سوشل ميڊيا جي مقبوليت وقت سان گڏ گهٽجڻ بدران وڌي رهي آهي. هاڻي اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته هي سلسلو ايندڙ وقت ۾ سرس ٿيندو. ان ۾ اڃان به گهڻو واڌارو ايندو. ڇو ته هڪ وقت اهڙو هو، جڏهن سرڪار ۽ سياسي ڌريون سوشل ميڊيا جو ذڪر ڪرڻ به پنهنجي شان جي خلاف سمجهنديون هيون پر اهو وقت هاڻي ناهي. هن وقت سرڪار توڙي سياسي پارٽين پاڻ اهو تسليم ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا هڪ وڏي قوت جو نالو آهي. جيڪا ڌر سوشل ميڊيا کي تسيلم نه ٿي ڪري، ان کي سمجهدار نه ٿو سمجهيو وڃي. ڇو ته ملڪ جي هر پارٽيءَ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پنهنجا سوشل ميڊيا سيل قائم ڪيا آهن. ان حد تائين ته اهي پارٽيون جيڪي مذهبي حوالي سان بنيادپرست سمجهيون وينديون هيون، انهن به سوشل ميڊيا کي ڀرپور طرح سان استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪجهه مذهبي ماڻهن کي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو مقبول ڏسي شدت سان محسوس ٿيندو آهي ته جيترو سوشل ميڊيا کي انهن حلقن استعمال ڪيو آهي ۽ جيترو سوشل ميڊيا جو انهن ماڻهن فائدو ورتو آهي، ايترو ته هن مهل تائين ترقي پسندن به نه ورتو آهي.
پاڪستان جي هر سياسي پارٽيءَ جو اڳواڻ پنهنجو ۽ پنهنجي پارٽيءَ جو ٽوئٽر اڪائونٽ هلائي ٿو ۽ اتان ئي ملڪ جي روايتي ميڊيا ان پارٽيءَ جي پاليسيءَ جو اندازو ڪري ٿي. جڏهن ته نه صرف ٽوئٽر پر فيس بڪ توڙي انسٽاگرام تي به سياسي پارٽيون پنهنجي مهم هلائين ٿيون. منهنجي نظر ۾ اها ڳالهه ڪنهن به طرح سان غلط ناهي. ڇو ته اصل مسئلو ته ماڻهن تائين پنهنجو پيغام ۽ پنهنجي سوچ پهچائڻ هوندي آهي. جڏهن مقصد اهو آهي ته پوءِ سوشل ميڊيا کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو چينل ٿي سگهي ٿو. سوشل ميڊيا تمام گهڻي تيز ۽ وڌ کان وڌ ماڻهن جي نظر ۾ ايندڙ ميڊيا آهي. هيءَ اها ميڊيا آهي، جيڪا ميڊيا جي پراڻن ذريعن کي پوئتي ڇڏي وئي آهي. ميڊيا جا پراڻا ذريعا ته الڳ رهيا پر اسان جي تجربي مان گذريو آهي ته سوشل ميڊيا ڪجهه معاملن ۾ سياسي ڌرين کان وڌيڪ سگهارو ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ڇو ته گهڻا معاملا اهڙا آهن، جن تي سوشل ميڊيا جي ڪري ئي ماڻهن کي حق ۽ انصاف مليو آهي. جيڪڏهن سوشل ميڊيا نه هجي ها ته شايد ماڻهن کي ان حد تائين انصاف پلئه نه پئجي سگهي ها.
سوشل ميڊيا جتي سياسي پارٽين ۽ سرڪاري ڌرين جي لاءِ پاڻ پڏائڻ جو سهارو آهي، اتي اهي حلقا سوشل ميڊيا سبب سخت دٻاءَ جي هيٺ به اچن ٿا ۽ اهڙيون ڳالهيون تسليم ڪن ٿا، جيڪي هوند ڪنهن به طرح سان تسليم ڪرڻ جهڙيون نه هجن ها. جڏهن سرڪار ڏسندي آهي ته سوشل ميڊيا جو ٽرينڊ وقت سان ڪمزور ٿيڻ بدران ڀرپور بڻجي رهيو آهي ته انهن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا راهه نظر نه ايندي آهي. ان سلسلي ۾ اسان کي اهو به نظر آيو آهي ته نه رڳو سياسي پارٽيون يا سرڪاري ڌريون پر ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۾ به سوشل ميڊيا جي دٻاءَ کي محسوس ڪري ٿي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته ملڪ ۾ ڪيترائي بلاگر ۽ يوٽيوبز جيڪي اسٽيبلشمينٽ جا مخالف هوندا آهن، انهن کي اسٽيبلشمينٽ جي مهمانيءَ جو مزو وٺڻو پوندو آهي. هن وقت اسٽيبلشمينٽ جا الڳ سيل آهن، جيڪي سوشل ميڊيا کي مانيٽر ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ اسٽيبلشمينٽ جو دفاع ڪن ٿا.
ملڪن جي اسٽبلشمينٽ ته الڳ رهي پر اسان جيڪو ڪجهه پڙهون ٿا ۽ جيڪو ڪجهه اسان جي علم ۾ اچي ٿو، ان مان ته اهو به معلوم ٿئي ٿو ته نه صرف ملڪي اسٽبلشمينٽ پر عالمي اسٽيبلشمينٽ به عالمي سياست ۾ سوشل ميڊيا کي ڀرپور طرح سان استعمال ڪري ٿي. اڳ ۾ ملڪ هڪ ٻئي جي خلاف بمن ۽ بارودن سان حملا ڪندا هئا پر هاڻي اهي به سوشل ميڊيا کي استعمال ڪري پنهنجن مخالف ملڪن جي مفادن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جيڪا ڪشمڪش جاري آهي، ان جو وڏو ميدان سوشل ميڊيا به آهي. سوشل ميڊيا تي ملڪ هڪ ٻئي جو مقابلو ڪن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ڪٿان معلوم ٿيندو آهي ته هڪڙن ملڪن جا پنهنجن مخالف ملڪن خلاف سون جي تعداد ۾ سوشل ميڊيا سيل آهن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان مخالف ملڪ جي مٿان ڪو نه ڪو حملو ڪرڻ ۾ مصروف عمل رهن ٿا. ان مان سمجهڻ گهرجي ته سوشل ميڊيا جي ڪيتري اهميت آهي. اسان کي اها ڳالهه به نظر ۾ رکڻي پوندي ته جيڪڏهن سوشل ميڊيا سبب اڄ حالتون اهو رخ اختيار ڪري بيٺيون آهن ته سڀاڻي انهن جو انداز ڪهڙو هوندو. ان مان اسان کي اهو پيغام ملي ٿو ته اسان هاڻي کان وٺي سوشل ميڊيا کي سنجيدگيءَ سان وٺون. ڇو ته ايندڙ وقت نه رڳو سوشل ميڊيا جي وڌيڪ مضبوطيءَ جو آهي پر ان وقت ۾ اسان جي مفادن جي تحفظ جي سلسلي ۾ سوشل ميڊيا کي تمام گهڻي اهميت ملندي ۽ جيڪڏهن اسان هن وقت پنهنجا پير سوشل ميڊيا جي ميدان تي مضبوط نه ڪيا ته ان وقت اسان کي ڪيتري نه تڪليف ايندي. هونءَ به سوشل ميڊيا جي سلسلي ۾ اهو چيو وڃي ٿو ته سوشل ميڊيا نوجوانن جي لاءِ تمام گهڻي آسان آهي. اسان کي سوشل ميڊيا جي باري ۾ پنهنجي سوچ توڙي پنهنجي عمل کي گهڻو وقتائتو بڻائڻو پوندو.
سوشل ميڊيا جي باري ۾ اسان اهميت به بيان ڪئي ۽ اسان اهو به ڊسڪس ڪيو ته ايندڙ وقت ۾ سوشل ميڊيا اسان جي اجتماعي ۽ قومي زندگيءَ جي سلسلي ۾ ڪيتري نه اهم هوندي پر جڏهن اسان هن مهل پنهنجن ماڻهن جو سوشل ميڊيا تي ڪردار ڏسون ٿا ته اسان کي واقعي تمام گهڻو افسوس ۽ انتهائي تشويش محسوس ٿئي ٿي. ڇو ته ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ اسان جا ماڻهو سوشل ميڊيا تي سنجيدگيءَ جو مظاهرو بلڪل به نه ٿا ڪن. اسان جي ماڻهن سوشل ميڊيا کي مشڪري، مذاق ۽ غيرسنجيدگيءَ جو هڪ اهڙو موضوع سمجهي ڇڏيو آهي، جنهن کي ڪنهن به طرح سان سيرئس وٺڻ جو ڪٿان به ڪو اشارو نظر نه ٿو اچي. جڏهن ته اسان جي لاءِ اهو رجحان تمام گهڻو افسوس وارو آهي. ان سلسلي ۾ اسان کي اهو به سمجهڻو پوندو ته جيڪڏهن اسان سنجيدگيءَ جو نالو وٺون ٿا ته ان جو اهو مطلب هرگز نه هجڻ گهرجي ته اسان ڪنهن به طرح سان کل ڀوڳ يا مشڪري مذاق جا مخالف آهيون. اسان کي اهو احساس هجڻ گهرجي ته جيڪا قوم کلي نه ٿي سگهي، اها قوم ڪنهن به طرح سان زنده دل نه هوندي. زنده دليءَ جو قوم ۾ هجڻ ڪيترو نه ضروري آهي؟ ان سوال جو جواب ڏيڻ سان آئون پاڻ کي قومي عقل جي توهين ڪندڙ سمجهان ٿو. مان مڃان ٿو ته هر وقت منهن سڄائي ويهڻ ۽ هر وقت پنهنجي مٿان سنجيدگيءَ جو نقاب چاڙهي هلڻ وارو عمل تمام برو آهي. اهو ڪو فطري عمل ناهي. ڇو ته انسان کي هر وقت سنجيدگيءَ جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي. انسان کي وقت ڪڍڻ گهرجي ته هو ڪجهه کلي ۽ ڪجهه اهڙو عمل ڪري جنهن سان هن جي روح ۾ ڪو تازو هوا جو جهوٽو اچي. ان ڪري زندگيءَ ۾ صرف پنهنجي مٿان هٿرادو سنجيدگيءَ جو خول چاڙهي هلڻ به خطرناڪ آهي. پر ان جو مطلب اهو نه هجڻ گهرجي ته اسان هر وقت غيرسنجيده هجون ۽ اسان ڪنهن به شيءَ جي باري ۾ سيريئس نه ٿيون. انسان کي توازن ۾ هجڻ گهرجي. هن کي ڪجهه وقت سنجيده ۽ ڪجهه وقت غيرسنجيده هجڻ گهرجي. جهڙي طرح هر وقت جي سنجيدگي سٺي ناهي، تهڙي طرح هر وقت جي غيرسنجدگي به سٺي ناهي. ان حوالي سان اها تمام گهڻي افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو گهاٽو پاڇو غيرسنجيدگيءَ جو آهي. جنهن وقت به اسان سوشل ميڊيا ڏسون ٿا، اسان کي ڪا نه ڪا مشڪري ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڇا اهو عمل سوشل ميڊيا جي اهميت کي گهٽائڻ جو سبب نه ٿو بڻجي؟ جيڪڏهن اسان سمجهون ٿا ته اسان سوشل ميڊيا واقعي به اهم آهي ته اسان کي ڪجهه وقت ڪڍي سوشل ميڊيا تي سنجيدگيءَ جو به مظاهرو ڪرڻ گهرجي. ڇو ته سنڌ تمام گهڻي وقت کان وٺي اهڙن مسئلن ۾ ڦاٿل آهي جو هن کي انهن مان نڪرڻ جي لاءِ سنجيدگيءَ جي واٽ وٺڻي پوندي. جيڪڏهن سنڌ اها واٽ نه ورتي ته ان جي غيرسنجيدگي مشڪل جو سبب بڻجي ويندي.