ڪوبه ناول سماج ۽ فرد جي داخلي توڙي خارجي عنصرن سان گڏ، زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جي عڪاسي ڪندو آهي، انساني زندگي ۽ سماج جي مختلف رخن کي جيترو تفصيل ۽ گهرائيءَ سان ناول ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو اها گنجائش ڪنهن ٻي صنف ۾ ايتري ناهي هوندي، ان ڪري شروع کان ناول ليکڪ توڙي پڙهندڙ جي پسنديده صنف رهيو آهي.
مشرف عالم ذوقي جو ڳاڻيٽو اردو جي اهم اديبن ۾ ٿئي ٿو، سندس تيرهن ناول، 10 ڪهاڻين جا مجموعا ۽ تنقيد جا ڪجهه ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندس ناول “نالئه شب گير” ان حوالي سان هڪ ڇرڪائيندڙ ناول آهي، جو ان ۾ ريڊيڪل فيمينزم جو عنصر آهي، ياد رهي ته عورتن جي حقن جي حاصلات جي ٽين لهر جيڪا 1960ع ڌاري شروع ٿي، ان کي ريڊيڪل فيمنسٽ تحريڪ چيو وڃي ٿو، جنهن جي باني سيمون دي بوا آهي. ڪنهن مرد ليکڪ کان اها توقع گهٽ هوندي آهي ته هو ايتري گهرائيءَ ۾ وڃي عورت جي مرد مخالف روين جي ايتري سگهاري انداز ۾ عڪاسي ڪري سگهي. هن ناول ۾ عورت جي دٻيل جذبن، صدين کان پنهنجي خلاف ٿيندڙ استحصال خلاف جذبن جي ڀرپور منظر ڪشي ڪيل آهي. اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته عورت هاڻي اها عورت ناهي جيڪا اڳ هئي، ناول ۾ سيمون دي بوا جو جملو ڏنل آهي ته عورت پيدا ناهي ٿيندي پر ٺاهي ويندي آهي. هن ناول جي ارپنا آهي ته هر ان عورت جي نالي، جيڪا باغي آهي ۽ پنهنجي شرطن تي جيئڻ چاهي ٿي. ان مان لڳي ٿو ليکڪ هن ناول کي سمورين عورتن جي ڪيس طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هي ڪهاڻي ستن حصن تي ٻڌل آهي، جن جا عنوان آهن دشت خوف، آتش گل، ريگ جنون، بحر ظلمات، وادئي اسرار، بارش سنگ سفر، آخر شب. هر عنوان معني خيز ۽ علامتي آهي، پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته اهي دراصل مختلف ڪردارن جون ڪيفيتون آهن، جيڪي انهن حصن ۾ بيان ڪيون ويون آهن.
ناول ۾ بظاهر ٻن مخلتف مزاجن وارين عورتن جي نفسيات جو مطالعو آهي. ليکڪ ٻن عورتن صوفيه مشتاق ۽ ناهيد ناز جي ذريعي سماج ۾ موجود اهڙين عورتن جو خاڪو پيش ڪيو آهي، جن ۾ صوفيه هندستان جي اهائي صديون پراڻي عورت آهي، جنهن تي جيترو به ظلم ٿئي پر اها خاموش ڳوڙها وهائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي، ماءُ پيءُ جي وفات کان پوءِ اها پنهنجي ڀاءُ سان گڏ وڏي ڀيڻ جي ساهرن جي گهر دهلي ۾ اچي رهندي آهي، جتي ان کي هر وقت اهو خيال پريشان ڪندو رهندو آهي ته هو ٻين تي بوجهه بنجي ڪيئن ٿي رهي سگهي.
صوفيه مشتاق جي ڪهاڻي ناول جي شروعاتي حصي ۾ هڪ مظلوم ڇوڪري طور پيش ڪئي ويئي آهي، جنهن جي باري ۾ ناول نگار چوي ٿو ته ايتري هيسيل، ڊڄڻي ڇوڪري هن ناول جي هيروئن نه ٿي ٿي سگهي، مسلسل استحصال سبب صوفيه ذهني مريض بنجي ويندي آهي، نيٺ هو غير فطري طريقي سان پنهنجو انت آڻي ڇڏيندي آهي.
ٻئي طرف ناول جي هيروئن ناهيد ناز آهي جيڪا صوفيه کان بلڪل مختلف، الڳ سوچ، الڳ مزاج واري ڇوڪري آهي، جيڪا عورت جي حيثيت ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ چاهي ٿي، جنهن ۾ اها ڪنهن مرد جي محتاج نه هجي. سندس تعارف دوران ئي ان بابت اندازو ٿي وڃي ٿو، جڏهن سندس نالي سان گڏ مڙس جو نالو لڳايو وڃي ٿو هوءَ اعتراض ڪري ٿي ته منهنجي مڙس جي الڳ سڃاڻپ آهي، منهنجي الڳ، هر ڇوڪريءَ کي پنهنجي ذاتي سڃاڻپ سان جيئڻ جو حق حاصل هئڻ کپي. هوءَ تمام باهمت ۽ جديد خيالن واري ڇوڪري آهي، شاديءَ کان پوءِ به عام عورت وانگر اهو نه ٿي سوچي ته هن جي خوشي هن جي مڙس جي خوشيءَ ۾ آهي، يا هاڻي ان جي ذميواري بس مڙس کي خوش رکڻ ئي آهي. هوءَ مڙس جي مجازي خدا هئڻ واري ڳالهه ۾ يقين نه ٿي رکي. ناهيد عورتن جي حقن ۽ تحفظ جي علمبردار ڇوڪريءَ جي صورت ۾ نظر اچي ٿي.
انڊيا ۾ گينگ ريپ جو شڪار ٿيل هڪ عورت جي انصاف لاءِ هڪ بحث دوران ناهيد چوندي آهي، جڏهن کان دنيا ٺهي آهي، اهڙي ڪا ڇوڪري پيدا ناهي ٿي، جيڪا ڪنهن حادثي کان محفوظ هجي، ڇوڪريون ماکيءَ جهڙو جسم کڻي پيدا ٿينديون آهن، ۽ سڀني کان اڳ ۾ پنهنجي ئي گهر ۾ سندي مٺي جسم تي ڇڀندڙ ۽ ڏنگيندڙ نظرن جو شڪار ٿينديون آهن، مرد ڪڏهن پنهنجي فطرت ناهي بدلائيندو.
ناول ۾ ناهيد جي ڪردار ۾ جيڪو باغياڻو ۽ مردن کان شديد نفرت وارو رويو ڏيکاريو ويو آهي، ان جي پويان جڏهن سبب پڙهجن ٿا جسم ڏڪي ٿو وڃي، ناول جو چوٿون حصو، بحر ظلمات جي نالي سان آهي، جيڪو ان عنوان وانگر بي حيائي ۽ ظلم جو اهڙو گهرو سمنڊ آهي جو پڙهندڙ پاڻ کي ان جي لهرن ۾ لڙهندي محسوس ڪري ٿو. ناهيد جهونا ڳڙه جي رهندڙ آهي، سندس والد پرهيزگار، 5 وقت نمازي، سخت گير قسم جو قدامت پسند ماڻهو آهي، ناهيد جي گهر ۾ پردي جي سخت پابندي هوندي آهي، ان گهر جون عورتون قيدي واري زندگي گذارينديون آهن. پر ان گهر ۾ مردن جو هجوم هوندو آهي سندن چاچا، ماما، سوٽ ماسات، جن جون نظرون هر وقت ناهيد ۽ ان جي ٽن ڀيڻن تي هونديون آهن، جيئن ته سندن گذر سفر خانداني ڪاروبار ۽ ٻنين مان ٿيندو آهي ان ڪري انهن مردن جو ڪم رڳو نماز پڙهڻ، ڪجهه دير تلاوت ڪرڻ ۽ ان کانپوءِ عمر جو لهه لحاظ نه ڪندي، ڇوڪرين کي جنسي حوس جو نشانو بنائڻ هوندو آهي. اهي نياڻيون ننڍڙي عمر کان ئي ان وحشت جي ور چڙهيل هونديون آهن.
ناهيد جون ٻه ڀينرون جڏهن گهر جي مردن جي حوس جو نشانو بنجي پيٽ سان ٿي وينديون آهن ته عزت بچائڻ لاءِ انهن جي شادي انهن جي پيءُ جي عمر جي مردن سان ڪرائي ويندي آهي، جتي اهي طعنا مهڻا سهندي مري وينديون آهن. پر ناهيد ننڍپڻ کان پنهنجي جسم کي ٿيندڙ هر حرڪت کان هڪ اڻڃاتل خوف جي ڪري بچائيندي ايندي آهي، هو سندي ماءُ کي چوندي آهي، هر جا بزرگ مرد، اڇين ڏاڙهين وارا يا نوجوان سوٽ ماسات جڏهن ان کي هنج ۾ ويهاري پيار هن ٿا ته هن کي گهر جي ڀتين تي نانگ ۽ ڪوئا ڊوڙندي نظر اچن ٿا. هاٿين جون سونڊيون لڏندي نظر اچن ٿيون ۽ ڪو به مائٽ هن کي هنج ۾ کڻي ٿو ته ان کي جسم ۾ ڪوڪا چڀندي محسوس ٿين ٿا، انهن مردن ۾ سندن گهر ۾ قرآن پڙهائڻ لاءِ ايندڙ اڇي ڏاڙهي وارو مولوي به شامل هوندو آهي. ان ۾ وڏي تبديلي تڏهن ايندي آهي جڏهن ان جي سوٽ نگهت انهن مردن جي حوس جو شڪار ٿي پيٽ سان ٿي ويندي آهي، گهر جا مرد ناهيد کي بي غيرتي جا طعنا ڏيئي ان کي ماري ڇڏيندا آهن. مارڻ کان پوءِ ڪو مرد ان جي جنازي کي ڪلهو ڏيڻ لاءِ به تيار ناهي هوندو، ان کي دين جي دائري مان خارج سمجهندا آهن، جڏهن ناهيد، نگهت جي لاش جي مٿان بيهي سوال ڪندي آهي ته ڪنهن ماريو آهي نگهت کي. جواب ۾ سندس پيءُ ان کي بيغيرت چوندو آهي. ته کيس چوندي آهي.
ناهيد جنهن ماحول ۾ پلجي ٿي، وڏي ٿئي ٿي ظلم بربريت ڏسي ٿي اهي سڀ شيون اڳتي هلي سندس دماغ تي ايتري قدر اثر ڪن ٿيون جو ان جي مرد مخالف روين جو شڪار سندس مڙس ڪمال يوسف به ٿيندو رهندو آهي، ناهيد جي ان سان ڪيل ورتاءُ هڪ ذهني مريضه وارو هوندو آهي. هن وقت تائين جيڪو ادب منهنجي نظر مان گذريو آهي، ان ۾ ناهيد جهڙو مرد مخالف ڪردار ڪڏهن ناهي پڙهيو، جنهن ۾ انتهاپسنديءَ جي حد تائين مرد مخالف جذبا هجن. هن جي خواهش هوندي آهي ته ڪمال هر اهو ڪم ڪري جنهن جي توقع گهر جي عورتن کان ڪئي ويندي آهي. صفائي، ٿانو ڌوئڻ، ماني بچائڻ، گهر ۾ رهڻ، ٻار سنڀالڻ وغيره. هوءَ چاهيندي آهي ته سندس مڙس ساڙهي ۽ بلائوز پائي. اهي سڀ شيون ڏسي ڪمال ۾ احساس ندامت پيدا ٿيندو آهي، هن کي محسوس ٿيندو آهي ته ان جي اندر جو مرد ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهي، پر پوءِ به هو صبر ڪندو آهي، برداشت ڪندو آهي. سندس موجب صدين کان ظلم ۽ استحصال جو شڪار عورت جڏهن ان کان بدلو وٺي پئي ته ان ۾ غلط ئي ڇا آهي، صدين کان پوءِ هڪ عورت انسان جي روپ ۾ ساهه کڻي پئي ته ڇو روڪجي ان کي.
ليکڪ عورتن جي مسئلن ۽ نفسياتي ڪيفيتن کي ائين بيان ڪيو آهي جو لڳي ٿو ان جي انهن ڪردارن جي حوالي سان سندس ڪافي گهرو مشاهدو آهي، انهن کان پوري طرح واقف آهي، ناول جو ٻٽو پلاٽ آهي، ليکڪ پاڻ متحرڪ ڪردار جي صورت ۾ ڪهاڻيءَ ۾ موجود آهي ۽ موقعو ملڻ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو رهي ٿو، جيڪو هڪ نئون انداز آهي.
هي ناول نه فقط هڪ عورت کي صدين جو تسلط ٽوڙڻ، پاڻ مٿان ٿيندڙ ظلم ۽ جبر خلاف نعرو بلند ڪرڻ جي سگهه ڏيئي ٿو پر مرد کي به ان ۾ پنهنجو اصل روپ نظر اچي ٿو، ناول ۾ پدرشاهي سماج ۾ مذهب کي ڍال بنائي عورتن کي غلام بنائي رکڻ وارن سمورن جوازن جي بهترين ڇنڊ ڇاڻ ٿيل آهي، جنهن جو اظهار انتهائي جرئت سان ڪيو ويو آهي.