ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا اسان جو وارو پيو اچي؟

عالمي ميڊيا تي اڄ ڪلهه سريلنڪا ڇانيل آهي جنهن جي معيشت گوڏا کوڙي نه ويٺي آهي پر اصل منهن ڀر وڃي زمين سان لڳي آهي. پاڪستان جي ابتڙ سريلنڪا جي ڪميونسٽ پارٽي ماڻهن کي حڪمران طبقن ۽ ملڪ جي سياسي معاشي سرشتي خلاف منظم ۽ متحرڪ ڪري رهي آهي. هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو روڊن تي مظاهرا ڪري رهيا آهن. پاڪستان ۾ ويٺل ڪجهه نوان پراڻا سرخا حد کان وڌيڪ اميد پرستيءَ جو اظهار ڪندي سريلنڪا کي سرخ ٿيندو ڏسي رهيا آهن. انهن کي خبر ڪانهي ته عالمي مالياتي سامراج اولهه جرمني ۽ جپان جهڙن جنگ جي ماريل ملڪن کي به سرخ ٿيڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. جپان مٿان ايٽم بم جو حملو ڪندڙ آمريڪا ئي بعد ۾ جپان کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي لاءِ مارشل پلان کڻي پهتو هئو. ڇاڪاڻ ته ان وقت به اهو ئي ڊپ هئو ته متان جپان به چين وانگر سرخ نه بڻجي وڃي. ان ڪري جيڪڏهن سريلنڪا جي سرخ بڻجڻ جو واقعي به ڪو امڪان هوندو ته آئي ايم ايف ميدان ۾ لهي پوندي ۽ ڏيوالو نڪتل سريلنڪا کي بيساکيون ڏئي پنهنجي پيرن تي بيهاريو ويندو. معاشي طور تي ڏيوالو بڻجندڙ ملڪ ڪيئن هوندو آهي ۽ ان جي عوام يا حڪمرانن جي حالت ڪهڙي هوندي آهي؟؟ اهو دنيا جي سامهون اچي ويو آهي. ان ڪري هاڻي اسان جي ملڪ اندر به رڳو سريلنڪا نه پر پاڻ پاڪستان تي بحث ڇِڙي ويو آهي ۽ اهو سوال اهميت وٺندو پيو وڃي ته ڇا ڪنگال ٿيڻ جي معاملي ۾ سريلنڪا کان پوءِ پاڪستان جو وارو آهي؟ ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي معاشي حالت به ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. هڪڙي پاسي ملڪ معاشي طور تي ڏيوالو بڻجڻ جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتو آهي ته ٻئي پاسي عمران خان ۽ ان جا مالڪ وري ملڪ کي سياسي ۽ معاشرتي بحران جي ور چاڙهي گهرو ويڙهه ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن جنهن ڪري ڪافي وقت کان موجود ٻڏتر واري صورتحال ويتر پختي ۽ مستقل منظر بڻجندي پئي وڃي. بين الاقوامي طور تي يوڪرين ۽ سريلنڪا وارو بحران، علائقائي طور تي افغانستان جي خراب صورتحال، هندوستان سان بگڙيل لاڳاپا ۽ اندروني طور تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ چيني استادن تي آپگهاتي حملي جهڙا واقعا سيڙپڪارن کي پاڪستان کان پري رهڻ تي مجبور ڪن ٿا. اڄ ڪلهه جي دنيا معاشي طور تي پاڻ ۾ ان حد تائين ڳنڍيل آهي جو ارجنٽينا جو معاشي گھوٽالو برازيل کان وٺي ٿائيلينڊ تائين هر جاءِ تي محسوس ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو هر ڪنهن کي متاثر ڪري ٿو. ان ڪري پاڪستان اندر عمران خان جا “لکين” ماڻهن وارا جلسا جلوس سيڙپڪارن کي ضرور خوفزده ڪن ٿا.
پاڪستان کي معاشي طور تي سگهارو ڪرڻ يا ٽيڪ ڏيڻ لاءِ حڪمرانن وٽ ڪا رٿابندي موجود ڪانهي. ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ناڻي واري وزارت عملي طور تي لندن ۾ ويٺل ناڻي وارو اڳوڻو وفاقي وزير اسحاق ڊار هلائي رهيو آهي. يا وري اها ساڳي غير يقينيءَ واري صورتحال جنهن پوري ملڪ کي جڪڙي ڇڏيو آهي اها ساڳي غير يقيني حڪمرانن تي به ڇانيل آهي. انهن کي پنهنجي مستقبل جي پڪ به ڪانهي. معيشت کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ضروري آهي ته دفاعي خرچ گھٽايا وڃن ۽ حڪمرانن جي شاهه خرچين کي ترت بند ڪيو وڃي. پر جيئن ته اهي ٻئي ڪم حڪمرانن جي وس کان چڙهيل آهن تنهن ڪري باقي بچيل رستو عوام کي ڏني ويندڙ سبسڊي ختم ڪرڻ ۽ مهانگائي وڌائڻ وارو آهي جيڪو وري ان ڪري مصيبت وارو آهي جو قيمتون وڌائڻ سان خزانو ته ڀري سگهجي ٿو پر ائين ڪرڻ سان سياسي ساک داغدار ٿيندي. جنهن ڪري ايندڙ سال ٿيندڙ عام چونڊن ۾ سوڀارو ٿيڻ گھڻو مشڪل بڻجي ويندو ان ڪري حڪمران اتحاد جي نظر وري به عارضي بنيادن تي مسئلي جو حل ڳولڻ يا ائين چئجي ته مسئلي کي حل ڪرڻ بدران ان کان نٽائڻ واري پاليسي ۽ رستو اختيار ڪرڻ ڏانهن وڃي ٿي.
جڏهن سياسي سرشتو ڪم نه ڪندو آهي ۽ جڏهن سياسي حڪومتن جي مستقبل بابت ٻڏتر ختم نه ٿيندي آهي تڏهن آفيسر شاهي به پنهنجو ڪم بي دليو ڪندي آهي يا وري ڪم ڪندي ئي نه آهي جنهن ڪري ملڪ ۾ خراب حڪمرانيءَ جو تصور ته ٺهيو پر ائين لڳندو آهي ڄڻ حڪمراني آهي ئي ڪانه.
سياسي گھوٽالو رڳو پاڪستان اندر پيدا نه ٿيو آهي نه وري اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي. اٽلي ۽ جپان جهڙي ترقي يافتا ملڪن اندر به سياسي اٿل پٿل ٿيندي رهي آهي پر اسان ۽ انهن ۾ اهو فرق آهي ته انهن اهڙا ادارا جوڙي ورتا آهن جو ڪجهه به ٿي وڃي معاشي سرگرميون بهرحال جاري رهنديون آهن. ان جي ابتڙ اسان وٽ معاشي سرگرمين کي جاري رکڻ لاءِ ڪو سرشتو موجود ڪونهي. اسان وٽ پنهنجي مفاد جي بچاءَ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ميثاقِ جمهوريت جوڙيندڙ سياستدانن منجهه اها اميد ڪانه ٿي رکي سگهجي ته اهي ملڪي مفاد ۾ ميثاقِ معيشت به جوڙي وٺن. حڪومت معاشي مامرن کي سڌو ڪرڻ لاءِ جيڪي صلاحڪار ڪائونسلون جوڙي ٿي اهي بس چانهن جي ڪوپ تي گڏ ٿيڻ وارن ماڻهن جي ڪچهريءَ کان وڌيڪ ڪجهه نه هونديون آهن. حالانڪه اهي سڀ ماڻهو پنهنجي ذاتي ڪاروبارن ۾ ڏاڍا چالاڪ ۽ ڪامياب آهن البت حڪومتي وهنوار جي معاملي ۾ کين ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي يعني اتي اهي شتر مرغ بڻجي پنهنجي ذميوارين کان ڀڄن ٿا. معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ اسان وٽ ڪافي مثال موجود آهن. مثال طور ملائيشيا جي اڳوڻي وزيرِ اعظم مهاتير محمد پنهنجي ملڪ جي معيشت کي ڪهڙي نموني سهارو ڏنو؟ ۽ هندوستان جو اڳوڻو وزيرِ اعظم ڊاڪٽر من موهن سنگهه پنهنجي ملڪي معيشت کي ڪهڙن فيصلن ذريعي ٽيڪ ڏئي مٿي کڻي آيو؟ جڏهن هندوستان وٽ ضروري استعمال جي شين جي درآمد لاءِ رڳو ٽن هفتن جيترا پيسا وڃي بچيا هئا. انهن اڳواڻن پنهنجي ملڪ جي ٻڏندڙ معاشي ٻيڙي کي ڪهڙي نموني تاريو؟ اسان کي ان منجهان سکڻ جي ضرورت آهي ۽ سکڻ لاءِ گھڻو ڪجهه آهي جيڪڏهن اسان جو ارادو سکڻ جو هجي ته. پر جيڪڏهن اسان جو اهڙو ڪو ارادو ئي ڪونهي ته پوءِ اسان کي تباهي ۽ برباديءَ کان ڪير به بچائي نه ٿو سگهي.
پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ سياسي صورتحال ايندڙ ٻن سالن تائين ملڪي پاليسين کي متاثر ڪندي رهندي. موجوده حڪومت کي گھڻو وقت ٿي ويو آهي اقتدار پنهنجي وس ڪئي. يعني جنهن کي چئبو آهي رانديگر جو سيٽ ٿي وٺڻ، ايترو ٽائيم ته حڪومت کي ملي ويو آهي پر اڃان تائين وٽس معاشي بهتريءَ لاءِ ڪا رٿابندي نظر نه ٿي اچي. موجوده حڪومت جي صورت ۾ عوام کي جيڪو مختصر ئي سهي پر سک جو ساهه کڻڻ نصيب ٿيو هئو اهو هاڻي پڄاڻيءَ کي پهچي رهيو آهي. جلد ئي ڪڙيون حقيقتون سامهون اچڻ واريون آهن. آئي ايم ايف کان سواءِ ٻيو ڪو سهارو ڪونهي. ٻِي اها اميد آهي ته سعودي، چين ۽ دبئي جهڙا “دوست” ملڪ الله جي نالي تي ڪجهه نه ڪجهه ڏئي وجهندا ۽ اسان جو ٻيڙو پار ٿي ويندو. اهڙي طرح جي معيشت ۾ مهانگائيءَ جو تناسب ڏينهون ڏينهن وڌندو ويندو. سرڪاري انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته ملڪ ۾ هينئر به مهانگائيءَ جو تناسب 13 سيڪڙو آهي پر سچائي ان کان گھڻي وڌيڪ آهي. ٻئي پاسي حڪومتي اٽڪل بازي اها آهي ته سال ۾ هڪڙو ڀيرو سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڪُسي ڪُسي پنج کان ڏهه سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو ۽ اهو به مٿن احسان بڻائي پيش ڪيو ويندو آهي. ڏهه سيڪڙو ڏئي پندرهن سيڪڙو واپس وٺي وڃڻ جو مطلب ٿيو ادو مئو ادي ڄائي اسان اوتري جا اوترا. ان کان علاوه ٻه ٽي لک سرڪاري ملازمن جي پگهار وڌائي ڪروڙن جي تعداد ۾ عوام کي ڪو به رليف نه ڏيڻ جو مطلب آهي ٿورڙا ماڻهو جيڪي رياستي وهنوار ۽ حڪومتي وهنوار هلائڻ لاءِ استعمال ٿين ٿا انهن کي ڦرلٽ جي مال منجهان معمولي حصو ڏئي خاموش ڪري ڇڏيو باقي ٻين سڀني جي ابتي کل لاهيو. جيئن اسان اڳ بيان ڪري آيا آهيون ته موجوده حڪومت کي پاڻ کي به خبر ڪانهي ته اها نيٺ ڪيترو وقت اقتدار ۾ رهندي؟ چونڊيل حڪومت هوندي آهي ته ان وٽ ڪجهه رٿابندي هوندي آهي ڪافي ٽائيم هوندو آهي. ان جي ابتڙ هن حڪومت وٽ آرام ڪرڻ جو ٽائيم ڪونهي. جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي اهو هاڻي ئي ڪري وٺڻو آهي. ايندڙ اليڪشن ۾ سوڀارو ٿيڻو آهي ته هاڻي ئي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي ٻِي صورت ۾ عمران خان ته ميدان ۾ بيٺو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button