ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي نوجوان وٽ سياسي تبديليءَ جي ايجنڊا هئڻ گهرجي

Editorial-Article-Hussain Azad

سماجي ماهر تبديليءَ کي ترقيءَ جي راهه جي اهم شاهراه طور سمجهن ٿا. وڏي سوچ ويچار ۽ تجربن کان پوءِ نتيجو اهو ڪڍيو ويو آھي ته هن ڪائنات ۾ ڪا به شيءِ جمود جي صورت ۾ نه آھي پر هر وقت هر شيءِ تبديليءَ جي مرحلي مان گذرندي رهي ٿي. يعني تبديلي ترقي ۽ زندگي آھي، جڏهن ته جمود موت آھي. ڪائناتي اهڃاڻن کان ويندي سماجي ۽ سياسي اصول به هر تبديليءَ جي دور مان گذرندا ترقي ڪندا ۽ تبديل ٿيندا رهيا آھن ۽ انهي تبديليءَ جو بنياد تضادن تي رکيل آھي. اهو ڪائناتي سچ آھي جنهن به سماج ۾ تضادن ۽ ڀڃ ڊاهه پنهنجي ويڙهه تيز ڪئي اتي تبديليون به تيز ٿينديون رهيون آھن، جنهن جي بنياد تي انقلاب برپا ٿيا ۽ جن سماجن ۾ ارتقا سست رهي آهي، اڄ به اهي مثبت تبديلي ۽ ترقيءَ کان وانجهيل آھن.
سنڌي سماج به سست روي جو شڪار رهيو آھي. بهرحال مختلف دورن ۾ مختلف سماج ڪڏهن وڌيڪ ترقي پسند رهيا آھن ته ڪڏهن تنزلي ڏانهن به وڌيا آھن پر عروج کان زوال ۽ زوال مان عروج جا نوان گونچ به ڦٽندا رهيا آھن، اهڙن مثالن سان دنيا جي تاريخ ڀري پئي آھي. سنڌ ۾ سياسي تبديليءَ جي هن وقت شدت سان ضرورت محسوس ٿي رهي آھي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي سياست تي جاگيرداري ۽ وڏيرڪو جمود طاري رهيو آھي جنهن ڪري عام سنڌي نوجوان کان ويندي سنڌي روشن خيال سياسي توڙي سماجي ورڪر هاڻي انهي جمود تي اڻتڻ ۽ مايوسي محسوس ڪري رهيو آھي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي سرڪار ۽ رياستي ادارن تي سالن کان جاگيردار سردار ۽ وڏيري جو قبضو رهيو آھي، جنهنڪري سنڌ جي سياسي توڙي معاشي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي اڳيان هڪ بند ٻڌل رهيو آھي جنهن کي ٽوڙڻ لاءِ وڏي سماجي ۽ سياسي تبديليءَ جي ضرورت آھي، جنهن کي سنڌ جو سياسي شعور ۽ نوجوان جي ٽڙيل پکڙيل سياسي طاقت هڪ پليٽ فارم تي هڪ سوچ ۽ هڪ نقطي ايجنڊا سياسي نظام جي تبديلي ئي ختم ڪري سگهي ٿي.
جن سماجن ۾ تبديلي آئي آھي ته اها نوجوانن جي جوش جذبي علم فهم ۽ مستقل مزاجيءَ جي ڪري آئي آھي. سنڌ جي نوجوان کي هاڻ پنهنجي زندگيءَ جي ڪمن جي ترجيحن ۾ سنڌ ۾ سياسي نظام جي تبديليءَ جي ايجنڊا سرفهرست رکڻي پوندي، ھر عمل جو ڏاڪو پهرين سوچ ھوندو آھي، تنهنڪري اڄ جو سنڌي نوجوان تبديليءَ جي شروعات پاڻ کان ڪري ۽ پنهنجي گهر جي ماڻھن جي سوچ کي تبديل ڪري جنهن کانپوءِ عمل جي ميدان ۾ نڪري پئي. هي ايڏو ڪو تڪليف وارو ڪم به نه آھي. اڄ سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا اسان جا ڪم آسان ڪري ڇڏيا آھن. بس رڳو اسان کي ٿورو مثبت سوچ ۽ دل ڪشادي ڪرڻ جي ضرورت آھي. هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻھو کي پنهنجي روزي روٽيءَ جي ڪم ڪار کان سواءِ مثبت تبديلي آڻڻ واري لاڙي کي تيز ڪرڻ لاءِ وقت ڪڍڻو پوندو. وڏي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ننڍن مقصدن کي هڪ پاسي وقتي طور رکڻو پوندو ۽ ننڍن مفادن کي وڏن مفادن تان قربان ڪرڻو پوندو. ذاتي ۽ خسيس مفادن کي حاصل ڪرڻ بدران اجتماعي مفادن کي ترجيح ڏيڻي پوندي، تڏهن اسان جي سنڌ ۾ هڪ نئين سر نئين رٿابندي تحت اڻ ٿڪ محنت ۽ سهپ برداشت سان گڏ ڪا زبردست تحريڪ پيدا ڪري هن مدي خارج ۽ قبائلي، جاگيرادري ۽ موروثي نظام مان جند ڇڏائي هڪ نئين تاريخ رقم ڪري پنهنجي مستقبل کي روشن ڪري سگهجي ٿي.
آئون سمجهان ٿو اهو ڪم فقط نوجوانن جي جدوجهد سان ممڪن بنائي سگهجي ٿو. نوجوان سائنسي سوچ ۽ جدليات جي بنيادي اصولن جي تعليم ۽ علم جو مطالعو ڪري ان پٽاندر عملي جدوجهد ڪري ته اسان جي سماج جي تبديلي يقيني آھي پر جي ائين نه ڪندو، تيستائين سنڌ ۾ سياسي تبديلي اچڻ ويجهي مستقبل ۾ ناممڪن لڳي ٿي. اسان جي فرسوده نظام ۽ فرسوده سوچ جي اڪثريت کي جيڪڏهن موڙي ان کي مثبت سوچ ۽ تبديلي ڏانهن لاڙو پيدا ڪرڻ واري قوت ۽ طاقت آھي ته فقط نوجوانن جي شعوري لاٽ، گڏيل جدوجهد، بي خوفي ۽ دليري وارو رستو ئي آھي. ياد رکڻ گهرجي ته فرد سماج جو حصو آھن ۽ فرد ئي سماج اڏيندا آھن ۽ نتيجي ۾ سماج ئي فردن کي اهي سڀ سک مهيا ڪندو آھي. سنڌ ۾ ايم آر جي تحريڪ 70 ۽ 80ع واري ڏهاڪي کانپوءِ ويجهي ماضي ۾ سنڌي نوجوانن جو ڪنهن سياسي پليٽ فارم تان ڪا وڏي تحريڪ ۽ ڪردار نٿو ڏسڻ ۾ اچي نه ئي ڪا سنڌي سماج ۾ سياسي سجاڳيءَ جو ڪو بهتر ڪارنامو يا عمل ٿيو هجي پر الٽو مجموعي طور مايوسي ۽ نراسائيءَ جي ڪري ترقي کان تنزلي ڏانهن روان دوان محسوس ٿي رهيو آھي. ان جي نتيجي ۾ سنڌي سماج ۾ ساڳيا ڀوتار ساڳيا منفي رويا ۽ بيروزگاري مهانگائي پريشانيون ۽ خودڪشيون وڌيڪ ڏسڻ ۾ آيون آھن. ويجهي ماضي جو تجربو ٻڌائي پيو ته مڊل ڪلاس نوجوانن جي گهڻائيءَ جو لاڙو فقط ذاتي مفاد ۽ ٿوري فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيري جاگيردار جي اوطاقن جا چڪر ڪاٽيندي ڏٺو ويو آھي. اهڙي رويي بابت پڇڻ جي صورت ۾ سندس زباني جواب ئي اهڙو ملندو آھي جو انساني شعور تان ويساهه ئي کڄي وڃي ٿو. سندن اهو جواب هوندو آھي ته زماني سان گڏ هلي پنهنجي ذات لاءِ فائدو حاصل ڪرڻ اڄ جي وڏي عقلمندي آھي ۽ باقي وطن، غريب مسڪين ماڻھن جي سکن لاءِ ۽ نظام جي تبديلي سنڌ جي خوشحاليءَ جي ڳالهھ تي اڙيل با ضمير ۽ بااصول سياست ڪندڙ طبقو چريائپ جي ور چڙھيل آھي.
تنهنڪري اڄ جي صورتحال جي گهر آھي ته سماج جي بهتري لاءِ سنڌي نوجوان ڪم ڪري، نوجوان ساٿيو اهو به ضروري نه آھي ته توهان بظاهر ڪنهن سياسي پارٽيءَ جا ڪارڪن نه آھيو ته ڪجھه به نٿا ڪري سگهو. ها توهان سڀ ڪجھه ڪري سگهو ٿا، مثبت تبديليءَ ۾ توهان پنهنجو وڏو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. توهان پنهنجي ڌنڌي ۾ ايمانداريءَ جي صورت ۾، توهان سرڪاري نوڪريءَ جي فرض جي ادائگيءَ جي صورت ۾، جيڪڏهن استاد آھيو ته شاگردن جي ذھنن کي تبديل ڪرڻ جي صورت ۾، بدمعاش، ڪرپٽ سياستدان ۽ آفيسر سان نفرت جي صورت ۾ توهان روشن خيال ۽ ترقي پسند توڙي جمهوريت پسند قوتن جي سنڌ اشوز کي اٿارڻ جي حمايت جي صورت ۾ ۽ اليڪشن ۾ وڏيرن جاگيردارن سردارن جي خلاف ووٽ ڏيڻ جي صورت ۾.
نوجوان سماجي تبديليءَ جا ضامن هوندا آھن. سماج ۾ بقاءِ باهمي ۽ گڏيل مقصدن جي حاصلات لاءِ ٿوري گهڻي جيڪڏهن وقت ۽ پئسي جي قرباني ڏيڻ ھر هڪ جي وس جي ڳالهھ آھي. توهان جو گڏيل نظرياتي نعرو ڏاڍن جي محلن ۾ ڏار وجهي ڇڏي ٿو. بس رڳو پنهنجي خود اعتماديءَ سان هڪ آواز بڻجي وکريل ۽ ڇڙوڇڙ ٿيل شعوري طاقت کي هڪ منظم بااصول ڌارا ۾ شامل ڪري نڪري اچو ته يقين ڪريو ٿوري وقت ۾ ڪاميابي توهان جا پير چمندي. جيڪڏهن نوجوان سنڌ جي موقعي پرست ۽ وڏيري ۽ جاگيردار وٽ ڪنهن به مصلحت پسندي، خوف، ڊپ، مفاد، لالچ ۽ شخصيت جي سحر جو شڪار رهندو ۽ پنهنجي ذھن کي تبديل نه ڪندو ته سنڌ جو ايندڙ نسل مستقل مفادن جي هٿن ۾ هوندو. تنهنڪري سنڌ ڌرتيءَ جي هن وقت اها توهان کان سياسي سجاڳي ۽ وطن جي محبت لاءِ گهر آھي ته صدين کان زنگيل جاگيرداري، قبيلائي ۽ ڀوتارڪي نظام جو جمود ٽوڙيو. جڏهن تبديليءَ جو ثمر توهان کائيندو ته موجوده توهان جا خسيس مفاد جيڪي جدجهد ڪرڻ لاءِ توهان جي اڳيان رڪاوٽ آھن، اهي توهان کي خسيس لڳندا ۽ تبديليءَ ۾ ڪاميابيءَ جو شرط اهو آھي ته توهان هڪ پورهيت نظريي ۽ اجتماعي ڀلائيءَ جي سوچ ھيٺ پنهنجون سرگرميون ۽ جدوجهد جاري رکو. ڀلي رستا ۽ طريقا الڳ الڳ هجن پر اليڪشن ۾ هڪ ايجنڊا ڀوتار نامنظور تحت ووٽ غريب ۽ پورهيت کي ڏيڻ ئي مقصد هجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button