سريلنڪا جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي. معيشت جي ماهرن جو فرمان آهي ته ان کان پوءِ پاڪستان ۽ نيپال جو وارو آهي. اهي معاشي ماهر يقينن آءِ ايم سان سلهاڙيل آهن. پاڪستان هجي، نيپال يا سريلنڪا، هر ڪنهن کي آءِ ايم ايف جي هدايتن تي عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي ڏوهه جي سزا ملي رهي آهي. پاڪستان هن وقت جنهن سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار آهي، ڪنهن نه ڪنهن ريت ان جو ذميوار عالمي مالياتي سامراج ۽ آءِ ايم ايف جهڙا ان جا ادارا آهن. هڪڙي زماني ۾ پاڪستان جي معاشي حالت ايتري ڀلي هئي جو اهو ٻِي مهاڀاري جنگ جي ماريل جرمنيءَ کي به مالي امداد ڏئي رهيو هو، جڏهن ته ٻئي دور ۾ اهو افغانستان جهڙن ملڪن کان به امداد وٺڻ جو مستحق بڻجي ويو آهي. اهو سڀ ان ڪري نه ته پاڪستان جا سياستدان چور ۽ ڪرپٽ آهن بلڪه اهو ان ڪري جو اقتدار انهن چور ۽ ڪرپٽ سياستدانن وٽ پر اختيار اڃان ڪنهن ٻئي وٽ رهندو آيو آهي. پارليامينٽ ۽ اقتداري ايوان کان ٻاهر ويٺل ڪجهه حد کان وڌيڪ سگهاريون ڌريون هر دور ۾ سياسي انجنيئرنگ ڪري حڪومتون جوڙينديون يا ٽوڙينديون رهيون آهن. اهو ئي سبب آهي جو سياسي سرشتي کي هلائڻ لاءِ هميشه “ادارن” جي مداخلت جي ضرورت پوندي رهي آهي.
پاڪستان جي بدقسمتي اها آهي ته هن ملڪ ۾ جمهوريت منڍ کان وٺي رهي ئي ڪانهي. پاڻ جناح صاحب جيڪو سياسي ماڊل پيش ڪيو اهو پڻ ڪنهن ريت جمهوري نه هو. قائدِ اعظم برٽش پارليامينٽ ايڪٽ 1935 مطابق ملڪ کي برطانوي پارليماني طرز تي هلائيندو رهيو. جنهن ۾ پنهنجو پاڻ کي پاڻ گورنر جنرل چونڊي پارليامينٽ کان مٿانهون بڻجي ويهي رهيو. ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان 23 سال پوءِ 1970ع ۾ ئي عام چونڊون ٿي سگهيون. انهن چونڊن جي نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان ۾ فوجي آپريشن ڪري ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو پر عوام جي ووٽ سان چونڊجي آيل پارٽيءَ کي اقتدار جي واڳ هٿن ۾ نه ڏني وئي. بهرحال، جيئن ته سموري دنيا اندر جمهوريت جو ئي هڪ نه ته ٻيو مهانڊو قابلِ قبول ۽ مروج آهي. ان ڪري اسان جي ملڪ ۾ به هر قسم جي ناڪامين ۽ خرابين باوجود ماڻهو اهو چاهيندا رهيا آهن ته جمهوري سرشتو عمل ۾ رهي. ان ڳالهه جي وضاحت ضروري ڪانهي ته جمهوريت منجهان اسان جي مراد آهي سرمائيداراڻي جمهوريت.
پاڪستان اندر جمهوريت جا تجربا به عجيب غريب رهيا آهن. مثال طور هڪڙي زماني ۾ سويلين حڪومت دوران حاضر سروس فوجي جنرل ۽ ڪمانڊر ان چيف ايوب خان کي دفاع جو وزير مقرر ڪيو ويو. ٻئي زماني ۾ وري سويلين سياستدان ذوالفقار علي ڀٽو چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي عهدي تي فائز رهيو.
دنيا جي پارليماني جمهوريتن اندر سياسي سرشتي جي ڪمزورين کي دور ڪرڻ ۽ مختلف خرابين تي نظر رکڻ لاءِ مختلف اسپيڊ بريڪر موجود آهن جيڪي اسان وٽ بلڪل ڪونهن. هن ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪير پنهنجي اختيار ۽ اقتدار جو غلط فائدو وٺڻ چاهي ته ان کي روڪڻ وارو ڪوئي ڪونهي. اينٽي ڪرپشن هجي يا نيب، پوليس هجي يا عدالت، هتي هر هڪ پنهنجو حصو وٺي روانو ٿيڻ لاءِ ويٺو آهي.
دنيا ۾ هڪڙو تصور اهو به آهي ته پڙهيل ڳڙهيل ۽ لائق ماڻهن کي چونڊي پارليامينٽ ۾ موڪليو، اهي سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڇڏيندا. پر اسان جي ملڪ ۾ جتي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو انگ پيش ڪيل سرڪاري انگن اکرن کان گھڻو گھٽ ۽ تعليمي معيار انتهائي ناقص آهي، اتي اليڪشني سياست جو حصو بڻجڻ لاءِ تعليم جي ڪنهن مخصوص سطح جو شرط رکڻ لاڳو ڪرڻ اصل ۾ ڪجهه انتهائي لائق ۽ قابل ماڻهن کي پارليامينٽ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ برابر هوندو. جهڙي نموني جنرل پرويز مشرف جي زماني ۾ ڪيو ويو هو جنهن پنهنجي ناپسنديده سياستدانن کي اقتدار کان ٻاهر رکڻ لاءِ اهو پتو استعمال ڪيو هو پر اوهان ڏٺو ته ان زماني ۾ جعلي ڊگرين جو ڪاروبار عروج تي پهچي ويو. اوهان ڏٺو ته جتي وڏيرو نااهل هو اتي سندس گهر واري، پٽ يا پوٽو اهل بڻجي پارليامينٽ ۾ ٿي ويو يعني وري به اقتدار انهن جاگيردارن وٽ ئي رهيو، جيڪي اڳ به اقتدار ڌڻي بڻيل هئا. حاصل مطلب اهو ته عوام جنهن ماڻهوءَ کي گھٽ پڙهيل ڳڙهيل يا بلڪل اڻ پڙهيل هوندي به ووٽ ڏئي چونڊي رهيو هو فوجي آمر ان کي پسند نه ٿي ڪيو پر فوجي آمر جنهن کي گريجوئيشن جي شرط سان قبوليو ٿي ان جي وري گريجوئيشن جي ڊگري جعلي هئي.
هن وقت اسٽيبلشمينٽ خوش آهي ته ان “اسان جي ڳالهه نه ٻڌڻ واري” عمران خان منجهان جان ڇڏائي ورتي آهي ۽ سٺي نواز ليگ خراب نواز ليگ کي پاڻ کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي. في الحال پاڪستان به سک جو ساهه کنيو آهي ۽ راولپنڊيءَ به. پر راولپنڊيءَ جو اندروني تضاد اڃان تائين مڪمل طور تي حل نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري عمران خان ۽ سندس ساٿين توڙي مخالفن جي مٿي ماري جاري آهي. خان صاحب جون اهي دانهون ته سندس ڪردار ڪشيءَ لاءِ سامان تيار ڪيو پيو وڃي جڏهن ته باخبر ذريعن جون اهي خبرون ته تحريڪِ انصاف جي ڪجهه انتهائي مقدس هستين جون انتهائي اعتراض جوڳيون تصويرون ۽ وڊيوز جاري ٿيڻ جو وقت ويجهو اچي ويو آهي.
عمران خان جيڪي نعرا ڏنا هئا مثال طور ڪرپشن جي خلاف جهاد. خانداني ۽ موروثي سياست جي خلاف جهاد. ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ خودمختياري حاصل ڪرڻ وغيره وغيره. اهي تصور سموري دنيا اندر مڊل ڪلاس کي متاثر ڪندا آهن. ظاهر آهي ته انهن پاڪستان ۾ به مڊل ڪلاس ۽ شهري پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن کي متاثر ڪيو. اهڙيءَ ريت سندس نئين نعري امپورٽيڊ يا چور حڪومت به شهري مڊل ڪلاس کي متاثر ڪيو آهي. شهباز شريف حڪومت وٽ بظاهر ان بيانئي جو ڪوئي ٽوڙ به ڪونهي. ان جي هڪڙي جهلڪ مسجدِ نبويءَ ۾ پيش آيل واقعي ۾ پڻ پسي سگهجي ٿي. اهو واقعو هر ڪنهن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي هئڻ گھرجي ۽ ان منجهان اهو به سمجهي وٺڻ گھرجي ته جيڪڏهن راولپنڊي شهر هڪڙي پيج تي اچڻ ۾ گھڻي دير ڪري ڇڏي ته عمران خان واقعي ڪيترو خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.
عمران خان جا حمايتي نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون ۽ پڙهيو ڳڙهيو شهري وچولو طبقو آهي جيڪو هميشه ڌرڻي، جلسي، جلوس، هل هنگامي ۽ لانگ مارچ ڪرڻ لاءِ تيار رهندو آهي. پاڪستان جي 63 سيڪڙو آبادي 15 کان 33 سالن جي وچ واري عمر جي نوجوانن تي مشتمل آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب ان نوجوان آباديءَ جو لڳ ڀڳ 8 سيڪڙو بيروزگار آهي. جيتوڻيڪ اهي انگ اکر تمام گھڻي ڪنجوسيءَ سان بيان ڪيا ويا آهن پر پوءِ به هن ملڪ جي بيروزگار نوجوانن جو انگ تمام گھڻو آهي جنهن ڪري پاڪستاني نوجوانن کي تحريڪِ انصاف ۽ تحريڪِ لبيڪ جهڙيون تنظيمون به پاڻ ڏانهن متوجهه ۽ متاثر ڪن ٿيون. انهن نوجوانن وٽ نوڪري ڀل نه هجي پر موبائيل فون ضرور اٿن. جيڪا اڄڪلهه هر قسم جي ڪاوڙ ڪڍڻ جو بهترين ۽ ڪارگر هٿيار بڻجي وئي آهي.
عمران خان جي ڪوشش اها آهي ته چونڊون وقت کان اڳ ڪرايون وڃن. جنهن لاءِ کيس اميد آهي ته هُو 2018ع وانگر ئي چونڊون کٽي وٺندو. جيڪڏهن چُونڊن جو نتيجو سندس حق ۾ آيو ته هُو پنهنجي پراڻي طريقِيڪار مطابق سياست جاري رکندو. جيڪڏهن نتيجا سندس مرضيءَ جي ابتڙ اچي ويا ته پوءِ هُو پنهنجي موجوده جذباتيت کان به وڌيڪ جذباتي ۽ شدت سان اڳيان ايندو ۽ جلسا جلوس ڌرڻا ۽ مارچ وغيره شروع ڪندو جنهن جو اظهار هن هاڻي ئي ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان جي زهريلي سياست جو نتيجو اهو آهي جو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي پنهنجي سينيئر توڙي جونيئر جنرلن اڳيان ڊگهيون وضاحتون پيش ڪرڻيون پئجي رهيون آهن.
پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ رڳو حڪومتون ئي هائبرڊ ڪونه هونديون آهن پر جمهوريت به هائبرڊ هوندي آهي. جنهن ۾ اقتدار ڀل سياسي حڪومت يا پارليامينٽ وٽ هجي پر اختيار هميشه سياسي ۽ پارلياماني ادارن کان ٻاهر هوندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جمهوريت جو مستقبل اونداهو ۽ ملڪ اندر سياسي ادارن جي ترقي ناممڪن بڻجي ويندي آهي. سياسي سرشتو ڪم ئي نه ڪري سگهندو آهي. پاڪستان ۾ سياسي انجنيئرنگ ۽ ٻاهرين مداخلت جيڪا سول حڪومتن کي ٽوڙيندي ۽ جوڙيندي رهي آهي، بار بار سامهون ايندڙ منظر رهيو آهي. نتيجي طور هتي ڪنهن به سويلين حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو نه ڪيو آهي. پاڪستاني جمهوريت لاءِ ضروري آهي ته عدالت آزاد ۽ فوج غير سياسي ڪردار واري هجي. سياسي پارٽيون جهڙي نموني سان اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ جمهوريت جون حامي آهن اهڙي طرح اهي پارٽيءَ اندر به اقتدار جي منتقلي ۽ عهدن جي ونڊ ورهاست کي جمهوري انداز سان حل ڪن. اقتداري پارٽيون جمهوريت کي رڳو اقتدار حاصل ڪرڻ جو ذريعو ئي نه پر ووٽ ڏيندڙ عوام جي خدمت جو ذريعو به سمجهن.