پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جتي هر حڪومت اهو اعلان ڪندي آهي ته اها بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ختم ڪندي. بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ڏهاڪن کان جاري آهي ۽ اهو سلسلو اڃا تائين هلندڙ آهي. ملڪ گذريل ڪافي سالن کان توانائي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن جي ڪري عوام گهڻو ڀوڳي رهيو آهي. پر ڇا بجلي هڪ اهڙو اسم آهي، جنهن جي رسائي سولي نٿي ڪري سگهجي. يا ڪي اهڙا ٻيا متبادل ذريعا ڪونه آهن، جن وسيلي بجلي پيدا ٿي سگهي. جڏهن به بجليءَ جا منصوبا تيار ڪيا ويندا آهن ته اهي ڪجهه عرصي لاءِ هلي پوءِ بند ٿي ويندا آهن يا وري اهي بجلي پيدا ڪرڻ جي قابل ڪونه رهندا آهن. پي ٽي آءِ جي حڪومت بجليءَ جي بحران کي حل ته نه ڪري سگهي پر ان ان بحران کي وڌائي ڇڏيو. جنهن جي ڪري عوام اونداهه ۾ گذارو ڪرڻ لڳو آهي پر ڪڏهن به پي ٽي آءِ جي حڪومت ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي اختيار نه ڪئي. جنهن جي ڪري اڄ شارٽ وڌيڪ نظر اچي ٿو. پي ٽي آءِ کي عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ سان دلچسپي به ڪانه هئي، تنهنڪري ان پاسي ڌيان ڪونه ڏنو. هڪ ڀيرو وري توانائي بحران وڌي ويو آهي.
رپورٽ موجب ملڪ ۾ توانائي جو بحران سنگين صورتحال اختيار ڪرڻ لڳو آهي. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 8 کان 12 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. پاور ڊويزن ذريعن موجب ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 4 هزار 432 ميگاواٽ تائين پهچي چڪو آهي. بجليءَ جي گڏيل پيداوار 21 هزار 568 ميگاواٽ، طلب 26 هزار ميگاواٽ تائين پهچي چڪي آهي. ان جي ابتڙ بجلي جي گڏيل پيداواري صلاحيت 36 هزار 39 ميگاواٽ آهي. ٻڌايو ويو آهي ته پن بجلي ذريعن کان 5 هزار 302 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. سرڪار ٿرمل پاور پلانٽس 963 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهي آهي. نجي شعبي جي بجلي گهرن جي پيداوار 12 هزار 554 ميگاواٽ آهي. ونڊ پاور پلانٽس 305 ميگاواٽ ۽ بيگاس پاور پلانٽس 164 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهي آهي. نيو ڪليئر پاور پلانٽس جي پيداوار 2 هزار 279 ميگاواٽ آهي. جڏهن ته سولر پاور پلانٽس مان بجلي جي پيداوار ٻڙي آهي. ذريعن ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ 10 ڪلاڪن تائين بجلي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. هاءِ لاسز علائقن ۾ 18 ڪلاڪن تائين بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. جڏهن توانائي بحران سنگين ٿئي ٿو ته ان سان ملڪ ۾ هلندڙ صنعتون به بيهي رهن ٿيون. ماڻهن جو روزگار به متاثر ٿئي ٿو ۽ ان کانسواءِ ماڻهن جي روزگار جا وسيلي به محدود ٿي ويندا آهن. روزمره جي زندگي ۾ بجليءَ کي ڪتب آڻيندڙ ماڻهو به پريشان ٿين ٿا ۽ اهي ذهني توڙي جسماني طور پريشان ٿيڻ لڳن ٿا. هن وقت دنيا بجلي جا متبادل ڳولي چڪي آهي، جنهن ۾ سولر پلانٽس توڙي هوا ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي پر اسان وٽ اڃا تائين سولر پلانٽس محدود پئماني تي استعمال ٿي رهيا آهن، جڏهن ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن ۾ سولر بجلي گهر هلائڻ جي گهڻي گنجائش آهي ۽ ان کانسواءِ ان کي گهرن ۾ به وڏئي پئماني تي استعمال ڪري سگهجي ٿو.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪي حڪومت جي اها دعويٰ غلط آهي ته ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي آهي. هيڏي وڏي شارٽ فال کان پوءِ ڇا بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم چئي سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ ته اڄ به شهرن ۾ 10 ڪلاڪ ۽ ٻهراڙين 18 ڪلاڪ بجلي ناهي. اهڙي حالت ۾ ماڻهو پنهنجي زندگي ڪيئن گذاري رهيا آهن، ان جو اندازو حڪمران جماعت کي هجڻ گهرجي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بجليءَ جا متبادل منصوبا ترت شروع ڪيا وڃن ته جيئن بجلي جي لوڊشيڊنگ مان جان ڇٽي سگهي ۽ عوام لاءِ به ڪي آسانيون پيدا ٿي سگهن. بي صورت ۾ ايندڙ وقت ۾ اها لوڊشيڊنگ اڃا وڌي ويندي آهي بجلي نالي ماتر به نه هوندي.