اسان ھن ملڪ پاڪستان جا ڪروڙين مسڪين ماڻهو سالن کان وٺي ھان ڏاريندڙ ۽ جگر جيرا جلائيندڙ خبرون ٻڌي ٻڌي ۽ ٽيليويزن اسڪرين تي ڏسي ڏسي جيئري ئي مري ويا آهيون. جڏهن به ڪا نئين خبر اچي ٿي ته ان جي رڳو بوتل نئين ھوندي آھي پر ان بوتل ۾ دوا درمل جو نسخو ساڳيو ئي پراڻو، ھزارين ڀيرا ورجايل ۽ روح کي رنجائيندڙ اھو ئي جملو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته،
“پاڪستان بنھه نازڪ صورتحال ۾ ڦاٿل آهي”
اسان جي ملڪ جي اھا نازڪ صورتحال نسل در نسل پورھيت عوام ۽ ھاري ناري ته ٻڌندا ۽ ڏسندا رهيا پر حالت شايد ايڏي ته نازڪ آهي جو ان ۾ ڪنگال حڪمران اسٽيل ٺاهيندڙ ڪارخانن، شگر ملز، پيٽرول پمپ نه پر پيٽرول جي ذخيرن، اناج وارن شاھي گودامن، ساريون ڇڙيندڙ سيلرن، لکين ايڪڙ سرڪاري زمينن، ستر ستر ماڙ محلاتن، دبئي کان وٺي يورپ ۽ آمريڪا جي بينڪن ۾ لڪايل چوريءَ جي خزانن ۽ سري لنڪا وانگر بد کان بدترين ٿي ويل معيشت تي به راڄ ڪرڻ لاءِ پنھنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي اقتدار ڏيارڻ خاطر پنڊي جي چانئٺ پيا چٽين.
سري لنڪا به اسان جي ملڪ وانگر ٿرڊ ورلڊ جو هڪڙو ننڍڙو ملڪ آهي جتي ھڪ شخص جي خانداني حڪومت ۾ ٿيل ڦرلٽ جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته بيروزگاريءَ ۽ مھانگائي جا ستايل غريب مسڪين ماڻهو گذريل ھفتي کان وزير اعظم ھائوس ۽ ٻين ڪيترين ئي سرڪاري ملڪيتن کي باهيون ڏيئي ساڙي ڇڏيو آهي. عوامي نفرت ۽ ڪاوڙ جو ھڪڙو منظر مون اڄ ٿرپارڪر جھڙي امن پسند علائقي جي تعليمي زيور سان سينگاريل شهر ۾ ڏٺو جنهن سان دل باغ بهار ٿي ويئي آهي. ھي ڏيپلو شھر آھي.
ڏيپلي جي تاريخ ۾ شايد پھريون دفعو پڙھيل لکيل جوانن ٽائرن کي ساڙي، مچ ٻاري، کين پنهنجي ميرٽ مطابق گذريل سال کان پرائمري اسڪول ٽيچرس جا ليٽر آف اپائنٽمنٽ نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو آهي.
اسان گھڻو ڪري ڏسندا آهيون ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ھرھڪ ضلعي ۾ امتحان پاس ڪرڻ وارن اميدوارن کي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي واسطيدار آفيسرن بدران ان ضلعي ھيڊ ڪوارٽر واري شهر ۾ پ پ جي بي لڇڻن ۽ ڪرپٽ ليڊرن ھٿان اھڙا ليٽر ڏياري رهي آهي ته جيئن واسطيدار اميدوار سڄي ڄمار سندن ٿورائتو بڻجي رهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ کين ووٽ به ڏئي. بڇڙائي جون حدون لتاڙڻ لاءِ ھڪڙو ليٽر مھل پندرھن سورھن پ پ اڳواڻ ۽ ڪامورا ميڊيا وارن کان اھڙي طرح تصويرون ڪڍائين ٿا ڄڻ ته ھنن اپائنٽ ٿيندڙ استادن کي پنهنجي گھران ھر مھيني پگھار ڏيندا. شرم ناهي، ٻيو سڀ ڪجهه آهي. استادن جي مقرريءَ ۾ جھڙي ريت حڪمرانن ميرٽ جي لتاڙ ڪئي آهي ان جو ماضيءَ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. حيرت آهي ته جن اميدوارن لکت واري ٽيسٽ ۾ پنجاھه کان وڌيڪ مارڪون کنيون انھن کي سندن ميرٽ مطابق حق ڏيڻ بدران “ھارڊ ايرياز” جي بھاني وزيرن ڪبيرن پنهنجن پنهنجن چونڊ تڪن ۾ اپائنٽمنٽ ليٽر جاري ڪري پنهنجي اليڪشن مهم ھلائي آهي جيڪا نه رڳو غير قانوني ۽ ناجائز آهي پر غير اخلاقي پڻ آهي. پر حڪمرانن تعليمي ادارن ۾ اخلاقي اصولن جي جيتري ڀڃڪڙي ڪئي آهي اھا به چالاڪي ۽ مڪاري سان ڀريل آهي. مثال طور آغا خان يونيورسٽي اسپتال ويجهو سنڌين بلوچن جي قديم آبادي واري علائقي ۾ يعني وچ شھر ڪراچيءَ جي شانتي نگر ۾ ھڪ سئو سال پراڻو ماڻڪ مائي اسڪول ھڪ بلڊر کي لڪ ڇپ ۾ کپائي ڇڏيو اٿن، جنھن جي زمين جو ملھه سوشل ميڊيا تي اربين روپيا ڄاڻايو ويو آهي. ان غير قانوني ڪم لاءِ ڏيڍ مهينو اڳ ھڪ بلڊر کي آچر واري موڪل جي ڏينهن تي اھو اسڪول ۽ ان جو وڏو ميدان ڏيکارڻ لاءِ شانتي نگر ويا. ھنن ڀانئيو ھوندو ته موڪل جو ڏينهن آهي تنهن ڪري اسڪولي ٻار به ڪونه ھوندا ۽ نه ئي استاد يا ٻيو ڪو اسٽاف وارو، سو ھي پلاٽ وڪرو ڪري سنڌ جي اصل حاڪم کي اربين روپيا بلڊر کان ڏيارينداسين ته اسان جي به نوڪري پڪي ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ تعليم کاتي جي ڀينگ ڪرڻ لاءِ سڀ دروازا کلي پوندا. جيتوڻيڪ انھي واقعي جي ويڊيو ٺاھي ڪجھه پاڙيسرين وائرل ڪري ڇڏي هئي پر سنڌ جا حڪمران اھڙي ڪنھن به احتجاجي ويڊيو جي پرواهه نه ڪندا آهن ڇو ته ھو سنڌين جي قومي ادارن ۽ ملڪيتن کي پنهنجن ابن ڏاڏن جو مال سمجهي وڪڻي ڇڏڻ جي عادت کان مجبور آهن.
اڄ به سوشل ميڊيا تي مون ھڪ نئون اڏيل اسڪول ڏٺو جيڪو ڏھن سالن کان رڳو انھي ڪارڻ بند پيل آھي ته تعليم کاتي جا چڱا مڙس اتي استاد مقرر ڪرڻ کان لنوائي رهيا آهن. غضب ڏسو ته جتي اسڪول قائم ڪيا ويا آهن اتي استاد ناھن پر جتي استاد آهن اتي اسڪولن بدران وڻن ھيٺان جھوپڙين ۾ ٻار پڙهندي ڏسون ٿا. ھيڏي وڏي بد انتظامي اڳ ۾ ته ڪڏهن به ڪونه ھئي جيڪا پيپلز پارٽيءَ جي بدترين حڪمرانيءَ ۾ ڏسون ٿا پيا.
ڏھن سالن کان بند پيل ھي شاندار اسڪول امن آباد نالي ھڪ ننڍڙي شهر جي ماڻهن قائم علي شاهه کي منٿ ميڙ ڪري ٺھرايو ھو پر اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي سوين اسڪولن جيان ويران ۽ ڀڙڀانگ آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ سرڪار اتي ٻارن کي پڙهائڻ واسطي استاد ڀرتي ڪرڻ جو ارادو نه ٿي رکي!
حيرت ۾ وجهندڙ حقيقت ھي آهي ته شاگردن ۽ استادن پاران وڌ ۾ وڌ احتجاج ٿرپارڪر ضلعي ۾ ٿي رهيا آهن. تازو سنڌ سرڪار پاران ھاير سيڪنڊري اسڪولن ۾ شاگردن کان ڳاٽي ٽوڙ فيسون وٺڻ جي فيصلي خلاف پڻ صادق فقير بوائٔز ڊگري ڪاليج جي شاگردن پاران ڪاليج گيٽ کان مٺي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي اڀ ڏاريندڙ نعرا ھنيا ويا. شاگرد اڳواڻن ڪشور جئپال، لو لکاڻي، دسرت جئپال، اجيم داس، فھيم جھنجھي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته مفت ۾ تعليم ڏيڻ جي دعويدار سنڌ حڪومت پاران ھأير سيڪنڊري جي شاگردن کان ڳريون فيسون اوڳاڙڻ جو عمل غيرقانوني ۽ شاگرد دشمن آهي.
پاڪستان جي آئين مطابق ھر شاگرد کي ھاير سيڪنڊري تائين مفت تعليم ڏيڻ حڪومت جو فرض آهي جنهن جي ابتڙ سنڌ جي سڀني ھاير سيڪنڊري ادارن ۾ 2500 کان 3000 تائين فيس ورتي پئي وڃي.
شاگردن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اسان سمجھون ٿا ته ھي عمل محنتي غريب ۽ مسڪين شاگردن کي پوئتي ڌڪڻ جي سازش آهي جنهن کي ڪنهن به حالت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. اسان جو سنڌ حڪومت کان مطالبو آهي ته فيسون وٺڻ جو فيصلو ھڪدم واپس وٺي ورتل فيسون پڻ واپس ڪيون وڃن. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائي مٺي جا مين روڊ بند ڪيا ويندا.
ساڳي ريت سنڌ جي يونيورسٽين ۾ پڻ جنهن ظالماڻي طريقي سان فيس وڌائي غريب مائٽن جي اولاد کي مجبور ڪيو پيو وڃي سو به نندڻ جوڳو عمل آهي. سنڌ يونيورسٽي مختلف شهرن ۾ پنھنجا جيڪي ڪئمپس قائم ڪيا آهن تن ۾ اقربا پروري جي ڏاڍي دانھن ٻُڌڻ ۾ اچي رهي آهي. قابل احترام استادن جي جاءِ تي ڏوھاري ذھنيت جا ايڊمنسٽريٽر ۽ پرو وائيس چانسلر مقرر ڪري ادارن کي ٺاهڻ کان اڳ ۾ سياسي سفارشن تي ڊاھڻ جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي. مثال طور دادو ڪئمپس ۾ ناميارو استاد اظھر علي شاھه پرو وائيس چانسلر آهي جنهن دادو مان چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبر رفيق جمالي کي عرض ڪيو ته سنڌ سرڪار کان ڪئمپس ۾ گھربل ڪلاسن ۽ دفترن جي اڏاوت واسطي رقم ڏياري پر جمالي ته گورک هل اسٽيشن جي رستن جا ئي پئسا ھر سال ھڙپ ڪريو ڇڏي تنهن ڪابه دلچسپي نه ڏيکاري. نيٺ ٻين چونڊيل نمائندن چيف منسٽر مراد علي شاهه تي زور ڀريو ته دادو ۾ سنڌ يونيورسٽي جو ڪئمپس قائم ڪرڻ لاءِ بجيٽ منظور ڪريو. فقط پندرھن ڪروڙ منظور ڪيا ويا آهن جن کي ھضم ڪرڻ خاطر ايم اين اي جمالي ھاڻي پنهنجي ھڪڙي ويجهي ماڻهو کي پرو وي سي ڪرائڻ ۽ ديانتدار شخص اظھر علي شاھه کي ھٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سنڌ جي تعليمي ادارن سان ھي مذاق بند ٿيڻ گهرجي. رفيق جمالي جيڪو زرداري صاحب جي حڪم تي گورک هل اٿارٽي جو چيئرمين مقرر ڪيل آهي، ان کي سنڌ يونيورسٽي جي دادو ڪئمپس سان ھٿ چراند ڪرڻ بدران سڀ کان پهرين ته گذريل ڏهن سالن کان ملندڙ گورک جبل منصوبي جي چاليھن اربن جو حساب ڏيڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته ڏھن سالن ۾ ھو اتي ھڪڙو رستو به نه ٺھرائي سگھيو آهي.
اسان کي اھو نه وسارڻ کپي ته بد انتظامي ۽ ڪرپشن جي مرض سنڌ يونيورسٽي کي به ٻين سمورين يونيورسٽين جيان مالي مشڪلاتن ۾ ڦاسائي، بينڪن جو قرضي ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن دادو ڪئمپس جي 15 ڪروڙن ۾ به بدنام پ پ اڳواڻن گھوٻيون لڳائي ڇڏيون ته دادو ڪئمپس جو حال اھڙو ئي بڇڙو ٿيندو جھڙو گورک هل اسٽيشن منصوبي جو چوڏھن سالن کان ٿيندو رهيو آهي.
پڇاڙڪا لفظ
اسان جڏهن ملڪي معيشت جي بدحالي ۽ سياسي جھيڙن جھٽن تي نظر وجهون ٿا ته ايئن ٿو لڳي ته پاڪستان اندر گڙٻڙ گھوٽالو اڻٽر ٿي چڪو آهي. ڇنڇر تي سيالڪوٽ ۾ پنجاب حڪومت جھڙي طرح تحريڪ انصاف جي جلسي جو انتظام ڦٽائي سندن پارٽي ڪارڪنن کي پوليس کان گرفتار ڪرايو آهي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته مسلم ليگ نواز پي ٽي آئي جي عوامي ميڙاڪن کان ڊڄي ويئي آهي. ان نموني جي حرڪتن سان وڳوڙ پيدا ٿيندو جنهن مان خانه جنگيءَ جا آثار ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اسان جي ملڪ جي به سري لنڪا وانگر بد بختي اھا آھي ته ڪروڙين ماڻهن وٽ ٻه ويلا ماني کائڻ جي سگھه ناهي ۽ سري لنڪا جيان عوام ڪنگال ۽ سياسي جماعتن جا ليڊر خوشحال ۽ مالامال ٿي ويا آهن.