اسان وٽ هتي آڪٽُوبر انقلاب جو خصوصي طور ۽ ويهين صدي جي انقلابن جو عمومي طور ڪو خارجي تجزيو اڃا تائين نٿي سگهيو آهي. جيئن ته اسان جي انقلابي دانشور ۽ ڪارڪن تي عقيدت مندي جي ڪيفيت تمام گهڻي حاوي رهي آهي، تنهنڪري، انهن نه رڳو آڪٽوبر انقلاب جي سياسي ۽ سماجي ڪردار جو مارڪسي تجزيو اڃا تائين ناهي ڪيو پر گڏوگڏ ويهين صدي جي سمورن انقلابن ڏانهن به انهن جي روش ساڳي رهي آهي جيڪا هڪ خطرناڪ صورتحال آهي، جنهن جا اڄوڪي انقلابي جدوجهد تي اڻٽر طور اثر پوڻا آهن ۽ پئجي به رهيا آهن. هڪڙن جي نظر ۾ ته اهي سڀ انقلاب “مزدور انقلاب” هئا ۽ بس!
اسان جو رايو هي آهي ته ويهين صدي کي جيڪي انقلاب طئي ڪري رهيا هئا، اهي ڪي “مزدور انقلاب” نه پر قومي آزادي جا انقلاب هئا. جن ۾ نالي ماتر مزدور انقلابن کان وڌيڪ انقلابي امڪان ۽ سگهه موجود هئي. صديون اڳ بيٺڪي طاقتن ۽ سامراج انسانيت کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترين مراعت يافتا ملڪن ۽ انهن جي هٿان پيسجندڙ مظلوم قومن جي اڪثريت ۾ ورهايو، ڏينهون ڏينهن وڌيڪ قومون ۽ کنڊ بيٺڪي ظلم جو شڪار ٿيندا رهيا. 1919ع ۾ ڌرتي جي گولي جو 72 سيڪڙو ۽ عالمي آباديءَ جو 70 سيڪڙو حصو بيٺڪن ۽ غلام ملڪن تي ٻڌل هو. پر تاريخي لحاظ کان گذريل صديءَ جي بنهه مختصر عرصي ۾ اهي بيٺڪي سلطنتون ڊٿيون، جن کي برطانوين، فرانسيسين، پرتگالين ۽ ٻين يورپي ملڪن صدين ۾ ٺاهيو هو. ٻه ارب کان وڌيڪ ماڻهن بيٺڪي ڳٽ ڳچيءَ مان لاٿو، ۽ آزادي حاصل ڪئي. ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي 120 کان وڌيڪ ملڪن پاڻ کي بيٺڪي ۽ نيم-بيٺڪي غلاميءَ کان آزاد ڪرايو. مطلب ته سڄي دنيا قومي آزادي جي عظيم انقلابن سان لڏي وئي. تنهنڪري، ويهين صدي جي انقلابي اٿل پٿل جو بنيادي محرڪ ڪو پرولتاري انقلاب نه پر قومي آزادي جا انقلاب هئا. جيڪي مارڪسي عقيدت مند اڄ تائين “سرخ آ سرخ آ ايشيا سرخ آ” جا نعرا هڻندا ٿا وتن، سڀ کان پهرين انهن کي ويهين صدي جي انقلابن جو درست سائنسي ڇيد ڪري، ان جي ڪيرڪٽر جو تعين ڪرڻ گهرجي.
اسان جي نظر ۾ ويهين صدي جي تحريڪن جو بنيادي محرڪ قومي آزادي جا انقلاب هئا. جن جو بنيادي ڪردار هڪ پاسي سامراج مخالف هو ته ٻئي پاسي جاگيرداري جو خاتمو آڻي جديد بورجوا قومي رياستي تشڪيل ڪرڻ هو. جن جي اڳواڻي ريڊيڪل قومي بورجوازي ۽ پيٽي بورجوازي (خاص ڪري هاري طبقي) وٽ هئي. ان ڏس ۾ لينن ايشيا جي انقلابن ۾ مختلف طبقن جي ڪردار جي وضاحت ڪندي هڪ هنڌ چيو ته، ايشيا جي بورجوازي، جيڪا تاريخي طور ترقي پسند مقصدن جي حمايت ڪري رهي آهي، جو مک نمائندو يا سماجي قلعو هاري آهي پر ٻئي هنڌ هو چئي ٿو ته، چين جي آزادي جمهوريت پسند هاري ۽ لبرل بورجوازيءَ جي اتحاد سان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي. مطلب ته، لينن هڪ پاسي بيٺڪن جي سوال جي نبيري ۾ هاري طبقي ته، ٻئي پاسي لبرل بورجوازيءَ جي ڪردار جي به نشاندهي ڪري ٿو. ان مان ظاهر آهي ته لينن ايشيا اندر به مختلف قومي آزادي جي تحريڪن جي ڇيد وقت ميڪانيڪي رويو اختيار نٿو ڪري، پر هڪ تخليقي مفڪر جي حيثيت ۾ ايشيا جي مختلف ملڪن جي سماجي اوسر تحت قومي آزادي جي انقلابن ۾ مختلف طبقن جي ڪردار کي آڏو رکي ٿو.
بهرحال، مان ويهين صدي جي سڀني انقلابن کي بنيادي طور قومي آزادي جا انقلاب سمجهان ٿو ۽ انهن انقلابن جو نظريو ليننزم کي سمجهان ٿو. ليننزم ڪنهن “پرولتاري انقلاب” جو نظريو نه پر قومي آزادي جي تحريڪن جي هڪ عظيم نظرئي طور اڀريو. اهو ئي سبب هو جو ليننزم اولهه جي پرولتاري کان وڌيڪ غلام اوڀر جي قومي آزادي ۽ جديد سماجي-معاشي تشڪيل لا جدوجهد ڪندڙ عوام لا نجات جو نظريو ٿي اڀريو. اوڀر ۾ ليننزم جي مقبوليت پڻ ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته ان بيٺڪن ۽ نيم بيٺڪن ۾ سامراج مخالف تحريڪن لا ڪيئن نه ٻارڻ جو ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته يورپ ۾ ليننزم کي مزدور طبقي ۾ اها موٽ ئي نه ملي سگهي.
مان “لينن ۽ قومي آزادي جون تحريڪون” ۽ ڪجهه ٻين مضمونن ۾ لينن جي قومي آزادي جي تحريڪن ڏانهن روش ۽ قومي-بيٺڪي سوال تي پاڻ مارڪسزم اندر لينن جي قومي سوال جي دشمن “مارڪسوادين” خلاف عظيم جدوجهد بابت اڳ ۾ به لکي چڪو آهيان. پر ضروري آهي ته هتي به ان مان ڪجهه مثال ڏئي اهو واضح ڪجي ته لينن قومي آزادي جي تحريڪن بابت ڪيئن نظرئي سازي ڪندي، قومي آزادي جي انقلابن جو عظيم وڪيل بڻجي ويو.
مارڪسي تحريڪ اندر لينن پهريون مفڪر هو، جنهن قومي سوال ۽ قومي آزادي جي تحريڪن جي اهميت ۽ انهن ۾ موجود انقلابي امڪانن جي سرشتيوار سمجهاڻي ڏيندي، ان کي عالمي انقلابي عمل ۾ حڪمت عمليءَ جو حصو بڻائڻ تي زور ڏنو. لينن عالمي انقلاب جي امڪانن جي وضاحت ڪندي، ان انقلاب ۾ قومي آزاديءَ جي وڌندڙ ڪردار جي نشاندهي ڪئي، ۽ قومي آزاديءَ جي تحريڪن ۽ عالمي سامراج خلاف جدوجهد جي اتحاد جي ضرورت تي زور ڏنو. لينن جو موقف هو ته قومي آزاديءَ جون تحريڪون سرمائيداري کان سوشلزم ڏانهن سفر جي عالمي انقلابي عمل جو جز آهن. هتي هڪڙي ڳالهه واضح ڪندا هلون ته، جيئن ته يورپ ۾ ٻي انٽرنيشنل جي اثر سبب مارڪسزم فڪري ۽ نظرياتي تحريڪ جي شڪل ۾ ان دور جي مڙني تحريڪن تي حاوي رهيو، اهو ئي سبب هو جو لينن جهڙا مفڪر به پاڻ کي ان کان آجو نه ڪري سگهيا، تنهنڪري، مارڪسزم جي حدن ۾ رهندي، عالمي سوشلسٽ انقلاب جي ڳالهه ڪرڻ لينن جي تاريخي مجبوري به هئي. پر لينن جو بنيادي ڪم منهنجي نظر ۾ قومي آزادي جي تحريڪن جي نظرئي سازي ئي آهي. يا لينن مختلف هنڌن تي سامراج کي سوشلسٽ انقلاب جي چائنٺ (Eve) به سڏيو آهي. ان مان واضح آهي ته لينن وٽ سوشلسٽ انقلاب جو تصور به آهي. ڇاڪاڻ ته هو يورپ ۾ حاوي سياسي تحريڪ جي شڪل ۾ موجود آهي. پر اهو ڪيئن ممڪن آهي ته لينن جهڙو مفڪر، جنهن وٽ قومي آزادي جي تحريڪن جي انقلابي سگهه ۽ امڪانن جو ذهن ۾ خاڪو به چٽو هجي اهو سامراج کي “رڳو” سوشلسٽ انقلابن جي چانئنٺ سمجهندو هجي؟ آڪٽوبر انقلاب کان وٺي ٻي عالمي جنگ کان پو جيڪي به انقلاب آيا اهي سوشلسٽ نه پر عوامي ۽ قومي آزادي جا انقلاب ئي هئا. تنهنڪري، سامراج ڪنهن مزدور انقلاب يا سوشلسٽ انقلاب جي چائنٺ نه پر قومي آزادي جي انقلابن جي چانئٺ هو ۽ آهي. ٻيو اهو ته ڌرتي جي گولي جو 72 سيڪڙو ۽ عالمي آباديءَ جو 70 سيڪڙو حصو بيٺڪن ۽ ڳيجهو ملڪن تي ٻڌل هو، تهنڪري، رڳو سوشلسٽ ڳنڍڻ سان اهو عالمي انقلاب ۾ بدلجي نه وڃي ها. تقريبن سڄي دنيا محڪوم قومن تي ٻڌل هئي، اتي ايندڙ انقلاب به دراصل عالمي انقلاب ئي هئا.
ظالم ۽ مظلوم قومن وچ ۾ موجود دشمناڻو تضاد، جنهن سرمائيداريءَ جي بيٺڪي پاليسيءَ جي شروعات کان وجود رکيو ٿي، سامراجي دور ۾ حقيقي طور هڪ نئين بين الاقوامي مسئلي جي صورت اختيار ڪري ويو. ٻي انٽرنيشنل جي موقعي پرستن جي ابتڙ لينن مستقل مزاجيءَ سان قومي سوال تي انقلابي روايتن کي جاري رکيو پر ظاهر آهي ته، سامراجي دور قومي رشتن ۾ جيڪو نئون مواد متعارف ڪرايو، لينن ان مواد کي ڌيان ۾ رکندي چيو ته سامراجي دور مظلوم قومن تي ٿيندڙ ظلم ۾ شدت جو دور آهي ۽ اهو انهن تي قبضي لاءِ خود سامراجي ملڪن وچ ۾ اڻٽر جنگين جو دور آهي. نيٺ ان خلاف جدوجهد ڪيئن اثرائتي ٿيندي؟ ان جواب ڏيندي لينن چئي ٿو: “سامراج خلاف بين الاقوامي سوشلسٽ انقلاب جي ويڙهه تيستائين ناممڪن آهي، جيستائين قومن جي حق خود-اراديت کي تسليم نٿو ڪيو وڃي.” هيءَ ان نتيجي تي به پهچي ٿو: “سامراجي دور ۾ بيٺڪن ۽ نيم-بيٺڪن جون قومي جنگون نه رڳو ممڪن پر اڻٽر آهن.” ان مان اهو واضح ٿئي ٿو ته لينن سامراج کي رڳو سوشلسٽ انقلابن جي چانئٺ نٿو سمجهي پر بنيادي طور ان عهد کي قومي آزادي لا ٿيندڙ جنگن جو عهد ٿو سمجهي.
جيتوڻيڪ اولهه جي تناظر ۾ لينن بوجوازي جي ترقي پسند ڪردار کان انڪار ڪري ٿو. پر ايشيا ۾ قومي آزادي جي تحريڪن جي اڳواڻي ڪندڙ بورجوازي جو سرگرم حامي لڳي ٿو. هڪ مضمون “ايشيا جاڳي پيو” ۾ هو چئي ٿو ته “ايشيا ۾ هر هنڌ عظيم جمهوري تحريڪ اسري، ڦهلجي ۽ مضبوط ٿي رهي آهي. بورجوازي اڃا رجعت خلاف عوام جي ڀر جهلي بيٺي آهي.” دراصل اهو خيال ئي لينن جو بورجوا قومپرستيءَ ڏانهن پنهنجي روئي جو بنياد پڻ هو. 1919ع ۾ اوڀر جي عوام جي ڪميونسٽ تنظيمن جي ٻي ڪل روس ڪانگريس” جي نمائندن کي هن چيو ته، “توهان کي بورجوا قومپرستيءَ تي ڀاڙڻو پوندو، جيڪا سجاڳ ٿي رهي آهي ۽ ٿيڻ به گهرجي، انهن ماڻهن ۾، ۽ جنهن کي پنهنجو تاريخي جواز آهي.” مظلوم قومن، جتي سرمائيداري اڃا پنهنجون پاڙون پختيون نه ڪيون هيون، جو حوالي ڏيندي، لينن بورجوا قومپرستيءَ لاءِ تاريخي جواز ڏسي ٿو. ڇاڪاڻ ته معروضي طور انهن قومن کي اڃا عمومي قومي فريضا سرانجام ڏيڻا هئا، جيئن جمهوري ۽ پرڏيهي ظلم جي خاتمي جا فريضا.
ايندڙ مضمون ۾ اسان ويهين صدي جي ڪجهه اهم انقلابن ۽ انهن ۾ مختلف طبقن جي ڪردار بابت لکنداسين.