدار ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو ۽ هن سان حڪومت بدارن انهي ڌر ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، جنهن عمران نيازيءَ کي اقتدار ۾ آندو هو.
ڪالهه ايبٽ آباد جي جلسي ۾ هن وري عدالتن کي ڏوراپا ڏنا ۽ ان کان سواءِ نيوٽرل هجڻ واري ڳالهه کي هن وري ورجايو. هڪ ڀيرو وري هن اهو ئي چيو ته نيوٽرل جانور هوندو آهي. جڏهن ته فوج ان سڄي معاملي ۾ پنهنجي لاءِ نيوٽرل بدران اي پوليٽيڪل (غيرسياسي) لفظ ڪتب آڻي ٿي. عمران خان نيازيءَ جي ان جملي مان ظاهر آهي ته هن کي فوج تي ان ڪري به باهيون آهن جو ان سندس اقتدار ڇو ڪونه بچايو. پر سندس ان قسم جي تقرير کان پوءِ اڳيان هلي جيڪا صورتحال تيار ٿيندي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن لاءِ سياسي رستا وڌيڪ سوڙها ٿيندا ويندا ۽ هن جي سياسي ڪيريئر جي پڄاڻي به جلدي ٿي ويندي.
عمران خان نيازي وٽ شيخ رشيد ۽ فواد چوڌري جهڙا پيادا آهن پر اهي ڪي اهڙا سياسي اڳواڻ نه آهن، جيڪي کيس اڳيان هلائي بچائي سگهن. ان کان سواءِ هن وقت جيڪو بيانيو عمران خان نيازي اظهاري رهيو آهي، ان حوالي سان سندس پارٽيءَ جي ڪيترن ئي ماڻهن کي خدشا هوندا ته هو ڪهڙي لائين اختيار ڪري رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته آمريڪا مخالف نيريٽو تي ووٽ نٿا وٺي سگهجن. اهڙيون ڳالهيون ماضي ۾ به ٿي چڪيون آهن. هو پنهنجي لانگ مارچ جو شوق ڀلي پورو ڪري ۽ عوام جي ذهنن ۾ اها ڳالهه وجهندو رهي ته هن آمريڪا کي انڪار ڪري ڪو وڏو ڪارنامو سر انجام ڏنو آهي پر هاڻ هو پاڻ هن رياست لاءِ مٿي جو سور بڻجي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته پنهنجي حڪومت دوران ئي هو ملڪ کي ايترو نقصان ڏئي چڪو آهي جو ان نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت لڳي ويندو پر جيڪڏهن هاڻ هڪ ڀيرو وري هن اهو طئي ڪري ورتو آهي ته ملڪ کي اڃا به نقصان ڏيڻو آهي ته پوءِ اها صورتحال ڪنهن به ريت ملڪ لاءِ بهتر نه هوندي. نومبر ۾ آرمي چيف جي تبديلي واري تقريب گهڻو ڪري پي ٽي آءِ جي سمورن منصوبن تي پاڻي ڦيري ڇڏيندي ۽ پوءِ پي ٽي آءِ وٽ گوڙ ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪونه بچندو، ڇاڪاڻ ته جنهن سهولت کي حاصل ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، انهيءَ جو آسرو مڪمل طور ختم ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button