(ن) ليگ قيادت جي لنڊن اجلاس کانپوءِ اها ڳالهه واضح ٿي ڪري سامهون اچي وئي ته عمران خان جي ارادن تي پاڻي ڦيرڻ لاءِ هڪ طرف قدم کنيا ويندا ۽ ٻئي طرف عوام کي رليف ڏيڻ سان گڏ معاشي چيليجز کي منهن ڏنو ويندو. ان حوالي سان سرڪاري توڙي ذاتي لاڳاپن کي استعمال ڪري ملڪ ۾ استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، موجوده حڪمرانن کي ڪاميابي ڪيتري ٿئي ٿي؟ مستقبل قريب ۾ خبر پئجي ويندي.
لنڊن ۾ (ن) ليگ قيادت جي اجلاس جي حوالي سان چيو پيو وڃي ته اتحادي ايترا به بااختيار ناهن جو اهي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري سگهن ۽ انهن کي پرڏيهه ۾ گهرائي هدايتون جاري ڪيون وڃن پيون. اهي خبرون به آيون ته لنڊن ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، ان ۾ مک ايجنڊا نواز شريف جا ڪيس ختم ڪري کيس ڏيهه آڻڻ آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابيءَ جي صورت ۾ نواز شريف چوٿون ڀيرو وزير اعظم ٿيندو. نتيجا ڪهڙا اچن ٿا؟ انهن بابت ڪا اڳڪٿي ڪري نٿي سگهجي، ڇاڪاڻ ته تقريبن ڏيڍ سال پيو آهي، ان دوران اتحادي حڪومت ڪامياب ٿئي ٿي يا ناڪام، ان جو فيصلو هينئر ڪري نٿو سگهجي. ها ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته بقول معاشي ماهر حفيظ پاشا ۽ قيصر بنگالي جي ته ملڪ جي عوام جي مستقبل جا فيصلا سياسي حڪومتون ڪري نٿيون سگهن، جيڪي فيصلا عمران خان ڪرڻ گهريا پئي اهي ته تباهي کانسواءِ ڪجهه به نه هئا، پر موجوده حڪمران به آءِ ايم ايف جي شرطن مطابق فيصلا ڪري نٿا سگهن. ان ڪري جيترو جلد ٿي سگهي نگران سيٽ اپ آڻي، نه صرف نيون چونڊون ڪرايون وڃن پر اڻ چونڊيل ۽ ٽيڪنوڪريٽس حڪومت کان اهڙا فيصلا ڪرايا وڃن، جن سان عام ماڻهوءَ جي ابتي کل لاٿي وڃي! اهي خبرون به آيون پئي ته نئين نگران سيٽ اپ جو سربراهه حفيظ پاشا ئي هوندو، ان ڪري هو پنهنجي ايجنڊا کي عوام تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. بقول پاشا جي سخت فيصلا ڪرڻ لاءِ پهرين فرصت ۾ عالمي مالياتي فنڊ سان نئون ٺاهه ڪرڻو آهي، جنهن تحت بقول انهن جي ته ملڪ کي ڏيوالي نڪرڻ کان بچايو ويندو. ان کانپوءِ عالمي مالياتي ادارن جي دٻاءُ تحت نه صرف پيٽروليم جي شين جي اگهه ۾ واڌ ڪئي ويندي، پر بجلي سميت سموريون يوٽيلٽيز جي اگهن ۾ اضافو ڪيو ويندو. هي معاشي ماهر ٻڌائين ٿا ته اسٽيٽ بينڪ وٽ جيڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا موجود آهن، انهن مان ٽي ارب سعودي عرب، ٽي ارب چين ۽ ٻه ارب ڊالر گڏيل عرب امارتن جا آهن. باقي ٻه کان ٽي ارب ڊالر پاڪستان جا آهن،جنهن سان معاشي مشڪلاتن جو خطرو وڌيڪ آهي.
جنهن قسم جو بدترين معاشي منظرنامو پيش ڪيو پيو وڃي، چون ٿا ته صورتحال ان کان به خراب ٿي سگهي ٿي. پر عوام جيڪو عمران خان ۽ عالمي مالياتي ادارن جي دور ۾ مهانگائي جي عذاب کي ڀوڳي رهيو هو، موجوده اتحادي سيٽ اپ کي ان ڪري موقعو ڏنو ويو ته جيئن اهو صورتحال کي بهتر بڻائي سگهي. موجوده سيٽ اپ ۾ شامل اڪثر اڳواڻن جو خيال آهي ته هو ملڪ کي معاشي بحران مان ٻاهر ڪڍي وٺندا، هنن جو تجربو ۽ واسطا معاملن کي بهتر بڻائي وٺندا. پر جيڪڏهن ائين نٿو ٿئي ۽ عوام کي نگران حڪمرانن جي وات ۾ وڌو وڃي ٿو ته صورتحال انتهائي ڳنڀير ٿي سگهي ٿي. ان سان رڳو عام ماڻهوءَ جو ئي نقصان نه ٿيندو، پر موجوده سياسي قيادت جو مستقبل به اونداهو ٿي ويندو ۽ ان جي نتيجي ۾ عمران خان جي حڪومت اچڻ جا امڪان ته وري به پيدا نه ٿيندا، پر ڊگهي عرصي تائين معاشي ايمرجنسي لاڳو ٿي سگهي ٿي يا وري ون مين آرمي جي حڪومت ٿي سگهي ٿي ۽ اهڙو ماڊل بنگلاديش ۾ اڳ ئي آزمائجي چڪو آهي.
هن ملڪ جي عوام جي ڀلائي لاءِ يقينن اهڙو ڪوبه ماڊل قابل قبول ٿي نٿو سگهي، جيڪو عوام جي راءِ کان وانجهيل هجي. اهي جيڪي پاڻ کي “نيوٽرل” قرار ڏيندا رهيا آهن، اهي به مستقبل جي سيٽ اپ جو حصو ٿي سگهن ٿا ۽ هونئن به ملڪ ۾ اهڙي ڪابه حڪومت نه رهي آهي، جنهن ۾ شامل نه رهيا هجن. ايترو ضرور آهي ته سياسي حڪومتن ۾ انهن جو ڪردار محدود ٿي ويندو آهي، پر عمران خان جي هائبرڊ رجيم ۾ بادشاهه سلامت ڪپڙن کان آجو نظر آيو. سڀني ڏٺو ته ڪيئن بقول عمران خان جي ڌريون هڪ پيج تي اچي ويون هيون، ان جي باوجود حڪومتي سيٽ اپ ڪامياب ٿي نه سگهيو. هاڻ جڏهن ساڳي پيج تي موجود قوتون ناڪام ٿي ويون ته اتحادي حڪومت کي چيو ويو ته اها پنهنجي ٻانهن جو ٻل ڏيکاري. موجوده دور ۾ اهم قوتون ڪابه ذميواري سنڀالڻ لاءِ تيار نظر نٿيون اچن. هو سمجهن ٿيون ته اهي عمران خان جي بيگيج کي ڪلهو ڏئي نٿيون سگهن ۽ نه ئي وري موجوده اتحادي حڪمرانن جي ڪنهن ڪم اچي سگهن ٿا. هي تاثر به سامهون آيو آهي ته اتحادي حڪومت سمجهي ٿي ته انهن کي ڪنهن به اهڙي قوت جي ضرورت ناهي، جنهن جو نالو وٺي چيو وڃي ته انهن جي ڪاميابي اسٽيبلشمينٽ جي لاڳاپن جو نتيجو آهي. اتحادي سمورو ڪريڊٽ پنهنجي سر کڻڻ گهرن ٿا.
مڙني ڳالهين جي باوجود سڀني ڏٺو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي واشنگٽن ياترا کان اڳ آءِ ايس آءِ جو چيف آمريڪا ويو ۽ هن سمورن سلامتي جي معاملن کي طئي ڪرڻ لاءِ آمريڪي انتظاميا اڳيان مليٽري اسٽيبلشمينٽ جو موقف رکيو. ان کان اڳ ۾ عمران خان جي حڪومت دور ۾ به ساڳي اداري جي سربراهه، ان وقت جي پرڏيهي وزير اعظم ۽ سلامتيءَ جي معاملن جي صلاحڪار بائيڊن انتظاميا سان ملاقاتون ڪيون هيون. پر هن ڀيري اتحادي حڪومت پنهنجي ليکي معاملا طئي ڪرڻ گهري ٿي، پر هن دوري مان ته محسوس ڪري سگهجي ٿو ته هاڻ ته سياسي توڙي فوجي قيادت معاملن کي گڏيل طور حل ڪرڻ گهري ٿي. فرق ايترو هوندو ته ماضي جي حڪمرانن جي ابتڙ موجوده اتحادين جا بائيڊن انتظاميا سان ويجها واسطا آهن، بائيڊن انتظاميا کي به موجوده حڪمرانن سان ڳالهائڻ ۾ آساني ٿي سگهي ٿي. ان ۾ حقيقت به آهي ته بقول آصف زرداريءَ جي ته انهن جا آمريڪي صدر سان ذاتي نوعيت جا به لاڳاپا آهن. عالمي فرنٽ تي اتحادين کي پنهنجا پراڻا لڳ لاڳاپا ڪم اچي سگهن ٿا، پر انهن کي عمران خان جي حڪومت جو انتهائي ڳرو ٻوجهه به مليو آهي، جيڪو کڻڻ ڪا اڪ جي ماکي ناهي.
موجوده اتحادي حڪومت کي پرڏيهي فرنٽ تي جيترا گهڻا اشوز حل ڪرڻا آهن، اوترا ئي کين معاشي چيلينجز به آهن، پر سڀني کان وڏو اشو داخلي آهي، جنهن ۾ عمران خان جي احتجاجي سياست سرفهرست آهي. عمران خان جنهن نوعيت جي ٻولي ڳالهائي ٿو، خاص ڪري سيڪيورٽي ادارن جي حوالي سان، انهن جو نوٽيس نه وٺڻ يا ڪن لاٽار ڪرڻ مان سمجهي سگهجي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ، اتحادي حڪومت کي دٻاءُ ۾ رکڻ گهري ٿي. عمران خان جو احتجاج ۽ الزام سمورا واڳ ڌڻين جي طاقت ۾ اضافو ڪن ٿا، جيڪا ڳالهه انهن کي سمجهه ۾ اچي ٿي يا نه؟ عمران خان پنهنجن بيان جي حوالي سان لڳاتار يوٽرن وٺي رهيو آهي، پر ان جو ليفٽيننٽ فواد چوڌري شاهه کان وڌيڪ شاهه جي وفادار جو ڪردار نڀائي رهيو آهي. ان سان فائدو ڪنهن کي ۽ نقصان ڪهڙي ڌر کي ٿيندو، اهو به ٿوري عرصي اندر سامهون اچي ويندو. پر في الحال عمران خان، کي محدود ڪرڻ لاءِ هڪڙو ئي گهرو وزير راڻا ثناءُالله ڪافي نظر اچي رهيو آهي، ان ۾ خطرو به آهي ته ڪٿي ڳالهه اوستائين نه پهچي وڃي، جتي لاهور ۾ طاهر القادري جي ڪارڪنن جي مارجڻ تائين پهتي هئي. اها صورتحال وڌيڪ معاملي کي الجهائيندي. ان ڪري ڪنهن هڪ شخص کي آزاد ڇڏڻ يا ان کي ڊگهي رسي ڏيڻ لاءِ بهتري بدران خرابي پيدا ٿي سگهي ٿي. ان ڪري ضروري آهي ته اتحادي حڪومت کي الرٽ ٿيڻ گهرجي، جيئن ڪا به اڻ وڻندڙ صورتحال پيدا نه ٿئي. موجوده اتحادي سياسي سوچ رکن ٿا، انهن کي عمران خان کي سياسي انداز ۾ Engage رکڻ واري آپشن تي به سوچڻ گهرجي، پوءِ ڇو نه ان جو ڪوبه نتيجو نه نڪري. ڇاڪاڻ ته عمران خان جي سياسي ڪيمسٽري اهڙي آهي، جيڪا هن کي سرچاءُ واري سوچ طرف وٺي نه ويندي.
اتحادي حڪومت کي راڻا ثناءُالله جي ان سوچ تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عمران خان 20 لک ته ڇا پر 12 ماڻهو به اسلام آباد جي ڌرڻي ۾ وٺي نه ويندو. ان حوالي سان ٻئي ڌر کي سوچڻ گهرجي ته نيون عام چونڊون ته اڄ يا سڀاڻي ٿيڻيون آهن، پر جيڪڏهن انهن کي ناڪامي ٿئي ٿي ته انهن جو نئون لائحه عمل ڪهڙو هوندو؟ اتحادين کي جيتريون مشڪلاتون هينئر آهن، مستقبل ۾ به اوتريون ئي هونديون. جيڪڏهن هي ملڪ سڀني جو آهي ته ٻنهي ڌرين کي پنهنجي سياسي حڪمت عملي تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي. ائين نه ڪرڻ سان نقصان عام ماڻهوءَ جو ئي ٿيندو، جيڪو اڳ عمران خان جي ڏنل ڏنڀن کي چٽي رهيو آهي ۽ اهو وڌيڪ مهانگائيءَ کي منهن ڏيڻ جي پوزيشن ۾ به ناهي.