ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شهباز سرڪار ڏچي ۾

هاڻي اها ڳالهه کلي سامهون اچي چڪي آهي ته موجوده سرڪار جي صفن ۾ تڪڙين چونڊن ۽ عبوري سيٽ اپ بابت سوچ موجود آهي. عمران سرڪار حالتون ايتريون ته خراب ڪري وئي آهي جو انهن کي معمول تي آڻڻ لا نه رڳو “سخت” فيصلن پر وڏي وقت جي گهرج به آهي، جڏهن ته سرڪار کي اهي ٻئي “مراعتون” ميسر ناهن. مطلب ته سرڪار مڪمل طور هڪ ڏچي ۾ گهيرجي وئي آهي. نيازي سرڪار پنهنجن ساڍن ٽن سالن ۾ جيڪا ڀينگ ڪئي، ان جو ازالو ڪرڻ لا هاڻي ڏهاڪا گهرجن، جڏهن ته عوام جي حالت ايتري ته خراب ٿي چڪي آهي جو ان ۾ 10 مهينا برداشت جي سگهه ناهي رهي. اها اهڙي صورتحال جنهن موجوده شهباز سرڪار لا وڏي پريشاني پيدا ڪري ڇڏي آهي. اهو ئي سبب آهي جو مسلم ليگ ن موجوده صورتحال ۾ سخت معاشي فيصلا اڪيلي سر ڪرڻ کان “انڪار” ڪري ڇڏيو آهي. گهرو وزير راڻا ثناءُالله جو چوڻ آهي ته “حڪومت معيشت بحال ڪرڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ تي تيار آهي پر ان جي هڪ سياسي قيمت به آهي، اها سياسي قيمت ن ليگ اڪيلي ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪڏهن اها قيمت سمورا اتحادي گڏجي ادا ڪندا ته اسان تيار آهيون. مسلم ليگ ن پيٽرول سبسڊي ختم ڪرڻ جو اڃان ڪو فيصلو ناهي ڪيو، سبسڊي ختم ڪئي ته مهانگائي وڌندي، اهو فيصلو اتحادي گڏجي ڪنداسين.” جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي اڳواڻ نيئر بخاري راڻا ثناءُالله سان اتفاق ڪندي چيو ته “جيڪي به فيصلا ٿيندا اتفاق راءِ ۽ گڏجي ويهي ڪرڻا پوندا.” پر صورتحال تمام گهڻي سنگين آهي، جنهن سان ٻنهي پارٽين جي سياست تي ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا. عمران سرڪار جيڪا تباهي ڪئي، ان جو سڄو بار موجوده شهباز سرڪار تي پئجي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سرڪار “سخت” فيصلا ڪرڻ کان ڪجهه ڪيٻائي پئي. پر سير سوير عمران سرڪار آ ايم ايف سان جيڪي معاده ڪيا آهن، انهن تي واضح پوزيشن وٺڻي پوندس. جيتوڻيڪ سرڪار معاملي کي اڳتي وڌائي اڃا ته ٽاري پئي پر بهرحال، ان کي فيصلو ته وٺڻو ئي پوندو. ااهڙين حالتن جي ڪري، سرڪار جي صفن ۾ نين چونڊن ۽ عبوري سيٽ اپ جي سوچ به ڪر کڻڻ شروع ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ شهباز سرڪار چاهي ته هو آ ايم سان نيازي سرڪار جي ڪيل معاهدن کي اڳتي وڌائي پر ان آڏو عوامي ڪروڌ جو جيڪو سمنڊ موجود آهي، هو ان کان ڊنل به آحي، تنهنڪري، هو پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي کي به ٽاريندي پئي اچي. جيئن وزيراعظم هڪ دفعو ٻيهر پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ جي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي. وفاقي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته “وزيراعظم چيو ته عوام تي وڌيڪ بار نٿا وجهي سگهون، پيٽرول جي قيمت اڃا نه وڌائي رهيا آهيون. مستقبل ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ ڦير گهير ٿي سگهي ٿي. عمران خان جي پاليسي ۽ نااهلي سبب ملڪ جي معيشت سخت خساري ۾ آهي. ڪرونا دوران امداد ۽ قرض جي ادائيگي جي دير سان ٿيڻ ڪري گذريل حڪومت کي فائدو مليو. پر اهو عوام تائين منتقل نه ڪيو ويو. مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، عوام تي وڌيڪ بار نه وجهنداسين. 18 مئي تي آئي ايف ايف وٽ وڃي رهيا آهيون، سبسڊي جي حوالي سان ٻيهر ڳالهه ڪندس. خدا جي واسطي پي ٽي آئي جا اڳواڻ اسان کي معيشت جي باري ۾ نه سيکارين، جيڪو توهان معيشت جو حال ڪيو آهي، ان کان سڀ واقف آهن. اسان هلندڙ سال 4 ارب ڊالر جو تيل درآمد ڪنداسين. پيٽرول جي قيمت وڌايون ٿا ته گناهگار ٿيون ٿا ۽ نٿا وڌايون ته به گناهگار ٿيون ٿا. عمران خان آخري وقت ۾ حڪومت کي بچائڻ لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي. عمران خان اها بارودي سرنگهه وڇائي ويو آهي ۽ ان تي خوش ٿي رهيو آهي. توهان مسلم ليگ (ن) کي نقصان پهچائڻ بجاءِ ملڪ کي ڪهڙي رستي تي وٺي آيا آهيو. اڄ حڪومت کي عمران خان جي سبسڊي سبب پيٽرول ۽ ڊيزل تي ماهوار 120 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، جيڪو سويلين حڪومت جي خرچن کان 3 ڀيرا وڌيڪ آهي. توهان جن اٽي جي چڪين کي هزارين ٽن ڪڻڪ ڏني هئي، ان جي بجلي جو بل زيرو هو. ڪڻڪ افغانستان اسمگل ڪرائي ڇڏي ۽ ڀاڻ به اسمگل ڪرائي ڇڏيو. وفاقي وزير ٻڌايو ته ڀاڻ جي 2600 کان 3000 رپين جي ٻوري ۾ اسان 4 هزار رپين جي سستي گئس ڏني آهي سڄي دنيا ۾ ان ٻوري جي قيمت 8 کان 9 هزار رپيا بڻجي ٿي، جيڪا اسان پنهنجي هارين کي سستي ڏيندا آهيون. گذريل چئن سالن ۾ ڪپهه، چانورن جي ٻچ سميت ڪنهن فصل جي ٻج تي ڪوبه ڪم نه ٿيو آهي، اها ان جي زراعت جي ڪهاڻي هئي. اسان حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ يوٽلٽي اسٽورز ۾ کنڊ جي قيمت گهٽ ڪري 70 رپيا في ڪلو ڪري ڇڏي آهي، جيستائين اسٽاڪ رهندي ان وقت تائين 70 رپيا ڪلو ئي ملندي. اسٽاڪ ختم ٿيڻ کان پوءِ سبسڊي ڏني ويندي. اسد عمر تنقيد ڪري رهيو آهي يا عمران خان چئي رهيو آهي ته رپئي جو ويليو گهٽ ٿي رهيو آهي ته پوءِ ڀاءُ ڊيليوايڪشن ڪنگ ته توهان آهيو. سڀ کان وڌيڪ ڪرنسي جي ويليو توهان جي دور ۾ گهٽ ٿي. برآمد ۾ 50 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. اهو 25 سيڪڙو تي برآمد وڌائڻ تي خوش ٿيندا آهن. شوڪت ترين صاحب چيو هو ته اسان سبسڊي لاءِ پئسا ڇڏي ويا هئاسين ته پوءِ ٻڌايو ته اهو پئسو ڪٿي رکيل آهي؟ اسان آئي ايم ايف سان گڏجي معاملن کي حل ڪنداسين ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪنداسين. ڇا مرغي، ٽماٽن يا ڪنهن به شئي جي قيمت ۾ واڌ جو ذميوار شهباز شريف آهي؟”
مفتاح اسماعيل جي ان بيان مان اهو واضح تي سرڪار ڪيتري ڏچي ۾ آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته نيازي سرڪار لا هڪ سرنگ وڇائي ويو آهي. نا اهلن جي اهو ٽولو اقتدار ۾ هو ته وڏي مصيبت هو، اقتدار مان تڙي ڪڍيو ويو ته به وڏي مصيبت پيدا ڪري ويو. بهرحال، هاڻي سرڪار کي عوام کي نيٺ ڊليور ڪرڻو ئي پوندو. هاڻي ڪو به عذر نه هلندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button