شاهه سائين ۽ مارڪس ٻنهي جي فَلسفي جي گِهرائي ۾ وڃي جي جاچ پڙتال ڪجي ته ان ۾ هڪجهڙائي ڪهڙي آهي ڇا هڪجهڙائي آهي به يا نه؟
ٻنهي مان هڪڙو شاعر آهي ته وري ٻيو تاريخي ماديت جو فلسفي ۽ معيشت جو عالم، هڪ جو تعلق سنڌ سان آهي ته ٻيو يورپ. يعني معاشرو، حالتون ۽ پسگردائي به الڳ الڳ آهي ٻنهي جي. ڀٽائي 17 صدي جو ڏاهو آهي جڏهن ته مارڪسزم جي باني ڪارل مارڪس جو جنم 19 صدي ۾ ٿيو.
سنڌ ان وقت هر لحاظ کان پوئتي هئي هتان جون حالتون، ادب، فلسفو، تعليم نه جي برابر هئي. ايئن کڻي چئون ته اڃا ٻج ڦٽو ئي نه هو. جڏهن ته يورپ 19صدي ۾ تمام اڳتي هو اتان جون سياسي حالتون عروج تي هيون، انهن جا موضوع فلسفي سان منسلڪ هوندا هئا.
يورپ ۾ هڪ وڏا زبردست روشن خيال انقلابي جنم وٺي رهيا هئا، يورپ جو سڄو سماجي تاريخي، معاشي ۽ سماجي ڍانچو تبديل ٿي رهيو هو، غلامي جهڙي مرض کان هر ڪوئي واقف بنجي چڪو هو ۽ ان کي ڌتڪاري رهيو هو، ماڻهن ۾ شعور جي شمع ٻري رهي هئي. فلسفي جي لحاظ کان بحثن ذريعي انهن جي ذهنن جي اوسر ٿيڻ لڳي هئي. سائنسي حوالي سان، معاشي حوالي سان، جاگرافي جي حوالي سان، نئين اڏاوتن ڪاروباري نظام، صنعتڪاري حوالي سان يورپ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو هيو ايئن کڻي چئون ٿي چڪو هو.
ان سموري صورتحال ۾ ڪارل مارڪس جنهن اهيو ڏسيو ته يورپ جو سماج هن وقت جنهن هنڌ بيٺل آهي ان جون پاڙون معيشت ۽ طبقاتي نظام تي آهن يعني سماج جي ورڇ طبقن ۾ ٿيل آهي. مخصوص قوتون معيشت هٿ ۾ ڪيو سماج کي طبقن ۾ ورهايو ويٺيون آهن ۽ جتي ملڪيت جا حامي چند فرد ٿي بيهندا ته اتي بغاوت جنم ضرور وٺندي آهي ان طبقن کان اها طاقتور ڌر پنهنجي فائدي جا سمورا ڪم ڪارج ڪرائيندي آهي ۽ پاڻ کيDivine force سمجهي پيا. انهن جو مال لٽيندا آهن بلڪل ايئن جيئن فرانس جي انقلاب وقت اتان جو طبقاتي نظام ٽن ڪلاسن ۾ ورهايل هئو هڪ جنهن ۾ پادري ٻيو جنهن ۾ ايلائيٽ ڪلاس هئو ۽ ٽيون جنهن ۾ غريب، هاري ۽ مزدور طبقو هيو. جنهن تي سڀ کان گهڻا ٽيڪس لڳائي انهن جي ملڪيت ۽ ڪمائي ضبط ڪري اهي ٻئي طبقا ڦٻائيندا هيا ۽ اهوئي طبقو غلام هيو جيڪو غلامي جي دلدل ۾ جڪڙيل هيو غلامي جي باري ۾ ليو ٽالسٽا پنهنجي ناول عشق ۾ لکيو آهي ته غلام محض ان حالت جو ٻیو نالو آھي، جنھن ۾ ڪجھه ماڻھو ٻین جي محنت جو ڦل کائین ٿا. غلاميءَ جو خاتمو صرف ان صورت ۾ ٿي سگھي ٿو، جڏھن ماڻھن کي ٻین جي جبری محنت جو ڦل کائڻ جي خواھش ان ڪری نه ٿئي ته ھو ان کي ھڪ شرمناڪ شيءِ يا گناهھ سمجھن. پر هتي ته ان کي ئي جيئڻ ۽ عيش آرام جو ذريعو بڻايو ويو هو.
يورپ ۾ سرمائيداري نظام زور وٺي رهيو هيو عوام کي مختلف پهلوئن کان مختف قسم جا خواب ڏسيا ويا ته سرمائيداري نظام ۾ صنعتڪاري هٿي وٺندي ته ملازمت به وڌندي روزگار جا موقعا به وڌندا ۽ ماڻهن جي من جون مرادون به پوريون ٿينديون ۽ هو پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي مطابق گذاري سگهندا اهڙي سرمائيداري نظام لا لينن چيو آهي ته “جيڪڏهن غريب عوام ڦاهي کائڻ شروع ڪري ته سرمائيدار رسا کپائڻ شروع ڪندا”
پر اهيو سمورو ڪاروهنوار ڪارل مارڪس جي سوچن ۾ ٿرٿلو مچائي رهيو هيو، اهو ڏسي رهيو هيو ته سرمائيداري نظام ۾ وچولو طبقو ڏينهن رات فيڪٽرين ۾ ڪم ڪري رهيو هيو.
انهن جون ذاتي معاشي ۽ سماجي حالتون خراب ٿي رهيون هيون، انهن جيڪا جاکوڙ ڪئي ٿي تنهن جو ڪو به انهن جي زندگيءَ ۾ سماجي ۽ معاشي طور تبديلي نه ٿي رهي هئي، انهن جي پورهئي مان جيڪو وڏو فائدو رسي رهيو هو اهو مخصوص صنعتڪارن کي ملي رهيو هيو، جيڪو يقينن هڪ قسم جو جبر ۽ ظلم هيو، انهن کي اُجر به گهٽ ڏنو ٿي ويو جنهن سان سندن معاشي حوالي سان سماج ۾ جيئڻ Survival ڏکو هيو انهي لا مارڪس چيو ته جنهن ۾ جيتري قابليت هوندي آهي، جيترو وڌيڪ ڪم ڪندو آهي، محنت ڪندو آهي، ان کي سندن اجورو به ان حساب سان وڌيڪ ملڻ گهرجي.
اهڙي طبقاتي نظام کي هر روشن خيال فرد، ڏاهي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ۽ مظلوم کي پورو حق ڏيڻ جي جستجو ڪئي آهي جيئن شاهه سائين چيو:
سَائِين سَدائِين ڪَرين مَٿي سِنڌ سُڪار،
دوست مِٺا دِلدار، عَالم سَڀ آباد ڪَرين.
هتي شاهه سائين ڪنهن مخصوص طبقي مسلمان يا هندو کي نه پر پوري عالم انسانيت کي برابري جو درس ڏنو آهي.
سنڌ ۾ جڏهن ڪلهوڙن جي حڪومت هئي، ان وقت سنڌ جي معاشي، سياسي، سماجي حالت به ڪمزور هئي خاص ڪري جڏهن ٽالپر اچي ڪلهوڙن جا حامي ٿيا جن جي ڪري حالتون وڌيڪ خراب کان بدتر ٿيڻ لڳيون، ان وقت جاگيردار طبقي زور ورتو جنهن سان هاري ۽ مزدور طبقي تي ظلم وڌڻ شروع ٿيا ان سڄي صورتحال کي ڏٺو وڃي ته شاهه سائين جي بيتن ۾ به ساڳي جاڳرتا سمايل آهي جيڪا يورپي نظام ۾ مارڪسزم جي هئي.
مذهبي پيشيور هميشه کان اسان تي حاوي رهيا آهن جن جي ڇپر ڇانو ۾ ظالم پليا آهن ۽ جن سماجن جو ٻيڙو ٻوڙي اتان جي ملڪيت هڙپ ڪئي آهي ۽ سنڌ ۾ به ساڳي حالت هئي مذهب ايترو ته حاوي رهيو آهي ننڍي کنڊ ۾ جنهن جي تاريخ ۾ اسان ڏسنداسين ته هانءُ ڏاريندڙ مثال ملن ٿا. شاهه سائين مذهبي ڪٽرپڻي کي تسليم نه ڪندڙ هو ساڳي طرح ڪارل مارڪس به ان کي آفيم سان تشبيح ڏني آهي. ڪلهوڙن جي حڪومت جو ڍانچو ڪمزور ٿي چڪو هيو ۽ اهي ٻاهرين ڌارين جي مدد وٺڻ لڳي جيڪي وري سنڌ ۾ اچي راڪاس بڻجي ويا اهو ڪلهوڙن جو ئي دور هيو جو شاهه سائين کي پنهنجي گهر ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ڇو ته شاهه سائين وٽ مظلوم جي درد جو فلسفو هيو جيڪو ان وقت ڪلهوڙن لا انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي رهيو هيو ايتري قدر نور محمد ڪلهوڙ شاهه سائين کي مٺائي ذريعي زهر ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي. ڀٽائي جو فڪر به ڪلهوڙن جي لاءِ وڌيڪ مشڪلاتن کي جنم ڏئي رهيو هو، جنهن سان ڪلهوڙن حڪمرانن جي سياسي بدنامي ۽ انهن جي خلاف وڌيڪ سماجي سطح تي بغاوت کي هٿي ملي رهي هئي، آخرڪار شاهه سائين کي گهر ڇڏڻو پيو، ايئن ئي ڪارل مارڪس جو فلسفو جڏهن عروج وٺڻ لڳو ته مجبورن حڪومتي قوتن سبب ان کي جرمني ڇڏڻي پئي.
شاهه سائين مظلوم سان هميشه ڀرجلو ٿي بيٺو آهي انهن ڦورو ٽولن کي ڀٽائي چوي ٿو ته
جتي ماڻڪ ماڳ، تتي چوران تڪيو،
سنئون تـن سڀاڳ، اَمل جن اوباهيو
هاڻي جڪڏهن شاهه سائين ۽ ڪارل مارڪس جي فلسفي جي ڳالهه ڪيون ته شاهه سائين پٺتي پيل طبقي لا پنهنجي شاعري واري رمز ۾ ان کي هر قدم تي همٿايو آهي ۽ ظلم کي ننديو آهي ۽ مارڪسزم ۾ اها ڳالهه وري چٽي طرح واضح بيان ٿيل آهي.
هتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هڪ مارڪسزم يا نثر تي عبوريت رکندڙ ۽ شاعر ساڳن نظرين جا يا انهن جي تخليق جو ڪارج ساڳو ٿي سگهن ٿا يا انهن جي پاڻ ۾ مشابهت ٿي سگهي ٿي؟
زندگي شاعريءَ جو موضوع آهي الائي ته ڪڏهن کان ۽ الائي ته ڪيستائين زندگي شاعريءَ جو موضوع رهندي. شايد تيستائين جيستائين زندگي آهي دراصل زندگي ئي اهو سرچشمو آهي، جتان ٻيا هڙ موضوع ڦٽي نڪرن ٿا. شاعري ۾ گهڻور ڪري حسناڪيت تي فوقيت هوندي صرف جيڪڏهن شاعري جي پيراميٽر کي ان تائين محدود ڪيون به ته اهيو به غلط خيال آهي شاعري به زندگي جي مختلف پهلوئن کي کنيو آهي هتي ڳالهه ڪيون ٿا ڀٽائي جي شاهه سائين زندگي جي مڙني پهلوئن کي پنهنجي شاعري ۾ آندو آهي، پنهنجي سُرن ۾ نوجوانن کي ظلم خلاف وڙهڻ لا همٿايو آهي، معاشي حالت بيان ڪئي آهي ڪردارن جي، جاگيردار نظام، مذهبي انتهاپسندي تي ڀٽائي لکيو آهي شاعري ۽ نثر ۾ ڀلي صنف جو فرق هجي پر ڪنهن حد تائين فلسفو ساڳو رهي ٿو ۽ اڳتي وڌڻ جي واٽ ساڳي رهي ٿي، شاهه سائين مظلوم سان گڏ بيٺو آهي پر جيئن ته شاعري آهي ته ان شاعري ۾ ڳالهين تي پردو رکيل هوندو آهي.
جڏهن مارڪسزم وڌيو ويجهو ته ان وقت يورپ ۾ سياسي عمل دخل ڪافي هئو پر ڇا سنڌ ۾ ان وقت يعني 17 صدي ۾ سياسي نظام هئو، جنهن کي شاهه سائين ننديو هجي جڏهن ته مشابهت لا اسان ڏسنداسين ته ڪارل مارڪس جي جنهن وقت اوسر ٿي رهي هئي، ان وقت سياسي نظام جو عروج هيو يورپ ۾؟
هاڻي اصل حقيقت اها آهي ته يورپ جون ۽ ننڍي کنڊ جون حالتون، آبهوا، سياسي، معاشي، سماجي نظام ته مختلف هئو پر دنيا جا مظلوم سڀ هڪ آهن يعني ان طبقي کي هر سماج ۽ خطي جي مٿان قابض طاقتون ئي حاوي رهيون آهن ۽ انهن کي وقت جي ڏاهن پنهنجي ڏاهپ ۾ ڌتڪاريو آهي، ان وقت سنڌ ۾ وڏيرا شاهي، جاگيرداري نظام جو عروج هيو جڏهن سنڌ تي ڪلهوڙن کان پو به مختلف ڪاهون ٿيون آهن ته انهن کي اتان جي مقامي سردارن ۽ وڏيراشاهي جي حمايت حاصل هوندي هئي ۽ ان سبب جي ڪري ئي شاهه سائين جي شاعري ۾ اسان کي مزاحمتي پهلو به نظر اچي ٿو جنهن ۾ شاهه سائين اهڙي غدار ۽ جابر ٽولي کي پنهنجي شاعري ۾ ننديو آهي.
هي مُنهن ڏئي ٻن تُون وِهُه کائي نه مَرين،
تَان جي مَلِير ڄَايُون، توسِين سَڱ نَه ڪَن،
پوءِ تُون ڪيئن منجهان تِن، پاڻ ڪوٺائين مارئي!
جنگي حالتن ۾ به شاهه سائين مظلوم جو پاسدار رهيو آهي ۽ هر قدم تي ان کي همٿايو آهي جٿي مختلف وقتن طور ڌاري لوڌ اچي سنڌ تي ظلم ۽ ڦرلٽ ڪئي آهي ۽ ان صورتحال کي شاهه سائين اکين سان ڏسي ايئن چيو آهي.
سُورهيه مَرين سوڀ کي، ته دِل جا وَهم وِسارُ،
هَڻ ڀَالا وِڙُهه ڀَاڪُرين، آڏِي ڍَال مَ ڍَارُ،
مَٿان تيغُ تَرار، مَار تَه مَتارو ٿِئين.
ڪارل مارڪس انساني تاريخي طبقاتي سوال اٿاريو جنهن جا يورپ ۾ وڏي حد تائين وڏا نتيجا نڪتا ۽ سنڌي سماج به طبقاتي نظام هيٺ رهيو آهي اسان ڀٽائي جو مطالعو ڪري ان کي سمجهي سگهون ٿا.