هي ڳالهه آهستي آهستي کلي وئي آهي ته موجوده اتحادي حڪومت جي واڳ ڌڻي ائين حمايت نه پيا ڪن، جيئن انهن عمران خان کي چيچ کان پڪڙائي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ لاڏلي جيان سارسنڀال لڌي! جيڪڏهن موجوده اتحادي حڪومت کي لاڏ ڪوڏ جي ضرورت نه به هجي ۽ نه ئي وري ان کي چيچ کان پڪڙڻ جي ضرورت هجي، پر جيڪو ٻوجهه اسٽيبلشمنٽ کي کڻڻ گهرجي، اهو به کڻڻ لاءِ تيار ناهي! بقول اتحادي حڪومت جي اڳواڻن جي ته هينئر تائين جيڪو گند ڪچرو ڦهليل آهي، جيڪا معاشي تباهي آئي ۽ مختلف ادارن جي ستيا ناس ڪئي وئي، يقينن هي ڪم هڪ مهيني جي حڪومت ته ڪري نٿي سگهي، انهن کي ورثي ۾ تباهي ملي آهي ته هو اهڙو ڪهڙو آرٽ سکن جنهن جي بنياد تي هو صفائي جو عمل شروع ڪن. هاڻ ملڪ جي اعليٰ عدالت، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ادارن جي ذريعي جيڪي فيصلا اچي رهيا آهن، انهن اتحادي حڪومت کي پريشان ضرور ڪيو آهي. جيڪڏهن اسٽيبلشمنٽ رڳو ايترو ئي ڪري ته عمران خان کي شٽ اپ ڪال ڏئي ڪري آئسوليٽ ڪري ڇڏي، ته ان سان به صورتحال ڪافي بهتر ٿي ويندي، پر سوال آهي ٻلي جي ڳچي ۾ گهنڊڙي ڪير ٻڌو؟ جيڪڏهن مخالف ڌر عمران خان کي ڪنٽرول ۾ رکڻ چاهي ته ان ايڪشن کي جمهوريت تي راتاهو قرار ڏنو ويندو، ان سان گڏ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ چيو ويندو ته اتحادي فاشسٽ هٿڪنڊا استعمال ڪن پيا، ائين جيئن ماضي ۾ ڪيو ويو. جيڪڏهن واڳ ڌڻين کي چيو وڃي ٿو ته اهي ڪن لاٽار ڪن ٿا ۽ اهي هي عذر ڏين ٿا ته اسان جو پنهنجو گهر رولڙي جو شڪار آهي، جيڪڏهن اهو ئي سنڀالي نه سگهجي ته پوءِ هو اوڙي پاڙي جي ڪهڙي مدد ڪندا؟
هينئر تائين اتحادي حڪومت پنهنجي ليکي، عالمي مالياتي ادارن سان ڳالهائي ڏٺو آهي ۽ ان ۾ ڪجهه اڳڀرائي به ٿي آهي، انهن عالمي قوتن کي ريجهائڻ لاءِ به هٿ پير هنيا آهن. اتحادي حڪومت دنيا جي ٿرڊ پارٽيز سان ڳالهايو آهي، پر هينئر تائين ڪابه ضمانت نه ٿي آهي ۽ ملڪ اندر معاشي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي، ڊالر آسمان سان ڳالهائي پيو، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا غائب ٿي رهيا آهن، مهانگائي اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزي سان وڌي رهي آهي. سپريم ڪورٽ جيڪو نئون راڳ ڳائڻ شروع ڪيو آهي، ان حوالي سان چيو پيو وڃي ته اعليٰ عدالت شايد بنگلاديش ماڊل کي متعارف ڪرائڻ چاهي ٿي. هي به چيو پيو وڃي ته ممڪن آهي ته صدر معاشي هنگامي حالتن جو اعلان ڪري، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت ته هوندي پر فيصلا پارليامينٽ بدران ايوان صدر ڪندو!
هي روزانو ٻڌايو پيو وڃي ته ٽيڪنوڪريٽس اچي ويا آهن، انهن جا پنڊي ۽ اسلام آباد ۾ انٽريوز ٿي رهيا آهن، عمران خان چاهي ٿو ته عام چونڊن جو اڄ اعلان ٿئي ته سڀاڻي ٻيو ڏينهن ٿئي، هي الڳ ڳالهه آهي ته عام چونڊن جي صورت ۾ به عمران خان خالي هٿئين هوندو، هن کي وزن جي خبر پئجي ويندي ته کيس ڪيترا ووٽ ملن ٿا، جيڪڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان جي مٿي تان هٿ هٽي ويو، جيڪو ڪجهه ڌرين جو هينئر به نظر اچي پيو ته قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت ته پري جي ڳالهه آهي، مخالف ڌر جي اڳواڻ جو ٽائيٽل به وڃائي سگهي ٿو، ائين جيئن ماضي ۾ پيپلز پارٽي سان ڪيو ويو!
هڪ طرف واڳ ڌڻي ٻڏتر جو شڪار آهن ۽ اهي انتهائي پريشاني وچان رڳو “نيوٽرل” جو راڳ الاپين پيا ته ان سان گڏ هو اتحادي حڪومت جي اخلاقي حمايت ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن. هينئر اتحادي حڪومت جا وڏا مخالف اهي ئي نظر اچن پيا، جيڪي هينئر به واڳ ڌڻين جون جتيون کڻڻ لاءِ تيار آهن، انهن جو ماضي به ڳجهو ناهي، انهن کي به ڪڏهن عاق ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن وري مٿي تي هٿ رکيو ويندو آهي، پر هينئر اهي واڳ ڌڻين جي آشيرواد يا بنا پٺي ٺپڻ کانسواءِ سيني تي هٿ هڻي ميدان ۾ لٿل آهن. هو سمجهن ٿا ته واڳ ڌڻين مان جن جي کين حمايت جي ضرورت آهي، اهي گڏ بيٺل آهن، جيڪڏهن انهن کي اهم ذميواري ملي وئي ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان کي اقتدار ۾ وٺي ايندا، ائين جيئن پي ٽي آءِ جي قيادت افواهه پکيڙي رهي آهي ته انهن کي اقتدار کان الڳ ڪرڻ جو عارضي ڪم ڪيو ويو آهي، هو جلد ٻيهر اقتدار جون موجون ماڻيندا ۽ عمران خان اسٽيبلشمنٽ جي ڏهه سالن جي منصوبي تحت هڪ ڀيرو ٻيهر وزير اعظم ٿيندو. حقيقت هي آهي ته واڳ ڌڻين جو اهو فارمولو هاڻ متروڪ ٿي ويو آهي. اهي عمران خان کي ويجهو اچڻ جي به اجازت ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. جيڪڏهن عمران خان کي ايتري ئي پڪ هجي ها ته هو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ اقتدار وڃائڻ جو ماتم ڇو ڪري ها؟ هن کي خاطري ڏني وڃي ها ته هو اطمينان سان بني گالا ۾ ويهي رهي ها. هن کي لانگ مارچ ۽ جلسن ڪرڻ جي ضرورت به محسوس نه ٿئي ها. پر عمران خان سمجهي ٿو ته شايد اسٽيبلشمنٽ جي موجوده قيادت گهڻو عرصو ڪمانڊ سنڀالي نه ويهندي،ان جي به موڪل ٿيڻ واري آهي، انڪري چيو پيو وڃي ته آڪٽوبر کان پهريان ئي عام چونڊون ڪرايون وڃن.
موجوده صورتحال ۾ اتحادي حڪومت لاءِ پنجاب جي صورتحال ۽ ملڪ جي اعليٰ عدالت اهم چيلينج ٿي سگهن ٿا. سپريم ڪورٽ جي پرسيپشن جي بنياد تي ورتل پاڻمرادو نوٽيس Panic ڦهلايو آهي. جيڪڏهن پارليامينٽ کي ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويندو ۽ هر معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويندو ته هي صورتحال افتخار چوڌري واري ٿي ويندي، انهن ڏينهن ۾ به جيڪڏهن ڪراچي جي روڊن ۽ رستن تي ٽريفڪ جام ٿيندي هئي ته ان جو به اعليٰ عدالت نوٽيس وٺندي هئي. ان کي جوڊيشل ايڪٽوازم جو نالو ڏنو ويو. اعليٰ عدالت ۾ سليڪٽو جج بينچ ۾ شامل ڪرڻ واري معاملي تي ڪاوڙ موجود آهي. هي سڀني کي ياد هوندو ته پاڙيسري ملڪ ڀارت جي سپريم ڪورٽ ۾ ساڳي صورتحال پيدا ٿي هئي ۽ ان وقت جي سينئر ججز، وقت جي چيف جسٽس جي خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي هئي. هي ڳالهه سوچڻ گهرجي ته اتحادي حڪومت فيصلو ڪيو ته اها سڌارن جو پيڪيج آڻيندي، جنهن ۾ نيب قانون ۾ ترميم ڪئي ويندي ۽ نيب کي هي اختيار ڏئي نٿو سگهجي ته اهو ڪنهن به جوابدار کي اڻ ڄاڻايل مدي تائين قيد ۾ رکي سگهي، ان سان گڏ جوابدارن جي ضمانت سميت ٻيا به ڪيترائي معاملا آهن، جن کي قانون سازي جي ذريعي سڌو ڪيو ويندو، موجوده حڪومت نيب جي چيئرمين کي به قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ان کي آرڊيننس جي ذريعي ويهاريو ويو، ان جو مدو به ختم ٿيڻ وارو آهي. هي سڀني کي ياد هوندو ته نيب جي قيد خانن مان رٽائرڊ برگيڊرز، پروفيسرز ۽ ٻين جا لاش هٿڪڙين ۾ نڪتا هئا. سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ان اداري ڪهڙي حالت ڪئي جو سپريم ڪورٽ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور ڪورٽ جي ججن کي چوڻو پيو ته هي سياسي دشمني پاڙڻ جو ادارو آهي. ان حوالي سان ڪيتريون ئي ججمنٽس به موجود آهن. هاڻ چيو ٿو وڃي ته نيب قانون ۾ تبديلي قابل قبول نه هوندي! سوال آهي ته هي اختيار ڪنهن به عدالت جو ناهي، پر پارليامينٽ جو آهي ته اها پنهنجي مرضي سان قانون سازي ڪري. ايف آءِ اي جي اڳوڻي ڊي جي بشير ميمڻ پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ ان خلاف ايترا سارا ڪيس داخل ٿي ويا، سڀ ڪوڙا ثابت ٿيا، اعليٰ عدالت ڪو به پاڻمرادو نوٽيس نه ورتو، هاڻ عدالت کي ياد آيو آهي. اِي سي ايل ۾ سياسي دشمني جي بنياد تي نالا وڌا ويا، جيڪڏهن حڪومت ڪڍيا ته ان ۾ ڪهڙي اربعا خطا ٿي؟ ڪنهن به حڪومت تي چيڪس اينڊ بيلينس هجڻ گهرجي، پر تاءَ واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ سان معاملا بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿيندا.
هاڻ پنجاب اسيمبلي جي پي ٽي آءِ جي ناراض 25 ميمبرن جن اتحادين جي اميدوار کي ووٽ ڏنو، انهن کي نااهل قرار ته نه، پر ڊي سيٽ ضرور قرار ڏنو ويو آهي. ان سان اسيمبلي ۾ ڪنهن به پارٽي کي گهربل اڪثريت نه ملندي، ان جو حل هي نڪرندو ته جنهن ڌر جا ووٽ وڌيڪ هوندا، ان جو وڏو وزير ٿيندو. هينئر به چوڌري پرويز الاهي هنبوڇيون هڻي رهيو آهي، جيڪڏهن هو وقتي گورنر ٿئي ٿو ته اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر وقتي اسپيڪر ٿي ويندو ۽ اهو چوڌري صاحب کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيندو. هي بحران ڪيترين ئي مشڪلاتن کي جنم ڏيندو. پر اتحادي حڪومت جو اصل امتحان وفاق ۾ آهي. هينئر به ن ليگ جي سينئر قيادت چئي رهي آهي ته سمورين ڌرين (خاص ڪري اسٽيبلشمنٽ) پنهنجي حصي جو بار نه کنيو ته هو اسيمبليون ٽوڙي نين چونڊن جو اعلان ڪندا، ڪي ٻيا حلقا به ساڳي نوعيت جا اشارا ڏئي رهيا آهن. ان جا امڪان به آهن ته اتحادي هڪ ڀيرو ٻيهر وقت کان اڳ عام چونڊن ۾ هليا وڃن. اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ گهاٽو اسٽيبلشمنٽ کي ئي ٿيندو. هڪ طرف عمران خان هوندو ۽ ٻئي پاسي اتحادي هوندا، هڪ پاسي سمنڊ هوندو ته ٻئي پاسي لشڪر هوندو، واڳ ڌڻي جنهن پاسي ويندا گهاٽي ۾ هوندا، انڪري جيستائين واضح سوچ سان معاملن کي درست نه ڪيو ويندو، ايستائين بحراني ڪيفيت ختم نه ٿيندي ۽ استحڪام به نه ايندو.