ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي بحران ۽ اليڪشن

Editorial-Article-Ishaq Mangrio

ڪنهن تصور به نٿي ڪيو ته جنهن جوش ۽ جذبي سان پي ٽي آءِ حڪومت جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪري حڪومت حاصل ڪندڙ حڪمران ڏيڍ مهيني جي اندر اهڙي وڏي سياسي ۽ معاشي بحران جي ور چڙهي سگهن ٿا. ائين به ڪونهي ته عدم اعتماد پيش ڪندڙ پارٽيون ڪو سياسي ۽ حڪمراني ڪرڻ جو تجربو رکندڙ نه آهن. پر پوءِ به ڪجهه ضرور آهي، جيڪو موجوده حڪومت ڪندڙ پارٽين سان ٿيو آهي. پي ٽي آءِ جي حڪومت جي خلاف 2018ع ۾ جي يو آءِ پهرين پارٽي هئي، جنهن جو زور هو ته اسيمبلي ميمبرز کي حلف ئي نه کڻڻ گهرجي ۽ اليڪشن ۾ جنهن انداز ۾ پي ٽي آءِ کي کٽرايو ويو آهي. ان چونڊ جي خلاف ڀرپور احتجاج ڪجي. 2018ع واري اليڪشن کان پوءِ ميان شهباز شريف کي به ڳجهه مان ڀڻڪو ٻڌل هو، جنهن جي بنياد تي وزير اعظم ٿيڻ لاءِ شيرواني سبرائڻ ۾ لڳي ويو. جنهن جي بنياد تي مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ سخت اختلاف ٻڌڻ واريون ڳالهيون به اچڻ لڳيون.
2018ع واري اليڪشن ۾ پ پ کي سنڌ ۾ ڀرپور مينڊيٽ حاصل ٿي چڪو هو. ان ڪري پ پ زرداري صاحب جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڪنهن به نئين اختلافي بحث ۾ پوڻ بدران پهريون ڀيرو ڪنهن به اتحادي کان سواءِ سنڌ ۾ حڪومت ٺاهي ورتي هئي. ان دور ۾ فقط مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ کان سواءِ هر سياسي پارٽيءَ سان ملي، پي ٽي آءِ کي حاصل ٿيل ڪاميابيءَ جي خلاف ڪنهن زوردار قسم جي تحريڪ هلائڻ لاءِ چوندو رهيو. پر پوءِ جڏهن ميان شهباز شريف کي وفاق ۽ ان کان پوءِ پنجاب ۾ به حڪومت ٺاهڻ وارو آسرو نه مليو ته، پوءِ ميان کي ڪاوڙ آئي. پر اوستائين اليڪشني ماحول وارو سياسي گرم پد ٿڌو ٿي چڪو هو. اهڙي ريت سياسي طور گهڻي دير ٿي وڃڻ کان پوءِ جڏهن ميان شهباز شريف سڀ آسرا وڃائي ويهڻ کان پوءِ آخر مولانا سان حڪومت مخالف اتحاد لاءِ تيار ٿيو.
مولانا پ پ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي پارٽين سان گڏجي پي ڊي ايم ٺاهي ورتو. جنهن جي بنياد تي اسلام آباد ۾ وڏو احتجاجي مظاهرو به ٿيو. پر ان احتجاج ۾ مکيه ڪردار فقط جي يو آءِ جو ئي هو. باقي اسٽيج تي تقريرون سڀني اڳواڻن ڪيون. پر پوءِ جڏهن پي ڊي ايم پاران استعيفائون ڏيڻ واري ڳالهه تي پ پ، پي ڊي ايم کان الڳ ٿي وئي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ اي اين پي به پي ڊي ايم کان الڳ ٿي وئي. ڪجهه وقت پ پ، اي اين پي بمقابلا پي ڊي ايم بيانن وارو مقابلو به هليو. وري سينيٽ چيئرمين جي خلاف عدم اعتماد واري چونڊ ۾ اپوزيشن پارٽين ويجهيون ٿيون. پر نتيجا اچڻ کان پوءِ هڪ ٻئي جي خلاف الزام تراشيون ڪري چپ ٿي ويون. عملي طور تي پ پ سنڌ ۾ حڪومت به ڪندي رهي ۽ وفاق ۾ اپوزيشن ڪندي نيب جي ڪيسن کي منهن به ڏيندي رهي. پر ان سڄي جنگ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ جي يو آءِ اقتدار کان ٻاهر هجڻ واري اپوزيشن ڪنديون رهيون. پي ٽي آءِ جي حڪومت پاران آءِ ايم ايف جي هدايتن تي مني بجيٽ پيش ڪرڻ ۽ اسٽيٽ بينڪ کي خودمختيار ڪرڻ واري معاملي تي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن پاران سخت مزاحمت واريون تقريرون ٻڌڻ جي باوجود بجيٽ پاس ڪرائڻ ۽ اسٽيٽ بينڪ جي خودمختاري واري ترميم منظور ڪرائي ورتي. جنهن کان پوءِ لڳي ائين رهيو هو ته ان سڄي جنگ جي باوجود پي ٽي آءِ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ويندي. هن سڄي ڳالهه ڪرڻ جو مطلب اهو آهي، ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي خلاف اپوزيشن ڪڏهن گرم، ڪڏهن سرد جنگ ۾ ساڍا ٽن سالن کان رهندي آئي آهي. هنن عدم اعتماد واري ڪا اوچتو گدڙ سنگهي ڪونه ڏٺي هئي. ان کان اڳ ۾ اسپيڪر جي خلاف عدم اعتماد ۽ پنجاب ۾ وڏي وزير جي خلاف عدم اعتماد واريون ڳالهيون به ٿينديون رهيون. پر پ پ ۽ (ن) ليگ جي وچ ۾ هڪ ٻئي تي اعتماد نه ٿي سگهڻ جي صورت ڪا گهڻي اڳڀرائي نه ٿي سگهي. پر ان جي باوجود پي ٽي آءِ جي خلاف ساڍن ٽن سالن جي عرصي ۾ اپوزيشن جنهن خاص انداز ۾ هلندي رهي. ان ۾ اوچتو ڪا اهڙي تيزي ضرور آئي، جنهن جي لاءِ ان کان اڳ ۾ اپوزيشن جون پارٽين ذهني طور تيار نه هيون. ان ڳالهه کي ائين به سمجهي سگهجي ٿو ته عدم اعتماد جي ڪاميابي لاءِ (ق) ليگ سان پنجاب جي وڏ وزارت ڏيڻ واريون به ڳالهيون ڪيون ويون. يا پ پ ۽ (ن) ليگ ايم ڪيو ايم جي پنجن ووٽن جي حاصلات لاءِ ايم ڪيو ايم سان لکت ۾ معاهدو ڪيو. اهي سڀ حالتون ٻڌائين ٿيون ته پي ٽي آءِ کي ڀوت سمجهي هٽائڻ لاءِ اپوزيشن پارٽيون هر صورت ۾ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هيون. بنا ڪنهن نفعي ۽ نقصان سمجهڻ جي. اهوئي سبب هو، جو ان وقت اپوزيشن پارٽين کي آءِ ايم ايف،معاشي طور ريزرو اثاثن جي صورتحال وغيره کي نه ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي، اهو سڀ ڪجهه اکيون ٻوٽي ڪرڻ ۾ مصروف هئا. اهو ئي سبب آهي، جو اڃان نئين حڪومت جا حڪمران هني مون مان ئي مس اکيون کولي اٿيا آهن ته پويان ڪنهن سڙي ويل ڍير تي ويٺل محسوس ڪري رهيا آهن.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جي حڪمت عملي کي ڏسون ٿا. مون ڏٺو آهي ۽ اهڙن مها ڏاهن جي ڪچهرين ۾ کين ٻڌو آهي ته انهن موجب پي ٽي آءِ جو سربراه عمران خان غير سياسي ماڻهو آهي. سياست جي الف بي کان واقف نه آهي. گهڻا ته حسين حقاني جي ڏنل لائين تي کيس بي وقوف، ضدي، ڊڪٽيٽر ۽ هٽلر به سڏين ٿا ۽ پنهنجي ڪالمن ۾ لکندا به رهيا آهن. پاڻ ڪنهن ٻئي بحث ۾ پوڻ بدران عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ جي پي ٽي آءِ جي ڏيڍ مهيني جي حڪمت عملي کي ڪنڌ وارائي ڏسون ٿا ته عدم اعتماد کان اڳ ۾ پيٽرول ۽ بجلي جي اگهن ۾ خصوصي رليف، رمضان شريف ۾ يوٽيلٽي اسٽورن ۾ رليف، پشاور ۽ پنڊي ۾ ٻه وڏا عوامي جلسا ڪرڻ. عدم اعتماد کان پوءِ ايم اين اي جون استعيفائون، عدم اعتماد جي خلاف پهرين ڏينهن سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏيڻ ۽ ان کان پوءِ ڪراچي، لاهور ۽ پشاور کان پوءِ جلسن جي اڻ کٽ سيريز شروع ڪرڻ واري هن جي حڪمت عملي ۽ اليڪشن ڪرائڻ تي زور ڏيڻ واري مطالبي تي حڪومت کي گوڏن ڀر ويهاري ڇڏيو آهي.
مسلم ليگ ن، پ پ ۽ جي يو آءِ جي حڪمت عملي:
پي ٽي آءِ جي حڪومت ڊهڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ جي احتجاجن جو عوامي سطح تي مقابلو ڪندي مسلم ليگ (ن) پاران مريم نواز جي اڳواڻيءَ ۾ وڏا عوامي جلسا شروع ڪيا ويا آهن. وزير اعظم شهباز شريف ڪي پي ڪي ۾ جلسو ڪيو آهي ۽ آچر جي ڏينهن گجرات ۾ مسلم ليگ (ن) جي ٿيندڙ جلسي ۾ مريم نواز سان گڏ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شريف به خطاب ڪيو آهي. جنهن ۾ هنن ٻنهي اڳواڻن عمران خان جي لڳايل الزامن جو ڀرپور انداز ۾ جواب ڏنو ۽ مسلم ليگ جي قيادت جي لنڊن گڏجاڻي کان پوءِ واري حڪمت عملي تحت عمران خان جي ساڍن ٽن سالن واري ايامڪاريءَ تي سنگين ڪرپشن جا الزام پڻ مڙهيا آهن.
ان کان اڳ ۾ مولانا فضل الرحمان ڪراچيءَ جو دورو ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هو ڪراچيءَ ۾ علاج جي سلسلي ۾ آيل هو، پر هو ڪراچي پريس ڪلب ويو، ميڊيا سان ڳالهايو ۽ 19 مئي تي هن تقدس نبي صلعم ڪانفرنس سڏائي آهي. هوڏانهن پ پ جي حڪمت عمليءَ موجب شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ اوچتو ان وقت پريس ڪانفرنس ڪري ڏيڍ سال تائين حڪومت ۾ رهي اليڪشني سڌارا ڪرڻ سان ڳنڍيو. جنهن کان پوءِ نئين اليڪشن ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. زرداري صاحب اها ڳالهه ان وقت ڪئي جڏهن وزير اعظم ميان شهباز شريف مسلم ليگ جي قيادت جي اڳواڻي ڪندي لنڊن ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ ميان نواز شريف سان ملڻ لاءِ ويل هو. آصف علي زرداريءَ کي کٽڪو ٿي پيو، ته مسلم ليگ جي قيادت پي ٽي آءِ جي دٻاءُ ۾ ڪو وقت کان اڳ ۾ اليڪشن ڪرائڻ چاهي ٿي. ان جو هڪڙو سبب لنڊن ۾ وزير دفاع خواجه آصف بي بي سيءَ کي ڏنل انٽرويو ۾ وقت کان اڳ ۾ اليڪشن ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. پر پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ جي پريس ڪانفرنس کان پوءِ آصف خواجه پاڻ وقت کان اڳ ۾ اليڪشن ڪرائڻ جي ترديد ڪئي. پر ان جي باوجود مسلم ليگ (ن) جو عوامي جلسن ۾ وڃڻ ۽ وزير خزانه مفتاح اسماعيل جو پيٽرول جون قيمتون نه وڌائڻ واري ڳالهه جو نتيجو، تجزيي نگار وقت کان اڳ ۾ اليڪشن ڪرائڻ ڏانهن وڃڻ قرار ڏئي رهيا آهن. اهڙن تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته پيٽرول ۽ ٻين اسمن تي سب سڊي ختم ڪرڻ وارو فيصلو شهباز شريف جي گڏيل حڪومت بدران اليڪشن ڪرائيندڙ نگران حڪومت ڪري. چوڻ وارا اهو به چون ٿا ته آصف علي زرداريءَ جي ڏيڍ سال کان پوءِ اليڪشن ڪرائڻ واري ڪيل ڳالهه جي باوجود پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ جو آچر جي ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ڪيل عوامي انداز وارو استقبال ٻڌائي ٿو ته آخر پ پ به اليڪشن ۾ وڃڻ وارو فيصلو ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button