ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

چشمه-جهلم لنڪ ڪئنال وسيلي پاڻي کڻندڙ پنجاب

Editorial

سنڌ ۾ شايد ئي هاڻ ڪا اهڙي شاخ بچي هجي جنهن ۾ واريءَ نه اڏامندي هجي. سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ايتري ته سخت ٿي وئي آهي جو آبادگارن کي ته پوکيءَ لاءِ پاڻي ڪونه ٿو ملي پر شهري آباديءَ کي پيئڻ لاءِ به پاڻي ڪونه ملي رهيو آهي. مجموعي طور ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ نظر اچي ٿي پر ان کوٽ کي ڀوڳڻ جي ذميوار رڳو سنڌ ناهي، جيڪڏهن هن وقت ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آهي ته پوءِ ان کوٽ جي ورڇ سڀني صوبن ۾ ٿيڻ گهرجي. اهي ڪئنال جيڪي ججهو پاڻي هجڻ لاءِ وهائڻ گهرجن يا وري ان حالت ۾ وهائڻ آهن، جڏهن ٻوڏون هجن پر پنجاب اهي ڪئنال ٻارهو ئي وهائي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ ٿي پئي آهي ۽ ماڻهن جا فصل پڻ سڪي رهيا آهن. پاڻيءَ تي ملڪي معيشت هلندي آهي، جيڪڏهن ملڪي معيشت ئي بهتر نه رهندي ته ايندڙ وقت ۾ بحران پڻ پيدا ٿي سگهي ٿو. فصل نه پوکڻ سبب خوراڪ جو سخت بحران جنم وٺي سگهي ٿو ته ڇا هاڻوڪي حڪومت ۾ ايتري سگهه آهي ته اها ان بحران کي منهن ڏئي سگهي. تازو چشمه جهلم لنڪ ڪئنال کولي پنجاب سنڌ کي وڌيڪ سوڪهڙي ڏانهن ڌڪي رهيو آهي پر مجال آهي جو ارسا ڪڏهن حق سچ جي ڳالهه ڪئي هجي، اهو رڳو پنجاب کي وڌيڪ پاڻي ڏيڻ جي زور ڏيندو رهيو آهي، جيڪو ڪنهن به ريت جائز ناهي. ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير جيڪي ڳالهيون سکر ۾ ڪيون آهن، سي اهم آهن.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر ھوائي اڏي تي صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آھي. بدين ۽ سجاول ۾ پاڻي کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪندي پئي وڃي. ھن چيو ته ڪجھه ڏينھن اڳ سکر بئراج جي ڪيل دوري جو ثمر مليو آھي. ھينئر پاڻي ڪجھه وڌيو آھي. ارسا پاران چشمه جهلم لنڪ ڪينال کولڻ واري فيصلي جي مذمت ڪيان ٿو. ھن چيو ته وفاقي حڪومت سان پاڻي واري مسئلي تي آئون ڳالھائيندس. ھن چيو ته شڪر آھي جو عمران خان سان منھنجون ايتريون ملاقاتون نه ٿيون. ھو ايترو ته بوکلائجي ويو آھي جو پاڻ کانسوا کيس باقي سمورا ڪرپٽ نظر اچي رھيا آھن. عمران خان پاران ملڪي ادارن کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، طاقت ۽ حڪومت ھجڻ باوجود ھو ملڪ لا ڪجھه به نه ڪري سگھيو. عمران خان ٻن ڀائرن کي پاڻ ۾ ويڙھائڻ جي ڪوشش ڪئي. عدالتن ۽ ادارن لا ھو چوي ٿو ته اھي ھن سان گڏ آھن. الله پاڪ اسان جي ھن مان جان ڇڏائي. ھن چيو ته وزيراعظم جنھن کي چاھي سنڌ جو گورنر مقرر ڪري سگھي ٿو. مڪاني چونڊون ٿيڻ گھرجن. بلدياتي نظام اچڻ گھرجي. ايم ڪيو ايم بلديات جو ڊرافٽ سنڌ حڪومت حوالي ڪيو آھي. ھن چيو ته پبلڪ سروس ڪميشن کي ھڪ ھفتي اندر بحال ڪيو ويندو. سنڌ اسيمبلي ۾ به ڳالھيون ٿيون آھن. بلدياتي قانون گڏجي ٺاھينداسين. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو ته عمران نيازي ملڪ ۾ خانھ جنگي ۽ انتشار واري صورتحال پيدا ڪرڻ چاھي ٿو. ھن وڌيڪ چيو تھ قومي سلامتي جي ادارن. عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن تي عمران خان جا حملا قابل مذمت آھن. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ عمران نيازي جي حڪومتي دور ۾ سمورا ادارا غير مستحڪم ٿيا ۽ ھاڻ ادارن جو استحڪام ۽ معيشت جي مضبوطي عمل ۾ اچي رھي آھي تھ عمران کي تمام گھڻي تڪليف پھچي رھي آھي. وڏي وزير چيو تھ اسان جي سيڪيورٽي ادارن ملڪ جي سلامتيءَ لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪيا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ سيڪيورٽي ادارن خلاف عمران جي گٿا لفظ ڳالھائڻ سندس سياسي پسماندگي جو ثبوت آھي. وڏي وزير چيو تھ عمران خان کان اقتدار آئيني ريت ورتو ويو، جيڪو ان جي سمجھھ ۾ نھ پيو اچي. ھن وڌيڪ چيو تھ اقتدار وڃائڻ کانپوءِ عمران نيازي جي اعصاب، عقل ۽ شعور تي ايترو اثر ٿيو آهي تھ سندس ذھني توازن پڻ متاثر ٿي ويو آھي. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ سياست ۾ سياسي اختلافن کي ڪڏھن بھ ذاتي دشمنين ۾ تبديل ناھي ڪيو ويندو. ھن وڌيڪ چيو تھ سياسي شڪست جو بدلو سياسي ميدان ۾ ورتو ويندو آھي، عمران خان جا ادارن تي سياسي آپگھاتي حملا کيس سياسي طور تي مفلوج ڪري ڇڏيندا.
سنڌ ۾ پاڻيءَ جي وڌندڙ کوٽ عوام ۾ وڌيڪ بيچيني کي جنم ڏئي رهي آهي. ان کان سواءِ عوام احتجاج پڻ ڪري رهيو آهي. پاڻي واري معاملي تي سنڌ جون ساڃاهه وند ۽ سياسي ڌريون هڪ آهن. اهي ڪڏهن به ان معاملي تي ڪو سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. پر گهٽ ۾ گهٽ پنجاب کي ايترو ته خيال هجڻ گهرجي ته چشمه جهلم لنڪ ڪئنال مستقل بنيادن تي نٿو وهائي سگهجي. ڇاڪاڻ ته اهو فلڊ ڪئنال آهي، پر پنجاب ان وسيلي پنهنجون زمينون آباد ڪري سنڌ جون زمينون بنجر ڪري رهيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ماڻهن کان جيئڻ کسي رهي آهي، تنهنڪري هن کوٽ کي پورو ڪرڻ ضروري آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي بنا دير ڏنو وڃي ۽ ان کان سواءِ چشمه جهلم لنڪ ڪئنال ترت بند ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button