سنڌ پاڻي لا پريشان آهي، پاڻ کوٽ خلاف سراپا احتجاج آهي پر حڪمرانن اڃا تائين سنڌ جي ان زندگي ۽ موت جهڙي مسئلي کي حل ناهي ڪيو. زرعي پاڻي سميت پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آھي، شاخن ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رهي آھي، پاڻي نه هجڻ سبب زرعي زمينون بنجر ٿي رهيون آھن. مال متاع پاڻي ڦڙي لا تڙپي رھيا آھن، پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب آبادگارن جو معاشي قتل عام ٿي رهيو آهي.
خيرپور ضلعي جي مختلف واهن ۽ شاخن ۾ نهري پاڻي جي کوٽ خلاف خيرپور ۽ ڀروارن علائقن جي سوين عورتن مريم توب کان پريس ڪلب خيرپور تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين چيو ته هڪ سازش تحت سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، پاڻي نه هجڻ سبب هڪ طرف فصل سڪي رهيا آهن، جانورن جي پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي، پاڻي نه هجڻ سبب مڇيءَ جا تلاءَ به سڪي رهيا آهن، هزارين مڇيون روزانو مري وڃن ٿيون. پنجاب چشما لنڪ ڪئنال کولي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي پر سنڌ جا حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آهن. سب ڊويزن ايريگيشن پڊعيدن نصرت ڪينال مان نڪرندڙ چيهو مائينر شاخ ۾ 6 مهينن کان پاڻي نه ڇڏڻ خلاف سياسي سماجي اڳواڻن نصرت ڪينال پل کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو.
ڦلجي اسٽيشن ۾ آبادگارن توڙي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن حيدر چوڪ تي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري دوران پاڻي جي هٿرادو بحران خلاف نٽھڻ اس ۾ نعريبازي ڪئي. ڏهرڪي تعلقي جي مختلف واهن ۽ شاخن ۾ ٻن مهينن کان پاڻي نه پهتو آهي آبادگارن احتجاج ريلي ڪڍي جي ٽي روڊ تي ڌرڻو هنيو. بدين ضلعي جي سمورن تعلقن سميت سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سياسي سماجي ڌرين پاران ڦلڪارا چوڪ کان ريلي ڪڍي بس اسٽاپ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه تي ڌاڙو هڻي ضلعي بدين سميت سڄي سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي. اڳڙا ويجهو سيال پل تي آبادگارن احتجاج ڪيو.
پ پ اڳواڻ نثار احمد کهڙي سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو سبب تونسا بئراج کان گڊو بئراج تائين پاڻي جي وهڪرن جي مانيٽرنگ لاءِ ٽيلي ميٽري سسٽم جو نه هجڻ ۽ پاڻي جي منصفاڻي ورهاست نه ٿيڻ، پاڻي جي 1991ع واري معاهدي تي عمل نه ڪرائڻ جو ذميدار ارسا کي قرار ڏيندي چيو ته پاڻي جي سخت کوٽ جي صورت ۾ به غيرقانوني طور تي چشما جهلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال جيڪي فلڊ ڪئنال آهن انهن کي غيرقانوني طور کولي انهن ڪئنالن مان 12 هزار کان وڌيڪ ڪيوسڪ پاڻي کنيو پيو وڃي ۽ ارسا اهي ڪئنال بند ڪرائڻ بدران خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جيڪو عمل خريف جي سيزن ۾ سنڌ جا فصل سڪائڻ ۽ سنڌ سان زيادتي آهي. سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ باوجود هن وقت پاڻي جي گهٽتائي جو بار صرف سنڌ تي وجهي صرف سنڌ جي حصي مان پاڻي جي ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي جڏهن ته پنجاب واڌو پاڻي کڻي رهيو آهي جيڪا سنڌ سان ناانصافي آهي ان لاءِ پاڻي جي گهٽتائي صوبن وچ ۾ برابري جي بنياد تي ورهائي وڃي ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند ڪئنالن کي فوري طور بند ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ کي پاڻي جي ٽي رخي فارمولا تي سخت اعتراض آهي ان لاءِ وزيراعظم کان مطالبو آهي ته پاڻي ورهاست پیرا ٻه تحت ڪرائي 1991ع پاڻي معاهدي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ارسا کي پابند بڻايو وڃي.
آبپاشي واري کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته چشما جھلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪينالن جي مسلسل وھڪري سبب تربيلا ڊيم تيزي سان خالي ٿي رھيو آهي جڏهن ته ارسا غيرقانوني ووٽنگ ذريعي بلوچستان صوبي جي ميمبر جي مدد سان سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪينالز کي ھلائي رھيو آهي. آبپاشي واري کاتي جي صوبائي وزير جو چوڻ ھو ته ارسا پاران سنڌ کي پاڻي جي وڌيڪ شارٽيج ڏني پئي وڃي ارسا جي اھڙي غيرقانوني عمل جي سبب سنڌ کي خريف جي مند ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، ھن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت کي ارسا جي اھڙن غيرقانوني فيصلن کي فوري روڪڻ گھرجي ۽ صوبن جي وچ ۾ پاڻي معاھدي 1991 تحت پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي، ھن چيو ته قومي اسيمبلي جي پاڻي وسيلن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سب ڪميٽي جي رپورٽ کي پڻ جلد پڌرو ڪيو وڃي.
سنڌ جي آبادگارن ۽ هارين سميت سنڌ حڪومت به پاڻي کوٽ جون دانهون ڪري رهي آهي پر وفاق ۾ ويٺل حڪمرانن جي ڪنن تي ڪا جون نه پئي چري، اسان جو وفاقي حڪمرانن کان مطالبو آهي ته چشما جھلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪينالن ذريعي سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ بند ڪري، سنڌ ڏانهن پاڻي جي فراهمي کي فوري طور يقيني بڻايو وڃي.