هن ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بي اعتمادي تحريڪ ڪامياب ٿيندي تمام سياسي جماعتن جي گڏيل اتحاد سان وفاقي حڪومت قائم ڪئي وئي آهي هاڻي ان اتحاد ۾ رڳو پي ڊي ايم شامل ناهي پر انهيءَ سان گڏوگڏ وڏي اتحادي پ پ پ، ايم ڪيو ايم، باپ، ڪجهھ ق ليگ شامل آهن جڏهن عمران خان جي حڪومت هئي ته مخالف اتحاد پي ڊي ايم ۽ پ پ پ هئي پر بي اعتمادي رٿ کان پوءِ خود پي ٽي آئي جي صفن ۾ هڪ وڏو سياسي ڏار پئجي ويو. ڀلي اهي هاڻي حڪومت ۾ شامل نه هجن پر اڻ سڌيءَ طرح سان اهي سڀ جو سڀ حڪومت جا اڻ سڌا اتحادي آهن حڪومت کي آئي هڪ مهيني جو عرصو مس گذريو آهي ته حڪومت تي ٻن رخن کان تنقيد يا بحث ٿئي پيو پهرين تنقيد هي پئي ٿئي ته وزير اعظم شهباز شريف فيصلن ڪرڻ جي صلاحيت ئي نٿو رکي تڏهن هو وڏي ڀاءُ کان حڪومتي معاملن تي مشورو ڪرڻ لاءِ لنڊن پيو وڃي يا کيس وڏي ڀاءُ ن ليگ جي ڪجھه اهم ماڻهن سان پاڻ ڏانهن گھرايو ڪهڙا فيصلا ٿيا ڪهڙي حڪمتِ عملي جوڙي وئي انهيءَ جي واضح معلومات عوام کي نه ڏني وئي بس رڳو ايترو چيو ويو ته تمام اتحاين کي اعتماد ۾ وٺڻ کان پوءِ فيصلا ڪيا ويندا، اتحادين سان صلاح مشورن کان پوءِ هڪ طرف وزير اعظم جي پاران اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته معاشي بحران متعلق سخت فيصلا ڪرڻا پوندا ٻئي طرف ڪمال چالاڪ حڪمتِ عملي سان مريم نواز سرگودا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان جي مٿان سخت تنقيد ڪندي صاف لفظن ۾ چيو ته ” عمران خان جو پيدا ڪيل گند حڪومت کي نه کڻڻ گھرجي حڪومت جلد کان جلد اليڪشن جي طرف وڌي …….”
اليڪشن جي آپشن تي اڳوڻو وزير اعظم خاقان عباسي به صاف لفظن ۾ حمايت ڪندي نظر پيو اچي پر اتحادين جي هڪ وڏي اڪثريت خاص ڪري پ پ پ ۽ مولانا فضل الرحمٰن اليڪشن وڃڻ کان پهريان اليڪشن اصلاحات ۽ پوءِ اليڪشن ڏانهن وڌڻ جو چئي رهيا آهن انهيءَ کان پهريان ن ليگ ۽ اتحادي باربار اهوئي چئي رهيا هيا ته اسان اليڪشن وقت تي ڪرائينداسي پر هاڻي متضاد بيانن ۽ معيشت جي متعلق خاص ڪري پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڏنل سبسڊي ختم ڪرڻ جي حوالي سان فيصلن ڪرڻ ۾ ليٽ ڪندي اهو تاثر اڀاري رهيا آهن ته اسان حڪومت ۾ اچڻ جي فيصلي ڪرڻ کان پوءِ هڪ وڏي معاشي دٻاءَ مان گذرندي جيڪڏهن عوام جي مٿان مهانگائي جو هڪ ٻيو بار وجھنداسي ته اسان جي لاءِ ايندڙ اليڪشن انتهائي ڏکي ٿيندي.
هڪ طرف اها صورتحال ڏيکاري ٿي وڃي ته ٻئي طرف وري سپريم ڪورٽ جي سوموٽو وٺڻ کان پوءِ جنهن ۾ هاءِ پروفائل ڪيسن جي سڌي مانيٽرنگ ڪرڻ بدلين ۽ مقررين کي روڪڻ اي سي ايل ۾ ڪڍيل نالن جو تفصيل طلب ڪرڻ تي حڪومت ۽ اتحادي برهم ٿيندي نظر پيا اچن. خورشيد شاھه هڪ پرائيويٽ چينل تي اها راءِ ڏني ته “حڪومت جا هٿ ٻڌي پوءِ گند صاف ڪرڻ جي لاءِ چيو ٿو وڃي” ايتري حد تائين جو مولانا فضل الرحمٰن ڪراچي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته “سوموٽو وٺندڙ کي چوان ٿو ته اچي چيف ايگزيٽو ٿيو ۽ ڪاروهنوار هلايو” گھڻن تنقيدن جو ۽ بحثن جو ورجاءُ نٿا ڪريون پر هي به چيو ٿو وڃي ته وزير اعظم 20 مئي يا 21 مئي تي قوم کي خطاب ڪندو ۽ ان لاءِ هن معاشي ماهرن ۽ پارٽي اڳواڻن سان مشاورت ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. جيڪو ڪجھه ٻڌايو ٿو وڃي ۽ جيڪو تاثر اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي انهيءَ ۾ بظاهر ائين ٿو لڳي ته ڄڻ شهباز شريف ن ليگ ۽ اتحادي هڪ سياسي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا آهن کين اها خبر ئي نه هئي ته هو ڏکين فيصلن ڪرڻ مان گذرندا ڇا معاملو واقعي ائين ۽ ايترو آهي؟
اڌ صدي جي سياسي تاريخ ۽ تجربو رکندڙ اتحادي معيشت ۽ سياست کان بلڪل بي خبر هيا؟ ڇا انهن کي اها خبر نه هئي ته آئي ايم ايف سان عمران خان حڪومت جيڪي معاهدا ڪيا آهن اهي ڪيترا تلخ آهن ڇا انهن کي خبر نه هئي ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ڪيتري حد تائين پهتل آهي ڇا هو آئي ايم ايف ۽ ٻين مالياتي ادارن جي فيصلن ۽ مراعتن ۽ سختين کان واقف نه هئا؟ ڇا نواز شريف جنهن لنڊن ۾ ويهي پوري صورتحال کي نه رڳو مانيٽر ڪيو پر انهيءَ جو ڊائريڪشن به طئي ڪيو جيڪو پاڻ هڪ وسيع حڪومتي تجربو رکندڙ آهي ۽ هن سان گڏ هن جو ناٺي اسحاق ڊار جنهن کي معيشت جو دبنگ ۽ وڏو کيڏاڙي ۽ هوشيار سمجھو ويندو آهي انهيءَ کي خبر نه هئي ته حڪومت ملڻ کان پوءِ ن ليگ تي ڪيترو ڏکين فيصلن جو دٻاءُ پوندو؟ سياست جي سنجيدا سوچ رکندڙ ۽ ٿوري گھڻي تاريخ جي ڄاڻو هر فرد کي اها ڄاڻ آهي ته هن وقت ملڪ جي سياسي ۽ انتظامي اسڪرين تي جيڪي منظر نظر اچن پيا انهيءَ مان هي گاڙدي اتحادي پهريان کان ئي ٺيڪ طرح سان واقف هئا. مثال جڏهن عمران خان بي اعتمادي رٿ تي پنهنجا راز کولي پيو ته ان کي ٻڌائي پيو ته “کيس اٺ ڏھه مهينا پهريان ڄاڻ هئي ته بي اعتمادي رٿ ايندي انهيءَ ڪري هن حساس اداري جي ان وقت جي هيڊ کي هٽائڻ نه ٿي چاهيو.” بقول عمران خان جي ته اهو ادارو ۽ هيڊ هن جا ڪن ۽ اکيون هيو، اهڙي طرح سان حڪومت ڪندڙ آپوزيشن ۾ رهندڙ ۽ سياست جو سفر ڪندڙ سڀئي ڌريون سڀني شين کان ۽ ان جي گهراين کان ٺيڪ طرح سان واقف هوندا آهن ن ليگ جيڪا سياست جي سڀ کان وڌيڪ چالاڪ کيڏاڙي آهي ڀلي عمران خان نواز شريف ۽ شهباز شريف کي ٻٿ سڏيندي هي چئي ته ” واقعي زرداري تون چالاڪ آهين ۽ تنهنجي چالاڪي ن ليگ تي ڀاري اچي وئي آهي جو گاريون نواز شريف ۽ شهباز شريف ٿو کائي ۽ مال مرڪز ۽ سنڌ ۾ زرداري ٿو کائي….” پر پنهنجي راءِ ۽ تجزيو انهيءَ کان ڪافي مختلف آهي نواز شريف هن وقت سياست جو انتهائي طاقتور کيڏاڙي آهي جو هن بري وقت ۾ آمريتن جي دور کان عمران خان دور تائين نه رڳو پارٽي کي يونائيٽ رکيو پر پنهنجي سياسي ساک ۽ حڪمتِ عملي قائم رکندي وقتن به وقتن هڪ اهڙو پتو ڦٽي ٿو ڪري جيڪو سڀني کي حيران ٿو ڪري ڇڏي اتحادين ۽ نواز شريف کي اها ٺيڪ طرح سان ڄاڻ هئي ته عمران خان کي اقتدار مان هٽائڻ کان سواءِ هو اليڪشن جا نتيجا ٺيڪ بنيادي تي حاصل نه ڪري سگھندا ڇو ته عمران خان پوري طرح سان تمام ادارن کي پنهنجي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ جي حڪمتِ عملي تي عمل ڪري رهيو هو، تقريبن چئن سالن جي عرصي کان پوءِ هن کي هٽائڻ جو صحيح وقت هو يقينن انهيءَ ۾ زرداري جو به ڪردار آهي پر نواز شريف جي مرضي کان سواءِ بي اعتمادي چال هڪ سوت به چري نه پئي سگھي باقي هاڻي ٽوٽل جو ٽوٽل صورتحال ن ليگ ۽ اتحادين جي حق ۾ ئي آهي امڪان غالب اهو آهي ته هي معيشت جا سخت فيصلا ڪندا پر اهو سڄو سارو معصومانه ۽ ٻڏتر سان ڪرڻ جي حڪمتِ عملي تي عمل ڪندي ڪندا ته جيئن تنقيد جو وسڪارو انهن جي مٿان آسيرو پاسيرو ٿي وڃي ن ليگ اليڪشن جي چال هلندي هاڻي انهن اتحادين کي جن کي پي ٽي آئي کان ٽوڙيو آهي انهن کي پابند پئي ڪري ته هو ڪٿي هن جو ساٿ نه ڇڏين ۽ انهن جي به مجبوري ٿيندي ته هو حڪومت سان گڏجي بيهن. ن ليگ ڏکين فيصلن جو پورو وزن سڀني تي وجھڻ چاهي ٿي ۽ اهوئي ڪندي آخري عمل نيشنل سيڪورٽي ڪائونسل کي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطلب به پاڻ کي طاقتور ڪرڻ آهي معاشي سخت فيصلن کان پوءِ انتظامي معاملن ۾ ن ليگ کي خبر آهي ته عدالتي معاملن ۾ چيڪ اينڊ بيلنس ڪيئن پيدا ڪيو ويندو آهي هي پوري آرگنائيز حڪمتِ عملي سان مظلوميت، سادگي جو تاثر اڀارڻ جي ڪوشش ڪندي پنهنجي سياست ۽ اقتدار جي طاقت کي مضبوط ڪندي اڳتي وڌندا عوام جو الميو ۽ سادگي اهائي هوندي آهي ته هو حڪمرانن کي سادو اٻوجھه ۽ مسئلن ۾ بي خبري سان ڦاسندڙ تصور ڪندو آهي جڏهن ته رولنگ ڪلاس جي ان گورڪ سياست ڪندڙ ڌرين کي اها ڄاڻ هوندي آهي ته انهن جي هٿ ۾ ڪهڙا پتا آهن ۽ مخالف وٽ ڪهڙا پتا ڪهڙي چال ڪڏهن هلجي ۽ ڪيئن هلجي اها ٺيڪ طرح سان هو ڄاڻ رکن ٿا سڀاڻي جيڪي به ڏکيا فيصلا ٿيندا تڏهن اهوئي چيو ويندو ته “ويچارو شهباز شريف.”
ڪمزور اتحادي حڪومت جي طاقتور چال اها هوندي آهي ته هو حڪومت به ڪري ۽ حڪومت ڇڏڻ جي لاءِ تيار به هجي.