ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

1999ع جي خطرناڪ سامونڊي طوفان جا ڏنل درد

Editorial-Article- Noor Muhammad Thahmore

قيامت خيز ۽ وڏي هولناڪ تباهي مچائيندڙ چڪردار واچوڙو يعني 19 مئي 1999ع تي سنڌ جي ساحلي پٽيءَ وارن ضلعن بدين، ٺٽي ۽ ڪراچيءَ ۾آيل انتهائي خطرناڪ سامونڊي طوفان زيرو اي ٽو کي 23 سال مڪمل ٿيا آهن، اُنهن ٽيويهن سالن جي گذرڻ باوجود به ساحلي پٽيءَ جا رهواسي اڄ به انهيءَ ظالم مھا آفت جي ڏنل دردن، ڏکن، سورن، تڪليفن ۽ اهنجن کي وساري نه سگھيا آهن، جنهن ۾هنن جي جگر جا ٽڪرا هميشه لاءِ وڇڙي ويا. هوڙا، ٻنيون،گھرگھاٽو، مال متاع، وسنديون، وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، جھنگلي جانور ۽ روڊن رستن سميت هر شيءِ تباھه ۽ برباد ٿي ويئي. خميس شام جمعي جي رات آيل هن قيامت صغريٰ برپا ڪندڙ موتمار طوفان جي رفتار 270 کان 320 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هئي. سمنڊ کان ڪناري تائين اٽڪل 350 ڪلوميٽرن جي ويڪر ۽ 522 ڪلوميٽرن جي ڊيگھه ۾ هن چڪردار طوفان مڪمل تباهي مچائي ڇڏي. ڏيپلي کان ڪيٽي بندر تائين جو علائقو هن واچوڙي جي ور چڙهي ويو هو. اهو انتهائي خطرناڪ سامونڊي طوفان پاڪستان جي تاريخ ۾ 2019ع تائين آيل طوفانن مان شديد ترين طوفان هو. هڪ اندازي مطابق هن آفت ۾ 10 ارب ڊالرن جي ماليت جو نقصان پهتو هو. يارهن سئو ماڻهو هن واچوڙي جي ور چڙهي ويا، جيڪي ماڻهو ڳوٺن ۾ ٻڏي فوت ٿيا اُنهن مان گھڻن جا لاش ته مليا پر جيڪي سمنڊ ۾ گهاتو گهور تي ويل هئا انهن جي اڪثريت جا لاش اڄ به ناهن ملي سگھيا ۽ انهن گم ٿيلن جي ونين، مائرن، پيئرن، ڀائرن، ڀينرن ۽ عزيزن کي اڄ به اهو آسرو آهي ته اُهي هن پار پاڙيسري ملڪ جي زندانن ۾ قيد آهن ۽ ڪڏهن نه ڪڏهن واپس ضرور موٽي ماڳ ايندا. انهن ٻيڙياتن جون چوڏهن سئو ٻيڙيون، 25هزار چوپايو مال، 15 هزار گھرگھاٽ، 10 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل، 516 آباد وسنديون، ماڳ، مڪان به هن واچوڙي جي ور چڙهي ويا. هن قيامت خيز طوفان جي هولناڪ تباهي ۽ بربادي جو اندازو توهان ديهھ دونهين يونين ڪائونسل ڪڙملڪ تعلقو جاتي جي رڳو هڪڙي ڳوٺ عبدالرحمان دانڌل مان لڳائي سگھو ٿا، جنهن ۾ 61 ماڻهو ٻڏي فوت ٿيا ۽ انهيءَ ڳوٺ لڳ نور محمد چالڪو جي ڳوٺ ۾ 25 ماڻهو ٻڏي فوت ٿيا. سامونڊي گهاتوئن جا لاش تمر جي وڻن تي ٽنگيل هئا ته ڪن جا وري ڍورن، ڇاڙن، تڙن ۽ ڪڇ جي رڻ ۾ پيل هئا. جيڪي گهاتو گھايل ٿيا، انهن کي بچائڻ جي لاءِ ڪي به تڪڙا اپاءُ نه ورتا ويا، نتيجي ۾ اهي زخمن جو تاب، ايذاءُ، بک ۽ اڃ وگھي تڙپي تڙپي مري ويا. سامونڊي لهرون 20 فوٽ کان 30 فوٽ جي اوچائي سان آيون هيون، اّهي ايتريون ته طاقتور ۽ تيز هيون جو 60 کان 80 ڪلوگرام جون ساموندي مڇيون به سمنڊ کان ٻاهر خشڪي تي مئل نظر آيون، ايل بي او ڊي جا 20 فوٽ مٿاهين وارا بند به سٽ نه سهي ذري ذري کان ٽٽي ويا، هن خوني سم نالي طوفان دوران باھه تي پيٽرول هارڻ وارو ڪم ڪيو، هن سم نالي جي 42 ڪلوميٽر ڊگھي ٽائيڊل لنڪ جي ساڄي پاسي ٺاهيل چولري ويئر جيڪا جاتي ۽ گولاڙچي جي سم نالن جو پاڻي ايل بي او ڊي ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ ٺاهي ويئي هئي سا سامونڊي ويرن سبب تباھه ٿي ويئي ۽ سامونڊي ڍورن جٻو لئگون، تاريخي بندرگاهھ اورنگا، نريڙي لئگون، ٻين سرسبز ڍنڍن ۽ ٻنين کي تباھه ۽ برباد ڪري آباد وسندين ڏانهن رخ ڪيو هو. مٿي بيان ڪيل چولري ويئر مان طوفان دوران اُٿيل 20 فوٽن جي تيز ۽ تکين لهرن تيزيءَ سان ڪاري گونگڙي جي ٽيل وارن ڳوٺن عارب رڇو، بچي دانڌل، عاربي رڇو، بچو دانڌل، سومار رڇو، زيرو پوائنٽ، ڪاري گونگڙي جي اولھه ۾ واقع ڳوٺن بشير دانڌل، اسماعيل دانڌل، عبدالرحمان ڌانڌل ۽ نور محمد چالڪو ۾ وڏي تباهي مچائي ڳوٺاڻن جا لاش ٻٻرن، ديوين ۽ لئي جي وڻن تي ٽنگيل هئا. لاش دفنائڻ لاءِ خشڪي واري جڳھه نه بچي هئي نتيجن جنازن کي ٽريڪٽر ٽالن ۾ وجهي جاتي جي مگرڀين واري قبرستان آندا ويا، جتي انهن کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ۽ ڪجھه جنازن کي گڏاپ نالي جي پٽڙي تي به دفن ڪيو ويو. سامونڊي گهاتو جيڪي اٽڪل 450 گم يا فوت ٿيا هئا انهن مان گهڻن جا ڪانڌي ڪنگ ٿياس ڪجھه جا لاش طوفان جي ٽن ڏينهن کان پوءِ آڻي پنهنجن پنهنجن اباڻن قبرستانن ۾ دفن ڪيا ويا پر اڪثريت جا لاش نه ملي سگهيا، باقي جيڪي پوءِ مليا انهن جي حالت سڃاڻپ کان ٻاهر هئي ڇو ته سخت گرمي جي ڪري اُهي ڳريل حالتن ۾ هئا، ٻين ڪيترن ئي ماهيگيرن جي ڪپڙن ۽ ٻين پار پتن جي ذريعي سڃاڻپ ڪري اُتي ئي سمنڊ ۾ الله جي حوالي ڪري مسافر سمجهي دفن ڪيا ويا. ان وقت جي ضلعي انتظاميه ٺٽو جڏهن وفاقي گهرو وزارت ۽ پرڏيهي وزارت ذريعي طوفان ۾ گم ٿيل 450 سنڌي گهاتوئن جي لسٽ انڊيا جي حڪومت حوالي ڪئي ته موٽ ۾ انڊيا جي حڪومت 3000 گم ٿيل گجرات جي ماهيگيرن جي لسٽ به ڏني. انڊيا جا فقط ٽي ماهيگير جاتي جي سامونڊي علائقي مان زندھه هٿ آيا، جڏهن ته اسان جا سنڌي گهاتو فقط 19 ڄڻا 4 هوڙن سميت ڀڄ ۽ لکپت ويجهو ڀارتي انتظاميه کي زنده هٿ آيا، جن کي ڪجهھ مهينن کان پوءِ آزاد ڪيو ويو. ان وقت جي حڪومت جي وزير اعظم نواز شريف 20 مئي 1999ع تي پنهنجي سرڪاري فرمان ۾ فرمايو ته طوفان مڙيئي خير سان گذري ويو آهي، هن چيو ته مون کي مشاهد حسين جيڪو ان وقت وفاقي وزير اطلاعات و نشريات هو تنهن صاحب ٻڌايو آهي ته فقط هڪڙو ماڻهو چوهڙ جمالي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ جي ڪري فوت ٿيو آهي باقي خير لڳو پيو آهي. ميان صاحب جو اهڙو بيان ان وقت ريڊيو پاڪستان تان 20 مئي جمعي جي شام جو خبرن ۾ نشر ڪيو ويو، ساحلي پٽي جي رهواسين کي ان بيان جي حيرت ان ڪري نه ٿي جو ميان صاحب ٽنڊي بهاول جي شهيد ڳوٺاڻن کي به پرڏيهي ايجنٽ قرار ڏنو هو ۽ کين شهيد ڪندڙن کي شاباش ڏني هئي ۽ انهن کي انعام ڏيڻ جا اعلان ڪيا هئا. پر سنڌي اخبارن ۽ بي بي سي جي حيدرآباد واري رپورٽر علي حسن جنهن ٽنڊي بهاول واري واقعي جا پول پڌرا ڪيا هئا، وري ان ساڳئي رپورٽر سامونڊي طوفان بابت رات جو 8 بجي واري خبرن ۾ سامونڊي طوفان ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ جو ٻڌايو، هن رپورٽ ۾ چيو ته بدين جي ضلعي انتظاميه فوج جي مدد سان ڪڍڻ، سيراڻي ۽ ڀڳڙا ميمڻ جي طرف رواني ٿي چڪي آهي، هن اهو به ٻڌايو ته ايل بي او ڊي ۾ گھارا پئجي چڪا آهن، ڳوٺن جا رستا مڪمل طور تي ڪٽجي چڪا آهن امدادي ڪارواين ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ميڊيا جي رپورٽس کان پوءِ ميان نواز شريف متاثر علائقي جا ڪيترائي دورا ڪيا، وزير اعظم صاحب ست دفعا جاتي تعلقي جو دورو ڪيو ۽ هو صاحب طوفان ۾ سخت متاثر ٿيل ڳوٺ عبدالرحمان دانڌل ۾ ڪيترائي دفعا ويو جتي هن اعلان ڪيو ته هي ڳوٺ ماڊل وليج ٺاهيو ويندو پر افسوس اهو ڳوٺ اڄ ڏينهن تائين ٺهي نه سگھيو، اهڙي طرح سندس ڀاءُ ميان شهباز شريف جيڪو ان وقت وزير اعليٰ پنجاب هو، تنهن وري پنجاب حڪومت طرفان ٻن ڳوٺن نور محمد چالڪو ۽ گولو منڌرو کي ماڊل وليج ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، هنن ٻنهي ڳوٺن مان ڳوٺ گولو منڌرو ٺهي سگهيو باقي نور محمد چالڪو جو واعدو وفا نه ٿي سگھيو. هن قيامت خيز طوفان ۾ فوت ٿيل ماڻهن لاءِ حڪومت في فوتي هڪ لک روپيا معاوضي جو اعلان ڪيو، پر حڪومتي اعلان کي ڪامورن کنگھيو ئي ڪونه، انهن پنهنجي من پسند پاليسي ٺاهي ٻه ڪيٽيگيريز ٺاهيون هڪ ته جيڪي گھرن جا ڪمائيندڙ يا سربراهھ هيا انهن کي هڪ لک روپيه ٻيا جيڪي گهر جا ڀاتي فوت ٿيا انهن کي ٽيھه هزار ڏنا ويا، جيڪي 450 ملاح سمنڊ ۾ گم ٿيا انهن لاءِ چيو ويو ته نوي ڏينهن کانپوءِ پوليس ڪاروائي ڪري انهن کي فوتي قرار ڏيئي معاوضو ڏنو ويندو پر اڄ ڏينهن تائين اهو واعدو وفا نه ٿي سگهيو، اهڙي طرح گھرن جون ٻه ڪيٽيگيريز ٺاهيون ويون ته مڪمل تباهھ ٿيل گھر کي پنج هزار ۽ جزوي طور تباهھ ٿيل کي ٻه هزار ڏنا ويا. مڪمل طور تباھه ٿيل هوڙن جي مالڪن کي 10 هزار ۽ جزوي طور تباھه ٿيل ٻيڙين جي مالڪن کي پنج هزار ڏنا ويا، جڏهن ته چوپايي مال ۽ فصلن جو معاوضو نه ڏنو ويو، فوتين، ٻيڙين ۽ گھرن جي معاوضي وارن چيڪن ۾ معمولي غلطين جي ڪري بدين ۽ ٺٽي جي ضلعي انتظاميه هزارين حقدار متاثرين کي معاوضو نه ڏنو. انتهائي دهشت ۽ خوف ۾ مبتلا ڪندڙ هن قدرتي آفت کي ساحلي رهواسين قيامت سمجهيو ڇو ته انهن اھڙي قدرتي شامت ڪڏهن به پنهنجي اکين سان نه ڏٺي هئي.
18 مئي اربع جي شام خميس جي رات جو ريڊيو پاڪستان حيدر آباد تان 7:30 تي نشر ٿيل مقامي يا مڪاني خبرن ۾ بدين ۽ ٺٽي ضلعن جي ساحل مان طوفان جي گذرڻ ۽ ان سان گڏ برسات جي وسڻ جو ٻڌايو ويو ۽ 19 مئي خميس جي صبح سان ئي ڏکڻ اوڀر جي طرف کان تيز هوا سان گڏ برسات شروع ٿي ويئي هئي ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان صبح واري پروگرام صبح مهراڻ، سڳنڌ ۽ مهڪار ۾ برسات جي خوشيءَ ۾ نغما، گيت ۽ ڪلام هلي رهيا هئا. جڏهن ته اربع جي ڏينهن ۽ خميس جي رات اهو طوفان انڊيا جي رياست گجرات جي سامونڊي ڪناري پور بندر، ڪنڊلا، اوکا، لکپت ۽ ٻين علائقن سان ٽڪرائجي چڪو هو جنهن ۾ ڇهن هزارن کان وڌيڪ ماڻهون فوت، ٽن هزارن کان وڌيڪ ماهيگير، ڇھ هزار ٻيڙيون ٽٽي يا گم ٿي ويون ۽ سمنڊ ڪناري لوڻ ٺاهيندڙ سوين ماڻهو فوت ۽ گم ٿي ويا هئا، اُهي خبرون به ريڊيو پاڪستان ۽ آڪاش واڻي ڪڇ ڀڄ ٻڌائي رهيا هئا. ٺيڪ انهيءَ خميس جي ڏينهن 2 بجي کانپوءِ ريڊيو پاڪستان حيدر آباد تان ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد، ضلعي انتظاميه بدين ۽ ٺٽو جي طرفان اعلان ڪيا ويا ته ساحلي پٽي جا رهاڪو محفوظ ۽ مٿاهين جاين تي هليا وڃن ۽ سمنڊ ۾ ويل ماهيگير واپس اچن، جڏهن ته ان مهل صبح کان جاري شديد برسات ۾ سڀئي رستا ڪٽجي ويا هئا، گھر ڪرڻ لڳا هئا، ويتر ريڊئي تان نشر ٿيندڙ پيغامن جي ڪري شديد خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو. ٻنهي ضلعن جي انتظاميه روڊن رستن جي ڪٽجڻ جي ڪري اڳتي وڌي نه سگھي فقط پڪن رستن وارن ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن تائين پهچي سگھي. ماهيگيرن ۽ سمنڊ ڪناري آباد وسندين لاءِ ڪي به هنگامي قدم نه کنيائون. ان ڪري سنڌ جي سامونڊي تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏي تباهي آئي.
عالمي تپش جي ڪري گرمي پد جو وڌڻ، سامونڊي پاڻيءَ جي سطح ۾ واڌ، برفاني گليشئرس جو رجڻ، آبهوا جي تبديلي، فضا ۾ خطرناڪ گئسن جو ڦهلاءُ، ٻيلن جي واڍي، سامونڊي کاڌ ۽ ٻين سببن جي ڪري هي خطو هميشه آفتن جي ور چڙهيل آهي. جاني، مالي ثقافتي ۽ سماجي نقصان کان بچڻ لاءِ فوري طور تي قدرتي آفتن کان بچاءُ لاءِ اڳواٽ اطلاع جو نظام نصب ڪيو وڃي، سمورن ڳوٺن ۾ مٿاهين جاين تي محفوظ ۽ حفاظتي ايمرجنسي شيلٽر تعمير ڪيا وڃن، ڪراچي کان علي بندر تائين ڪوسٽل هائي وي ٺاهيو وڃي ۽ ڳوٺن کي لنڪ روڊ ڏيئي هن رستي سان ڳنڍيو وڃي، موبائيل فون جا ٽاور لڳايا وڃن جيئن مواصلاتي نظام مضبوط ٿئي، تمر جي ٻيلن جي واڍي بند ڪري نوان ٻيلا لڳايا وڃن ڇو ته هي سامونڊي طوفان کي روڪين ٿا، انڊس ڊيلٽا ۾ ماحولياتي توازن کي برقرار رکڻ لاءِ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ مسلسل پاڻي ڇڏيو وڃي، 1999ع واري طوفان ۾ اعلانيل ماڊل وليج ٺاهيا وڃن، گم ٿيل ماهيگيرن ۽ ٻين نقصانن جا رهيل معاوضا ڏنا وڃن، ذوالفقار آباد جو منصوبو رد ڪري اُهي پئسا هنن علائقن جي بحاليءَ تي خرچ ڪيا وڃن. سامونڊي ڪناري وارن ڳوٺاڻن کي قدرتي آفتن کان بچاءُ، فوري طبي امداد، ڳولھا ۽ بچائڻ جون تربيتون ڪرايون وڃن جيئن قدرتي آفتن ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان کي گھٽ ڪري سگھجي ۽ ڪنهن وڏي جاني مالي تباهيءَ ۽ بربادي کان بچاءُ ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button