ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گرميءَ جي مند ۾ امتحاني سلسلو

Editorial

ملڪ ۾ گرميءَ جي لهر سبب روزمره جي زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي، عام طور تي گرمي پد 45 تائين لڳو پيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ اسڪول کليل آهن، آفيسن ۾ ڪم جاري آهن، پر هن ماحول ۾ جيڪو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ طبقو آهي، سي ٻارڙا آهن. شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ بجلي آهي ڪانه، اهو عذاب به عوام ڀوڳي رهيو آهي. حڪومت ڀلي اها دعويٰ ڪري ته ان لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏي آهي پر اڄ به ماڻهن جي گهرن مان بجلي غائب لڳي پئي آهي. ڇاڪاڻ ته اها حڪومتي دعويٰ رڳو دعويٰ ئي آهي. ان جو حقيقت سان ڪو واسطو ناهي. هاڻوڪي موسم ۾ جڏهن ڪانوءَ جي اک پئي نڪري ان ۾ اسڪولن ۽ تعليمي ادارن ۾ امتحان شروع ڪيا ويا آهن، جڏهن ته تعليم کاتي کي اسڪولن جو حال ساريو پيو آهي. اسڪولن ۾نه بجلي آهي نه پيئڻ جي پاڻيءَ جي سهولت آهي ۽ نه ئي وري اهڙيون عمارتون آهن، جيڪي گرميءَ جي سٽ سهي سگهن. پر ڇا تعليم کاتي کي اها خبر نه هئي ته هاڻوڪي موسم ۾ جڏهن گرمي پد بنهه گهڻو وڌي ويندو ته ان ۾ ٻارن لاءِ امتحان ڏيڻ وڏو مسئلو ٿي پوندو. جڏهن ته ان مرحلي کي مارچ ۾ سرانجام ڏيڻ بهتر هو.
سنڌ ۾ مارچ تائين موسم ڪجهه بهتر رهندي آهي. ان مهيني ۾ ايترا گرم ڏينهن نه هوندا آهن. مارچ جي مهيني ۾ امتحان وٺڻ ڪو مسئلو ناهي، پر سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جو تعليم کاتو ان حڪمت عمليءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جنهن جي ڪري اڄ امتحاني سينٽرن ۾ شاگرد توڙي شاگردياڻيون ڀوڳي رهيون آهن. ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين گرميءَ جي لهر جاري رهندي، اهي به امڪان آهن ته گرمي اڃا به وڌي وڃي پر ان پاسي ڪوبه ڌيان ڪونه پيو ڏنو وڃي، نتيجي ۾ اسڪول جا ٻار بيمار ٿي رهيا آهن، اهي دستن ۽ الٽين ۾ وڪوڙجي رهيا آهن. هن وقت به اسپتالون اهڙن ٻارن ۽ مريضن سان ڀريون پيون آهن، جيڪي گرمي سبب سخت متاثر ٿيا آهن. گرميءَ جي هاڻوڪي لهر ۾ نه رڳو وڏن جو گهران نڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي پر ٻارن لاءِ به هي موسم مصبيتون آڻي رهي آهي، جيڪو ٻار رڳو ڪلاس روم پگهر اگهندو هجي، اهو ڪهڙي ريت سبق ياد ڪندو هوندو يا وري امتحاني ڪاپيءَ ۾ جواب لکي سگهندو هو. ان ڳالهه جو احساس تعليم کاتي ۽ ان جي عملدارن کي هجڻ گهرجي. پر لڳي ٿو ته انهن کي ڪوبه احساس ناهي، جيڪڏهن انهن کي احساس هجي ها ته اهي امتحاني شيڊيول تبديل ڪن ها.
اهي تعليمي عملدار جيڪي پنهنجن آفيس ۾ اي سي هڻيو ويٺا آهن، جييڪي اي سي گاڏين مان لهي اي سي وارن گهرن ۾ ويهن ٿا، انهن کي ڪهڙو اندازو ته ٻار ڪيتري گرميءَ ۾ وقت گذاري رهيا آهن، جيڪڏهن انهن کي هاڻوڪي گرميءَ کي محسوس ڪرڻو آهي ته کين گذارش آهي ته اهي اي سي واريون گاڏيون استعمال نه ڪن، جڏهن به اهي ڪنهن اسڪول جي دوري تي وڃن ته موٽر سائيڪل استعمال ڪن. اهي ڪجهه دير لاءِ انهن اسڪولن ۾ ويهي وقت گذارين جن جي ڇتين ۾ پکا ته لڳل آهن پر انهن کي هلائڻ لاءِ بجلي ڪانهي. اهي انهن اسڪولن جو پاڻي پي ڏسن، جيڪو هن موسم ۾ گرم آهي. يقينن انهن کي سموريون آسائشيون ڇڏي پوءِ ئي اندازو ٿيندو ته ڪهڙي ريت اهي اسڪول جا شاگرد هڪ ڏکئي وقت کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن سڄي صورتحال ۾ سنڌ جي تعليم کاتي کي گهرجي ته اها اسڪولن کي سولر سسٽم تي کڻي وڃي ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن کي بجلي ته ملي سگهي ۽ اهي پکو هلائي هوا جو مزو وٺي سگهن، ان کان سواءِ اسڪولن ۾ ٿڌي پاڻيءَ جو انتظام ڪرڻ لازمي آهي. ڇاڪاڻ ته جيستائين پاڻيءَ جو بهتر انتظام نه هوندو ته ايستائين انهن جي صحت به بهتر نه ٿي سگهندي. ان کان سواءِ اسڪولن جي عمارتن کي هوادار ٺاهيو وڃي ته جيئن اهي ٿڌيون رهن. هر اسڪول ۾ وڻڪاري ڪرڻ لازمي بڻايو وڃي ته جيئن اتي جو گرمي پد بهتر ٿي سگهي ۽ ان کان سواءِ ٻارن کي ان ڳالهه جي خبر پوي ته وڻ ڪنهن به اسڪول لاءِ ڪيترا ضروري هوندا آهن.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪي گرميءَ ۾ ٻارن جو امتحاني سلسلو پڻ انهن لاءِ هڪ وڏو امتحان آهي، تنهنڪري ايندڙ وقت ۾ تعليم کاتي کي ان تي ويچارڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه کي عمل ۾ آڻجي ته امتحان وٺڻ جو سلسلو مارچ تائين پورو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ گرميون مارچ کان پوءِ وڌي وينديون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button