ڪو به ڪهاڻي ڪتاب ڏسندي مون کي اهو ئي خيال ايندو آهي ته، “ڪهاڻيڪار جي ڪائنات ڪهاڻيءَ جي سرحدن کان شروع ٿي، ڪهاڻين جي فضائن ۾ پکڙي ڪهاڻين جي ڏسائن ۾ پنهنجا آسمان ۽ ڌرتيون جوڙي ڇڏي ٿي!”
۽ هن وقت منهنجي سامهون ڪهاڻي ڪتاب “انٽر لاڪ” آهي، جنهن جو مهاڳ محترم غلام نبي سومري لکيو آهي، مهاڳ پڙهندي دوستي جي تذڪري جو ورجاءُ ۽ پُراڻين يادن جي اُپٽار ڪجهه سرس معلوم ٿئي ٿي، هن ڪهاڻي ڪتاب جو اڀياس ڪنداسين ته معلوم ٿيندو، 158 صفحن جي هن ڪتاب ۾ شوڪت لوهار جون 27 ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن، مهاڳ کانسواءِ پبلشر نوٽ، اڪبر سومرو جو رايو ۽ دليپ دوشي پاران ليکڪ جو سُهڻي انداز ۾ لکيل تعارف پُڻ ڏنو ويو آهي، شوڪت حسين شورو ۽ اختر حفيظ جي هڪ هڪ صفحي واري راءِ به هن ڪتاب ۾ اڳياڙي پڇاڙي ترتيب سان ڏنل آهي ۽ بئڪ ٽائيٽل به ڪتاب ۾ موجود انهن راين مان ٽڪرن جي صورت ۾ کئني وئي آهي. هن ئي سال 2022ع ۾ سڦلتا پبليڪيشن پاران ڇپايل هن ڪهاڻي ڪتاب جي قيمت 300 رپيا رکي وئي آهي.
ڪهاڻي “دانشور” انٽر لاڪ ڪهاڻي ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻي جو موضوع اُن سماجي بُرائيءَ جو پرتوو آهي، جيڪا اسان جي پڙهيل لکيل فرد جي بي شعور هُجڻ جو مظهر ۽ انسانيت کان خالي هجڻ جو نمونو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ شوڪت لوهار جي دسترس عام ماڻهو جي نفسيات تي مضبوطيءَ سان ڏسڻ ۾ اچي ٿي، دانشور ڪهاڻي جي اڳياڙي اهميت جوڳي آهي جنهن ۾ رواني ڀلوڙ آهي پر اوچتو ئي ڪهاڻي اختتام ڏي تڪڙو ورندي، پنهنجي آخري مرحلي ۾ تڪڙ جو شڪار ٿيندي ڪجهه بي مزه رنگ آڇي ٿي، ڪهاڻيءَ جو ٽرننگ پوائنٽ رشوت خوريءَ جي هلڪي اظهار سان ڪلائمڪس سان فردي کوکلائپ ڏي اشارو ڪري ٿو، ڪهاڻيڪار دوست جي استعمال ڪيل جملن ۽ تخليقي سِٽن جي شموليت اهو ضرور ٻڌائي ٿي ته شوڪت لوهار وٽ ڪهاڻيءَ جي اظهار جي نواڻ آهي، سندس اسلوب منفرد، ڌار ۽ جدا آهي، هُن وٽ ڪهاڻيءَ کي بيان ڪرڻ جو رستو ۽ راهه پنهنجو ۽ پُرڪشش آهي، پر ان سان گڏ ڪجهه جلد بازي به آهي.
شوڪت لوهار جو قلم پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪا گهڻي تجريديت پنهنجي پڙهندڙ کي نٿو آڇي. پيار ڪهاڻيون هجن يا سماجي ٺيڪيدارن جا قصا پر شوڪت لوهار جي ڪهاڻين ۾ جيڪي ڪردار آهن، اُنهن جي مُنهن تان ٻهروپيت جا نقاب لاهڻ جي ڪاوش ليکڪ جي پڌري آهي، اڄ جو ماڻهو پنهنجي ڏيک ۾ علمبرداريءَ جي دعويٰ ڪهڙي رکي ٿو ۽ حقيقي طرح ڪهڙي داخلي جبلت جي پيروڪاريءَ ۾ پورو آهي، ان کي ظاهر ڪرڻ ۾ شوڪت لوهار جو قلم ۽ ڪهاڻيون اهڙن موضوعن سان انهن ڪردارن، طبقن، فردن ۽ شخصيتن جي اندر جهاتي پائي اصليت کي اڇو ڪرڻ ۾ ڏسجن ٿيون. هن ڪتاب ۾ شامل بهترين ڪهاڻين مان هڪ ڪهاڻي ٽِڪر به آهي، جنهن کي مان بهترين ڪهاڻي سمجهان ٿو، جيتوڻيڪ هي هڪ پيار وارتا تي آڌاريل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڀرپور نواڻ آهي ۽ انداز بيان ليکڪ جو بلڪل نئون آهي، جيڪو بيحد وڻندڙ ۽ دل پذير آهي. ڪهاڻي جي ٻولي جديد آهي، جنهن ۾ اڪثر ماڊرن لفظن جو ڪُتب پُڻ ٿيل آهي، جيڪي وقت سان گڏ هلڻ جي شاهدي ڏين ٿا، جيئن مثال طور، “فورس، ريڊ، فيول، اسائنمينٽ، ڊپينڊ، غصو ۽ اسٽريم” وغيره، جڏهن ته هن ڪهاڻي ڪتاب جو نانءَ انٽرلاڪ خود به جديديت جو اهڃاڻ آهي. هي ڪهاڻي ٽِڪر جنهن ۾ پيار جي اظهار کان اڳ ئي المياتي وڇوڙو ٿي پوي ٿو ۽ پريت جا اظهار اڻ لکا رهجي پون ٿا، اُن ۾ ڪلائمڪس اسان جي سماجي ڏاڍ ۽ جبر جا پيرا کڻي ٿو. هن ڪهاڻيءَ جا ڪي ڪي جملا بي انتها اثرائتا معلوم ٿين ٿا، جيڪي ليکڪ جي فڪري سطح جي نشانبري ڪندي ڏسجن ٿا، جيئن هڪ هنڌ آهي ته، “اسان ٻنهي جي ذات جي اکرن جي لکڻي تبديل هوندي به اسان ٻنهي جي خاندانن جي ويجهڙائپ لاءِ پورو جهان مثال ڏيندو هو.”
ڪهاڻي ڪتاب انٽر لاڪ جون ٻه ڪهاڻيون هڪ “سچار ڇوڪر “۽ ٻي “ڪُمي ۽ سهو” علامتي انداز جون ڪهاڻيون آهن، پر هنن ٻنهي ڪهاڻين جو انداز به بلڪل نواڻ سان ڀرپور آهي، جنهن ۾ پُڻ محترم ليکڪ پنهنجي ڀرپور انداز سان سماجي کوکلائپ ۽ سماجي تضادن جو ڇيد ڪندي معلوم ٿئي ٿو. هي ٻئي ڪهاڻيون پُڻ دور جديديت جي ترجماني ڪندي ڏسجن ٿيون، جن ۾ سمجهاڻي ڏيڻ جو انداز ليکڪ جو نرالو آهي. ڪهاڻي ڪتاب انٽر لاڪ ۾ موجود ڪمزور ڪهاڻين جو ذڪر جي ڪنداسين، ته اتي منهنجي خيال ۾ هن ڪهاڻي “مسئلو” کي ضرور ڳڻي سگهبو. هن ڪهاڻي ۾ ليکڪ کان فني گهرجن جي پوئواري نه ٿي سگهي آهي، اوائل ته هن ڪهاڻيءَ جي گرامر ۾ ڪافي درستگين جي ضرورت معلوم ٿئي ٿي، جو هن ڪهاڻي جي اڪثر جملن ۾ لفظ “ٿو” جو گهڻو ذڪر آهي، جيئن، “وڃي ٿو، رهي ٿو، پڇي ٿو، ڇڏي ٿو، رکي ٿو، اچي ٿي، ڊوڙائي ٿي، چئي ٿي، ڀُڻڪي ٿي، چون ٿا”، وغيره!
بيشڪ هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ جو انداز راوي وارو آهي پر ڪهاڻيءَ جي ٻولي يا جنهن کي اسان اسلوب، انداز بيان يا ڊڪشن چئون، اُن ۾ شوڪت وٽ دسترس آهي پر هن ڪهاڻي ۾ گرامر جي ڪري اُها رواني نه آهي جيڪا هڪ پڙهندڙ کي تسلسل ڏئي، اهڙي اُڻت هڪ پڙهندڙ کي رنڊائي اوپرائپ ۽ اجنبيت محسوس ڪرائي ٿي، جڏهن ته محترم شوڪت لوهار جي ٻين گهڻين ڪهاڻين ۾ اهڙي ڪا بي ڌياني نظر نٿي اچي پر هن هڪ ڪهاڻيءَ ۾ الائي ڇو محترم ليکڪ کان اها اهم کوٽ جا بجا رهجي وئي آهي. ان کانسواءِ هن ڪهاڻي جي ڪلائمڪس ۾ هڪ تضاد پُڻ سوچڻ جهڙي خامي محسوس ڪرائي ٿو!
ڪنهن به ڪهاڻي ۾ جڏهن غيرفطري انداز بيان ڪيا وڃن ته ڪهاڻي پنهنجو رنگ وڃائي ويهي ٿي. ڪهاڻيءَ جي جٽادار هجڻ لاءِ ڪهاڻيءَ ۾ موضوع جي نسبت فطري وارداتن، واقعن، مزاحمتن ۽ موٽ کي عڪس بند ڪرڻ ڪهاڻي جو جيئدان آهي، ڪجهه اهڙا معاملا جيڪي عقل جي قبوليت جا حامل نه هجن ۽ فطري طور ناممڪنات جي ذمري ۾ اچن، انهن کي پيش ڪري ڇڏڻ سان اهي غير فطري جُزيات ڪهاڻيءَ کي بي رنگ ڪري وجهن ٿا، ائين ئي ڪهاڻيءَ جي اُڻت ۾ وقوع پذير ٿيندڙ حادثن توڙي واقعن کي ممڪنات جي اک سان پرکي شامل ڪرڻ گهرجي نه ته اها ڪهاڻيءَ جي کوٽ سڏبي جيڪا هن ڪهاڻي سميت ٻي ڪهاڻي مُورت، ٻالڪ، پورهئو ۽ ڪيٽ واڪ ۾ پُڻ معلوم ٿئي ٿي، جيئن شروعات ۾ بيان ۽ تشريح هڪڙي ۽ پڇاڙي ۾ عمل ۽ انجام ٻيو! اهو غير فطري رنگ ڪهاڻيءَ جي پختگي نه آهي، ڪهاڻيءَ جي سُهڻي ڪلائمڪس ۽ مناسب اختتام لاءِ فطري اصولن سان ممڪنات جوڳن حدن اندر پيش ڪيل موقف ۾ موافقت سان گڏ فني دسترس جو هجڻ لازمي آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل جيڪي اسان عام يا فارمل ڪهاڻيون چئون انهن مان هڪ ڪهاڻي “لڪير” به آهي، جيتوڻيڪ هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي خوبصورت جملا ليکڪ جي خوبصورت تخليقي سگهه جي نشاندهي ضرور ڪن ٿا، جيئن هن ڪهاڻي جو هڪ جملو آهي، “زندگي جڏهن ڪنهن اڏوهي کاڌل سڪل ڪاٺي جيان بڻجي ويندي آهي، تڏهن ان مان مزو ختم ٿي ويندو آهي”، اهڙا جملا ڪهاڻيءَ جي پختگيءَ کي مان بخشين ٿا پر ڪهاڻيءَ جو واقعو، بيان ۽ موضوع وغيره عام آهن، اهڙين ڪمزور ڪهاڻين ۾ اسان ڪهاڻي “مسئلو، لڪير، مورت، ٻالڪ، پورهئو ۽ ڪيٽ واڪ، لڙڪن جو اثر ۽ گهوڙل شاهه بادشاهه” نالي واريون ڪهاڻيون ڳڻي سگهون ٿا، جيڪي سڀ هن ڪتاب جون ڪمزور ڪهاڻيون لڳن ٿيون.
شوڪت لوهار جي ڪهاڻين جا ڪافي جُملا انتهائي جاندار ۽ تخليقيت جي فهم سان سرشار ڏسجن ٿا جيئن، “دنيا جا سڀ مظلوم هڪ جهڙا آهن، بقايا ڏينهن عجيب ڪيفيت جي وات جو گرهه ٿي گذاريم، سگريٽ مان نڪرندڙ دونهين جا بادل ليليٰ جي نامڪمل تصوير ٺاهن ٿا ۽ کن پل کان پوءِ هوا جي هٿان قتل ٿي وڃن ٿا، اُوئان اُوئان جي پڙاڏن ۾ اڇي کير جي ندين جي گجگوڙ آهي، هي سائي ڇٻر جي چادر جنهن جي مقدس مُنهن تي لتون هڻي هڻي اسين ٿڪا آهيون اها به هاڻ ٿڪجي پئي آهي” وغيره سان گڏ ٻيا اهڙا جام فقرا ۽ سِٽون تخليقي ڪماليت سان سرشار آهن، جيڪي ڪهاڻين کي رنگ بخشين ٿا. اُتي وري “جونئير دانشور ۽ اڀرندڙ نوجوان، پني جو جسم، ڏاڙهون چيرجي ڇڻي پيو، ڇوڪرين جي ڇاڻي بازي، اسرائلي فوج جهڙو بڻجي پيو، عاصمه جهانگير بڻي هئي، منجهند کي رات بڻائي” جهڙا استعارا ۽ تشبيهون به ڪهاڻيءَ جي اُڻت ۽ پيشڪش لاءِ خوبصورتي جو جُز آهن. “گهات، ٻٽو بسڪيٽ ۽ اسپيگيٽي” به قدري بهتر ڪهاڻيون آهن جڏهن ته ڪهاڻي آئيڊيل پنهنجي هر حوالي کان هڪ مڪمل مثبت ڪهاڻي آهي ۽ اهي سڀ ڪهاڻيون شوڪت لوهار کي ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ نروار ۽ نشانبر ڪن ٿيون. انهن ڪهاڻين کي پڙهندي شوڪت لوهار جي اندر واري ڪهاڻيڪار جو ڏس پتو آساني سان پوي ٿو، جيڪو سماج جي تضادن کي جابجا پنهنجي تخليقي سگهه ذريعي پڌرو ڪري ٿو.
مجموعي طور شوڪت لوهار کي ڪهاڻين ۾ پڙهندي خبر پوي ٿي ته شوڪت وٽ جتي نوان موضوع آهن، اُتي اُنهن موضوعن جي پيشڪش ۾ وٽس نواڻ آهي ۽ هُن وٽ پنهنجو ڊڪشن پنهنجو اسلوب ۽ پنهنجو انفرادي يا منفرد انداز بيان آهي. ان سان گڏ ٻهراڙي ۽ ڳوٺاڻي زندگي جا ڪردار گهٽ ۽ شهري ۽ خاص سطح، سوسائٽي ۽ طبقي جا ڪردار وٽس گهڻا آهن، شوڪت لوهار کي پڙهندي اهو پُڻ معلوم ٿئي ٿو، ته هن وٽ جتي تخليقي رمزيت آهي، اُتي گڏ فڪري، احساساتي ۽ جذباتي لڳاءُ سميت ڪردارن جي نفسيات تائين پهچ پُڻ آهي.
شوڪت لوهار جي هن ڪهاڻي ڪتاب جي ٽائٽل ڪهاڻي انٽرلاڪ آهي جيڪا موضوعاتي لحاظ کان جاندار ۽ ڀلي ڪهاڻي آهي پر ڪهاڻيءَ جو رڌم يا جنهن کي رواني چئون اُها ڪلائمڪس تي پڄندي ٿورو پهرين ڇڄي پوي ٿي، جڏهن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار قمر ڳوٺ وڃڻ لڳي ٿو ۽ نائڪا فون ڪري سندس وڃڻ جي پڪ ڪرڻ لڳي ٿي! ڪهاڻي اتي ئي اڳواٽ واضح ٿي پوي ٿي ۽ پڙهندڙ جو سمورو تجسس ٽُٽي وکري پوي ٿو، هن مرڪزي ڪهاڻي ۾ اها تڪڙ پڙهندڙ جو موهه ڌڪي ٿي، جڏهن ته ڪهاڻي ۾ اڳتي ڪلائمڪس جي گنجائش صاف ڏسجي پئي.
ڪهاڻي انٽر لاڪ جا مڪالما مُحترم شوڪت لوهار جي ٻين ڪهاڻين جي مڪالمن وانگر خوبصورت، جاندار ۽ تخليقي آهن، جيئن، “موسم رباب بڻجي چُڪي هُئي، عاشقن کي ڪنهن ڏينهن جي کوليءَ ۾ بند نٿو ڪري سگهجي، ڇوڪرين جي ڇاڻي بازي، منهنجي دل جو وائلن، يار هڪ ٻه دفعا ٽيسٽ ڪيو اٿمانس، ڦڪي آهي او بلڪل هن چانهه جيان يا وري ڇوڪريون آهن رس ملايون” جهڙا فقرا، جملا، مڪالما، تشبيهون، استعارا ۽ سِٽون تخليقي آهن، جيڪي ڪهاڻي جي سُونهن آهن ۽ ڪهاڻيڪار جي سوچيندڙ لوچيندڙ فهم جو ڏس ڏين ٿيون ته ڪهاڻي جي حُسناڪي ۾ رنگ به ڀرين ٿيون.
شوڪت لوهار جا جتي ڪالم پڙهڻ وٽان رهندا آيا آهن، اُتي سندس ڪهاڻين جو ڏس ۽ پيغام پُڻ سُندر ۽ پڙهڻ وٽان آهي، ڪاپي پيسٽ جي دور ۾ هي ڪهاڻي ڪتاب گهٽ ۾ گهٽ ڪاپي پيسٽ واري وهڪري کان آجو ۽ تخليقي جوهر جو پختو ڳٽڪو آهي ۽ شوڪت لوهار جون ڪهاڻيون بيشڪ پنهنجي انفراديت جون حامل آهن.