سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڪيتري خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي آهي، ان جو اندازو سنڌ جا بيراج ۽ ڪئنال ڏسي سولائيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هاڻوڪن ڏينهن ۾ سنڌ جي شاخن ۾ واري اڏامي رهي آهي ۽ ماڻهو پاڻيءَ لاءِ پريشان لڳا پيا آهن. ههڙي صورتحال ۾ اهي آبادگار جن جو گذر سفر زراعت تي آهي، انهن جي مالي حالت ويتر خراب ٿي رهي آهي ۽ ڪيترن شهرن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاج پڻ ٿي رهيا آهن. پر ڇا ان سڄي معاملي ۾ ارسا پنهنجو منصفاڻو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ارسا جو ادارو ان ڪري جوڙيو ويو هو ته جيئن ملڪ ۾ پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ ٿي سگهي پر هي هڪ اهڙو ادارو ثابت ٿيو آهي، جيڪو گذريل ڪيترن سالن کان رڳو سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي. سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي سبب نه رڳو پنجاب پنهنجون زمينون آباد ڪري رهيو آهي پر اهو سنڌ جون زمينون ڀڙڀانگ ڪري رهيو آهي. ان سڄي صورتحال ۾ پنجاب ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پنجاب ڪنهن به ريت پاڻيءَ جي ورڇ منصفاڻي طور ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جاري رهي ٿي ته ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي لپ به ڪانه ملي سگهندي. شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ پاڻيءَ جي کوٽ هاڻ هڪ جيتري ٿيندي پئي وڃي. ڪالهه جيڪي انگ اکر پاڻي جي حوالي سان آيا آهن، اهي ڇرڪائيندڙ آهن.
ان حوالي سان سنڌ جي ماحوليات کاتي تونسا ۽ گڊو بئراج مان 32 ھزار ڪيوسڪ پاڻي چوري ٿيڻ تي ماحوليات واري وزارت سنڌ پاران ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ شدت اختيار ڪري چڪي آھي، پنجاب جي حدن مان پاڻي چوري فوري روڪي وڃي. صوبائي وزير اسماعيل راھو جو چوڻ هو ته ارسا صوبن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۾ ناڪام ٿي چڪو آھي، وفاق ارسا جي غيرجانبداريءَ کي يقيني بڻائي. ماحوليات کاتي واري صوبائي وزير چيو ته بدين، ٺٽو، سجاول سميت ڪيترن ئي ضلعن جون زرعي زمينون بنجر ٿي چڪيون آھن، ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي کوٽ 67 سيڪڙو پھچي چڪي آھي. اسماعيل راھو چيو ته ڪوٽڙي تي 15700 ڪيوسڪ جي جا تي فقط 5300 ڪيوسڪ پاڻي ميسر آھي. هن چيو ته زرعي آبادي ته پري پيئڻ لا پاڻي ميسر ناھي، سنڌو درياهه تي پاڻي جي شديد کوٽ سبب موسمياتي تبديلي جا انتهائي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. ماحوليات کاتي واري صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري رهي آهي، ان سان ڳنڀير مسئلا جنم وٺي رهيا آهن، نه فقط انساني پر چوپايو مال، آبي ۽ جهنگلي حيات لاءِ به شديد خطرو لاحق آهي. هن چيو ته سخت گرمي ۽ خشڪ سالي سبب غذائي کوٽ جو به خدشو آهي.
پاڻي وار ي ٺاهه موجب ڪوٽري بيراج ۾ پاڻيءَ جو ڇوڙ 15 هزار 700 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته اتان کان 5 هزار 210 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي، ان حساب سان ڪوٽري بيراج ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 69 سيڪڙو ڪيوسڪ تائين وڃي پهتي آهي، پاڻيءَ جي ورڇ واري ٺاهه موجب سکر بيراج کي 30 هزار 500 ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻو آهي پر ان جي ابتڙ سکر بيراج ۾ هن وقت پاڻي 37 هزار 890 ڪيوسڪ تائين آهي، جنهن جي ڪري اتي پاڻي جي کوٽ 49 سيڪڙو آهي، ياد رکڻ گهرجي ته سکر بيراج کان نڪرندڙ رائيس ڪينال ۽ کير ٿر ڪئنال هن وقت بند لڳا پيا آهن، پر اها اميد ڪئي پئي وڃي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ انهن کي کوليو ويندو. ٻئي پاسي گڊو بيراج ۾ پاڻي ٺاهه موجب پاڻيءَ جو ڇوڙ 6 هزار 500 ڪيوسڪ هجڻ گهرجي، پر ان جي ابتڙ گڊو بيراج ۾ ڇوڙ ۽ 46 هزار 945 ڪيوسڪ تائين پاڻي موجود آهي، جنهن جي ڪري گڊو بيراج ۾ 91 سيڪڙو تائين پاڻيءَ جي کوٽ لڳي پئي آهي ۽ اتان کان نڪرندڙ واهن ۾ پاڻي 6 سئو 27 ڪيوسڪ ڇڏيو ويو آهي.
هن صورتحال مان خبر پوي ٿي ته سنڌ جي بيراج تي به پاڻيءَ جي صورتحال خراب لڳي پئي آهي. هونئن به جڏهن مٿان کان پاڻي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو ته اهو ڪوٽري بيراج تائين پهچندي ٿورو رهجي ويندو آهي، ارسا کي گهرجي ته اهو کوٽ وارن ڏينهن ۾ پاڻيءَ جي ورڇ کوٽ موجب ڪري، جيڪڏهن کوٽ دوران به پنجاب جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جي کڻت جاري رهي ته پوءِ سنڌ اڃا به وڌيڪ پاڻي کوٽ ڀوڳيندي. ان ڪري اها ناانصافي بند ٿيڻ گهرجي.