اسلام آباد ۾ ٽن ڏينهن ۾ جوڊيشل ايڪٽو ازم ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڏنل فيصلي کان پوءِ ڏيڍ مهيني واري ميان شهباز شريف جي حڪومت وڌيڪ ڏکين حالتن ۾ اچي وئي آهي. پنجاب اسيمبليءَ جي 25 منحرف ميمبرن جي ڊي سيٽ ٿيڻ کان پوءِ پنجاب جو وڏو وزير پنهنجي اڪثريت وڃائي ويٺو آهي. هوڏانهن مسلم (ن) ليگ پنجاب ۾ پنهنجي اڪثريت هئڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. جڏهن ته پنجاب جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي پنجاب ۾ وڏي وزير طور ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڄاڻايل سڀني ڳالهين جي باوجود ميان شهباز شريف جي حڪومت آگسٽ 2023ع تائين جاري رکڻ وڌيڪ مشڪل ٿي وئي آهي. جڏهن ته حڪومت قومي اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ جي هڪ منحرف ميمبر راجا رياض کي اپوزيشن اڳواڻ چونڊيو ويو ۽ 10 جون تي ايندڙ سال جي وفاقي بجيٽ منظور ڪرڻ وارو وزير اعظم نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو آهي. هوڏانهن حڪومت پاران بجيٽ پاس ڪرائڻ ۽ اپوزيشن اڳواڻ جي چونڊ جي پويان به اصل ڪهاڻي نگران حڪومت جي مقرريءَ لاءِ حڪمران جماعت ۽ اپوزيشن جي گڏيل صلاح سان چونڊڻ ڏانهن وڃڻ قرار ڏنو وڃي پيو. اهڙي ريت اربع واري ڏينهن سپريم ڪورٽ جي هاءِ پروفائيل ڪيسن بابت پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ واري جاري ٿيل پريس رليز تي گهرو وزير رانا ثناءُ الله ردعمل ڏيندي چيو هو ته اسان جي خلاف هلندڙ ڪيسن بابت ته ڪڏهن به سپريم ڪورٽ اهڙو قدم نه کنيو هو. ساڳي ريت پ پ جي خورشيد شاهه ۽ ٻين مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته بدليون ۽ مقرريون ايگزيڪٽو پاران مقرر ڪرڻ جو حق آهي. انهن جو ڪم عدالتن کي نه ڪرڻ گهرجي. هوڏانهن سپريم ڪورٽ پاران صدر مملڪت پاران منحرف ميمبرن بابت موڪليل ريفرنس تي ڏنل ججمينٽ جي بنياد تي اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبليءَ جي ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ وارو فيصلو ڏنو آهي. ان کان اڳ ۾ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جي سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن اهڙو فيصلو نه ڏنو هو. ان ڪري منحرف ميمبرن واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي کان پوءِ، سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادي ڪيس ۾ ڏنل حڪم جي وڌيڪ اهميت آهي. ڇو ته ميان شهباز شريف حڪومت جي مخالفن جو چوڻ هو ته هيءَ حڪومت اسيمبليون ٽوڙي اليڪشن ڪرائڻ کان ان ڪري لهرائي رهي آهي، ته جيئن سندن خلاف هلندڙ ڪيسن کي ختم ڪرائي سگهن. ان ڪري سپريم ڪورٽ پاران خميس جي ڏينهن ڏنل حڪم ۾ سمورن هاءِ پروفائيل ڪيسن جو رڪارڊ سيل ڪري سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ، ڏيڍ مهيني ۾ ڄاڻايل ڪيسن جي جانچ ڪندڙ ۽ پراسيڪيوشن ڪندڙ آفيسرن جون بدليون فوري طور تي واپس ڪرڻ ۽ چار هزار نالا اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جا تفصيل گهري ورتا آهن.
سپريم ڪورٽ جي ڄاڻايل حڪم کان پوءِ شهباز شريف جي حڪومت پنهنجي معاشي مجبوريءَ کان پوءِ وڌيڪ سياسي طور ڪمزور ٿي وئي آهي ۽ ان خلاف پي ٽي آءِ جي دٻاءُ ۾ وڌيڪ تيزي اچي وئي آهي. ان ڪري گهڻن تجزئي نگارن اهڙي جوڊيشل ايڪٽوازم کي اسلام آباد جي تبديل ٿيندڙ موسم سان ڀيٽيو آهي. حڪومت مخالف وي لاگرز عدالتي سرگرميءَ کي بنياد بنائي موجوده حڪومت خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. ڪالهه جمعي جو ڏينهن پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ وڌيڪ اهم ان ڪري به ليکيو وڃي پيو ته پي ٽي آءِ جو ملتان ۾ وڏو جلسو هنن سٽن جي لکجڻ کان پوءِ ٿيڻو آهي. جنهن ۾ عمران خان وڌيڪ دٻاءُ واري لهجي ۾ اليڪشن جي تاريخ گهري رهيو آهي. ٻي صورت ۾ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ واري تاريخ جو اعلان ڪرڻ وارو آهي. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عمران خان کي اليڪشن ڪميشن جي پنجاب اسيمبليءَ جي ميمبرن جي نا اهليءَ واري فيصلي به وڌيڪ طاقتوار ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري هن جو اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿي ويو آهي. ان ڪري هڪ ڏينهن اڳ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جو نئون فارمولو به پنهنجي اچڻ کان اڳ اهميت وڃائي ويٺو آهي. جنهن ۾ هن چوڌري شجاعت حسين سان رڳو قومي اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ صوبائي اسيمبليون نه ٽوڙڻ تي ڳالهايو هو. انهيءَ فارمولي تي چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ هو ته آئون وڏو وزير ٿي ويس ته عمران خان جي چوڻ تي اڌ ڪلاڪ ۾ صوبائي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندس. هوڏانهن وزير اعظم ميان شهباز شريف لاءِ غير سرڪاري طور جمعي جي ڏينهن قوم کي خطاب ڪرن جو چيو ويو هو. پر اوچتو حالتن ۾ تبديلي اچڻ ڪري هو پنهنجي وزير اعظم طور ڏيڍ مهيني تائين به قوم کي خطاب نه ڪري سگهيو آهي.
ڪالهه وزير اعظم ڪراچيءَ ۾ ملڪ جي وڏن صنعتڪارن ۽ واپارين جي اڳيان پنهنجي معاشي ايمرجنسيءَ جو دفاع ڪيو ۽ ان جي ڀيٽ ۾ ملڪ جي غريب ڳوٺاڻي ماڻهوءَ جو ڪيس وڙهيو آهي. جنهن ۾ لگزري واش رومز لاءِ ولايت جو سامان گهرائيندڙن کي ٻڌايو ته هو ڳوٺن ۾ کيتن ۾ ڪاڪوس ڪندڙن جي تڪليف به سمجهن. اهڙي ريت هن اهڙي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي نتيجي ۾ چار ارب ڊالرز بچائي قرض جي قسط ادا ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. وزير اعظم شاعري ۾ گهڻيون ڳالهيون صنعتڪارن ۽ وڏن واپارين سان ڪيون.
پر هوڏانهن ڪراچيءَ جا صنعتڪار ۽ وڏا واپاري وزير اعظم جي شاعراڻي تقرير ٻڌي داد ڏيڻ بدران هن جي کنڀيءَ واري پاڙ کي ڏسي رهيا هئا. ان ڪري وزير اعظم جي صنعتڪارن ۽ واپارين سان اهم نوعيت واري نشست فقط نشست برخواست ئي رهي. تجزئي نگارن وزير اعظم جي متوقع پهرين قوم واري خطاب جي پسمنظر ۾ قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ سڏي رهيا هئا. مطلب ته وزير اعظم پنهنجي پهرين نشري تقرير ۾ ڪا اهڙي ڏکي ڳالهه ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن لاءِ اڳ قوم کي خبردار ڪرڻ چاهي ٿو. تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاران سبسڊيز ختم ڪرڻ واري فيصلي کي مڃڻ واري ڳالهه سان ڳنڍي رهيا آهن. ڪجهه تجزئي نگار وري اجايو ان ڳالهه جو به امڪان ظاهر ڪندڙ هئا ته متان آءِ ايم ايف جي ڳرن شرطن کي سياسي حڪومت پاران مڃڻ بدران اسيمبليون ختم ڪرڻ واري ڳالهه ڪري ۽ آءِ ايم ايف وارا ڳرا شرط مڃڻ وارو بار نگران حڪومت جي ڪنڌ ۾ وڌو ويندو.
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته موجوده ڏيڍ مهيني جي عمر واري حڪومت جي خلاف عمران خان وڏن عوامي جلسن جي صورت ۾ رڻ ٻاري چڪو آهي. پنجاب جي گجرانوالا واري شهر ۾ به عمران خان خميس جي ڏينهن وڏو جلسو ڪري چڪو آهي. گجرانوالا مسلم ليگ (ن) جو ڳڙهه سمجهيو ويندو رهيو آهي. ضياءُالحق جي ويجهي ساٿي غلام دستگير کان وٺي موجوده وفاقي وزير خرم دستگير تائين مسلم ليگ (ن) جو گجرانوالا اهم مرڪز رهيو آهي. ان ڪري پي ٽي آءِ جي ايڏي وڏي سرگرمي پنجاب ۾ ٿيڻ (ن) ليگ کي تتل تئي تي ويهاري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڪالهه جمعي جي ڏينهن اليڪشن ڪميشن پاران منحرف ميمبرن بابت ڏنل فيصلو ڪڪڙن جي ويڙهه واري آخري کڙهه ثابت ٿي آهي. هوڏانهن سخت گرمين واري موسم کان پوءِ پي ٽي آءِ لاءِ اسلام آباد جي سياسي موسم جي تبديلي واري ڳالهه کي وڏي اهميت ڏيڻ لڳا آهن. اهڙا تجزئي نگار سپريم ڪورٽ ۾ پينڊنگ ۾ پيل وڌيڪ اهم ڪيسن کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا. هونءَ ته پنجاب جي لاٿل گورنر عمر چيما ۽ پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهيءَ جا حمزه شريف جي حلف برداري ۽ چونڊ جي خلاف ڪيس جي به الڳ شروع ٿي ويا آهن. پر وڌيڪ اهم ڪيس اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوريءَ جو قرار ڏنو وڃي پيو. جنهن ۾ هن عدم اعتماد جي رٿ رد ڪرڻ واري ڪيس جي خلاف سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي جي خلاف رويو پٽيشن داخل ڪئي آهي. جنهن جي شنوائي به هلڻي آهي.
چون ٿا ته ان رويو پٽيشن ۾ جيڪڏهن عدالت اها ڳالهه مڃي وٺي ٿي، ته ” پارليامينٽ خود مختيار ادارو آهي. ان جي فيصلي ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهجي” مطلب ته قاسم سوريءَ پاران عدم اعتماد جي رٿ رد ٿيڻ ۽ وزير اعظم عمران خان پاران اسيمبلي ٽوڙڻ وارو فيصلو بحال ٿي سگهي ٿو. جيترا وات اوتريون ڳالهيون. ايڏي تيزيءَ سان موجوده حڪومت خلاف افواهن جي بازار هلائي وئي آهي، جو موجوده حڪومت جي وڌي ويل پريشانيءَ کي ڏسي سگهي ٿو ته موجوده حڪومت رڳو معاشي مسئلن ۾ ورتل ناهي، پر سنجيده سياسي پيچيدگين مان به گذري رهي آهي. ڏيڍ مهيني واري حڪومت لاءِ ڪراچي جهڙي ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ ڪاسموپوليٽن ميگا سٽي واري شهر ۾ اوچتو وڌي ويل بم ڌماڪا به ملڪ جي سڀ کان سياسي مستحڪم صوبي بابت گهڻيون ڳالهيون ٻڌائين ٿا. (ن) ليگ جي وزارت اعظميٰ سان گڏوگڏ پ پ جي حڪومت خلاف دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ۽ اوچتو امن امان جي وڌي ويل مسئلن تي به جيترا وات اوتريون ڳالهيون هلندڙ آهن. اهڙن افواهن ۾ سنڌ جو وڏو وزير مراد شاه جو اوچتو آمريڪا دوري تي هليو وڃڻ به وڌيڪ تيزي آڻي رهيو آهي.
هوڏانهن اهڙن افواهن ۾ وڌيڪ تيزي اڳوڻي خزاني واري وزير حفيظ شيخ جو اوچتو سخت گرمين ۾ آمريڪا مان پاڪستان پهچڻ تي هلندڙ آهن. ڇو ته هو ئي آءِ ايم ايف جا ڳرا شرط سمجهي به ٿو ۽ پورا ڪري سگهي ٿو. هو خزاني جي وزير جو اميدوار نه هو، نگران ٽيڪنوڪريٽ وزير اعظم به ٿي سگهي ٿو. هونءَ به کوهن جا منهن ۽ ماڻهن جا وات ڪير ٿو بند ڪري سگهي. ان ڪري جيترا وات اوتريون ڳالهيون.