پاڪستان ۾ معاشي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي، پر ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪئين ڏکيائيون سامهون اچي رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته ملڪ جي درآمد وڌيڪ ۽ برآمد بنهه گهٽ آهي. پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جيڪو برآمد ۾ ڪئين لگزري اسم گهرائيندو آهي پر ان جي ڀيٽ ۾ هڪ عام انسان لاءِ جيڪيِ ضروري شيون آهن، انهن کي گهرائڻ تي زور نه ڏيندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عوام لاءِ سدائين مهانگائي وڌندي ويندي آهي پر جيڪو حاڪم يا امير طبقو آهي، ان لاءِ مهانگائي ڪا معنيٰ نٿي رکي ڇاڪاڻ ته ان جي آمدني اربن ۾ آهي ۽ جيڪڏهن ان لاءِ هڪ ڪار ڪجهه لک مهانگي ٿي وئي ته ان تي ڪو فرق نٿو پوي، جيڪڏهن ڪو اسم مهانگو ٿي ويو ته ان لاءِ ڪو مسئلو ڪونهي پر هتي ته صورتحال اهڙي لڳي پئي آهي جو غريب ماڻهو رڳو ڀوڳي رهيو آهي. بدحال معيشت جا اثر گهڻو ڪري غريب طبقي تي پوندا آهن، جنهن جي ڪري اهو ڏينهون ڏينهن غربت جو شڪار ٿي رهيو آهي. تازو ئي وزير اعظم شهباز شريف گهرو اسمن تي ڊيوٽي 50 سيڪڙو وڌائي ڇڏي آهي، جڏهن ته 1000 سي سي کان وڏين گاڏين تي ريگيوليٽر ڊيوٽي ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي.
اهي گاڏيون عام ماڻهو استعمال ڪونه ڪندو آهي. تنهنڪري انهن تي ڪيتري به ڊيوٽي لڳائي وڃي ان سان عام ماڻهوءَ جي معاشي حالت بهتر نٿي ٿي سگهي. ان کان سواءِ عام ماڻهو جي ضرورت کاڌي پيتي جون شيون آهن، ان کي کاڄرو تيل سستو کپي، ان کي اٽو سستو کپي ان کي کنڊ سستي اگهه تي کپي ان کان سواءِ ان کي روزمره جي استعمال ۾ ايندڙ شيون به سستيون کپن. ڇاڪاڻ ته ان جو ضرورتون امير طبقي جي ڀيٽ ۾ بنهه مختلف آهن. پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي اهو نه ڪڻڪ جو هدف پورو ٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي وري هتي کنڊ جي پيداوار ايتري ٿئي ٿي، جو عوام کي سستي کنڊ ملي سگهي. تنهنڪري اهي سڀ اسم ٻاهران گهرائڻا ٿا پون. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن عوام کي اهي عام استعمال جون شيون به مهانگي اگهه تي ملنديون ته ملڪ ۾ مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو. هاڻ ٻيلن ۽ ڪتن جي کاڌ خوراڪ کي به بند ڪيو پيو وڃي پر ڇا پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ اهڙي اهليت ناهي ته ان کاڌي کي هتي تيار ڪيو وڃي. ان کان سواءِ زرعي ملڪ ۾ ڪڻڪ، ڪمند ۽ ڪپهه پيدا ڪرڻ جي گهڻي گنجائش موجود آهي پر هن وقت تائين ان پاسي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن ملڪ ۾ تيل جي پيداوار لاءِ فصل پوکيا وڃن، جديد زرعي ٽيڪنالاجي وسيلي فصلن جي پيداوار وڌائي وڃي ته پوءِ گهڻن درآمدي اسمن مان جان ڇڏائي سگهجي ٿي. پر حڪومت ۾ موجود معاشي ماهر ڪي به اهڙيون تجويزون نه ڏيندا آهن، جن سان ملڪ جي معاشي حالت کي هٿي ملي سگهي. هن وقت تائين رڳو عام ماڻهو مهانگائي سبب پاڻ کي برباد ٿيندي ڏٺو آهي. پر ڪڏهن به امير طبقي مهانگائي سبب رڙ نه ڪئي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هن ملڪ جي معيشت ان وقت ئي بهتر ٿي سگهي ٿي، جڏهن عوام لاءِ سوچيو ويندو. جڏهن حڪمران طبقو پنهنجون مراعتون ختم ڪندو ۽ پنهنجون عياشيون گهٽائيندو پر هن وقت تائين اهڙا امڪان گهٽ نظر اچن ٿا، تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ جي صنعتي، زرعي ۽ ٽيڪنالاجي واري شعبي ۾ جدت اختيار ڪئي وڃي. اهي شيون جيڪي ملڪ پاڻ پيدا ڪري سگهي ٿو، انهن جو مقدار وڌايو وڃي ۽ ان کان سواءِ ان ڳالهه تي زور ڏنو وڃي ته وڌ کان وڌ لگزري اسم ٻاهران گهرائڻ بند ڪيا وڃن ته جيئن عوام لاءِ ڪا سستائي ٿئي ۽ خاص طور تي عام استعمال جي شين تي وڌ کان وڌ سبسڊي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي اهو احساس ٿئي ته هي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ چاهي ٿي.